سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

ڪوريا وارن لاءِ سنڌ جي سوکڙي

قائونصلخاني کان سڌو آفيس ڀڳس ۽ اڪائونٽنٽ کي ڊوڙائي ٽڪيٽ گهرائي ورتم. هاڻ مونکي ڪجهه تحفا خريد ڪرڻا هئا ڇو ته مسٽر ريانگ اوهه لکيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه تحفا وٺي اچان جيڪي سيئول ۾ خاص مهمانن کي ڏيڻا هئا. مان سڌو زينب مارڪيٽ ۾ هڪ ٿريءَ جي دڪان تي پهتس ۽ ٻه اجرڪ ۽ ٻه سنڌي ٽوپيون خريد ڪيم. هن ته سوکڙي طور شراب جي بوتل جو لکيو هو، پر مون کيس ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، پر لڪ ڇپ ۾! شراب جي بوتل کڻي هوائي اڏي تان ٻاهر سفر ڪرڻ ممڪن نه هو (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ). ان ڪري مون ثقافتي سوکڙيون وٺي سيئول ۾ سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي روشناس ڪرائڻ بهتر سمجهيو.
زينب مارڪيٽ ۾ سنڌي ثقافتي شين جا کوڙ دڪان آهن. مان جنهن ٿري دڪاندار کان خريداري ڪندو آهيان، اهو ويچارو ٻاڙيو ويٺو هو. ٻڌايائين ته ڪاروبار ٺپ آهي ۽ 3 نومبر تي هنگامي حالتون لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ته حالتون ويتر غير يقيني ٿي ويون آهن. کيس افسوس هو ته ڪراچي ۾ هيترا پرڏيهي سفارتخانا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ پرڏيهي اچن ٿا پر سندن ثقافتي سامان جي کپت ڪانهي. مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيس. مونکي اڃان ڪجهه ڪم ڪرڻا هئا ۽ گهر وڃي ننڊ به ڪرڻي هئي ڇو ته سڄي رات جي اوجاڳي سبب اکيون سڙي رهيون هيون. ويندي ويندي ٿري دڪاندار کي ٻڌايم ته سندس اجرڪ ۽ ٽوپيون ڪوريا ۾ سوکڙيءَ طور پيش ڪندس.
مارچ 1990 ۾ به جڏهن زندگي جي پهرين پرڏيهي سفر تي ڪابل ويو هئس ته هتان سنڌ جي سوکڙي اجرڪ کڻي ويو هئس ۽ ان وقت جي افغان صدر ڪامريڊ نجيب الله کي اوڍرايو هئم. ثقافتي سوکڙين جي پنهنجي اهميت آهي ۽ اهي وڏي وقت تائين سانڍيون ۽ ياد رکيون وڃن ٿيون. افغان انقلاب جي دشمنن ڪامريڊ نجيب الله کي گهڻو وقت رهڻ نه ڏنو.1992۾ جڏهن هو قومي مصالحتي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو تڏهن آمريڪا ۽ پاڪستاني ايجنسين جي پاليل هٿ ٺوڪين مجاهدن اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ ڪامريڊ گڏيل قومن جي سفارتخاني ۾وڃي پناه ورتي پر سيپٽمبر 1994۾ وحشين کيس پڪڙي سرِعام ڦاهي ڏئي ڇڏي ۽ سندس جسم ڏينهن جا ڏينهن هڪ ٿنڀي تي لٽڪندو رهيو. وقت ۽ حالتن ڪامريڊ جو ساٿ نه ڏنو پر مونکي پڪ آهي ته سنڌ جي سوکڙي اقتدار وڃڻ تائين سندس ذاتي سوکڙين جي مجموئي ۾ شامل رهي هوندي. (مونکي مئي 1988 ۾ سنڌ قومي اتحاد ٺهڻ جي موقعي تي سن ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي هٿن سان اجرڪ جي سوکڙي ڏني هئي، جيڪا اڄ ڇويهين سال به مون وٽ محفوظ آهي. اهو اجرڪ جيئي سنڌ محاذ يونٽ فريد آباد طرفان ڏنو ويو هو جنهن تي ان يونٽ جو نالو زريءَ سان لکيل آهي.)
افغانستان جي سفر ۾ عبدالواحد آريسر۽ مان گڏ هئاسين. آريسر ان وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين هو. افغان حڪومت پختون قومپرست اڳواڻ شهيد عبدالصمد اچڪزئيءَ جي ورسيءَ تي هڪ سيمينار ڪوٺايو هو ۽ ان ۾ شرڪت لاءِ پختونخواه ملي عوامي پارٽيءَ جي معرفت اڳواڻن، دانشورن ۽ صحافين کي دعوت ڏني هئي. سنڌ مان جيئي سنڌ محاذ کي ٻه ماڻهو موڪلڻ جو چيو ويو هو ۽ محاذ جي دوستن آريسر ۽ مونکي محاذ جي نمائندگيءَ لاءِ ڪابل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو. حقيقت ۾ مونکي ته خبر ئي ڪانه هئي پر هڪ ڏينهن محاذ جي دوست سيد غلام شاهه چيو ته پاسپورٽ ٺهرائي ڇڏيان ڇوته ڪنهن مهل به افغانستان روانگي ٿيندي. اڃان تيارين ۾ هئاسين ته افغان وزيرِ دفاع شاهنواز تنائيءَ هٿان ڪامريڊ خلاف بغاوت جي خبر آئي جيڪا ناڪام ٿي هئي پر تڏهن به خيال هو ته هاڻ شايد پروگرام نه ٺهي. حيرت ان وقت ٿي جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نياپو مليو ته پروگرام پڪو آهي. هڪ ڏينهن سيد غلام شاهه ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ جو مقامي اڳواڻ واچ مينهن ڪندا اچي پهتا ۽ پاسپورٽ وٺي ويا. هڪ ڏينهن اندر هنن افغانستان ۽ انڊيا جي ويزا هڻائي 22 مارچ تي پاسپورٽ منهنجي حوالي ڪيو ۽ ان ڏينهن ئي رات جو اسان جي فلائيٽ هئي. ڪابل لاءِ سڌي فلائيٽ نه هجڻ ڪري اسان کي دهليءَ رستي وڃڻو هو. آريسر ۽ مان 23 مارچ تي ڪابل پهتا هئاسين ۽ 25 مارچ تي ڪامريڊ نجيب الله سان ملاقات ٿي. افغانستان جي سفر جو تفصيلي ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
*