ڪوريا ۾ ٻيو ڏينهن
رات ته هوٽل ۾ خير سان گذري جو اُتي سينٽرلي هيٽنگ سسٽم هو. محسوس ئي نه ٿيو ته ڪنهن سرد ملڪ ۾ آيو آهيان. صبح جو نيرن ڪري نائين وڳي هوٽل مان روانگيءَ جو پروگرام هو. منهنجي نيرن ڇا ٿي هوندي اُهو هن مهل تائين ڪيل احوال مان سمجهي سگهجي ٿو.ڪوريائي کاڌو ۽ بي سائي چانهه !ماٺ ڪري ٻن ٽن بسڪوٽن تي گذارو ڪيم ڇو ته دير ٿي رهي هئي. هونئن ڪجهه وقت هجي ها ته کائڻ جي ٻي ڪا شئي ڳولي وٺجي ها.
هوٽل جي ٻاهران هڪ شاهي ڪوچ انتظار ۾ بيٺل هئي. ڪوريائي ميزبان ايترا ته نياز نوڙت وارا هئا جو اسان جو ڳرو سامان پاڻ کڻي ڪوچ جي خانن ۾ رکندا رهيا. رات جي ڀيٽ ۾ ٿڌ ڪجهه گهٽ هئي پر ڪوٽ کانسواءِ چاڙهو ڪو نه هو. ڪوچ اندر ته ٿڌ جو احساس ئي ڪو نه هو جو اُن ۾ هيٽنگ سسٽم هو. مٿان وري انسٽنٽ ڪافيءَ جو انتظام مزو اچي ويو.
اسان جي روانگي مانهاءِ ڳوٺ Manhae village ڏانهن هئي پر اُن کان اڳ پهرين منزل سام سنگSamsung ڪمپنيءَ جو هيڊ آفيس ڪامپليڪس هئي. جيئن ئي ڪوچ رواني ٿي ته ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ريانگ اوهه مائيڪ کڻي مختصر تعارفي تقرير ڪئي ۽ پوءِ هر مهمان ۽ ميزبان پنهنجو پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو. ڪوچ ۾ اسان ڪل ويهه پنجويهه ڄڻا هئاسين، جن ۾ پاڪستان جي نمائندگي مون پي ڪئي، انڊيا مان ڀاٽيا صاحب، انڊونيشيا مان مسٽر ايڊي، ملائيشيا مان هڪ پڪي عمر جي ٽريڊ يونين ليڊر عورت نوريلا، ٿائلينڊ جو پروفيسر سلاياڪانونڊ وراسڪ، بنگلاديش جو شفيق البشر، منگوليا جو چلنباتر ڊولگر، سنگاپور جو آئيوان لِم آمريڪا مان ڪوريائي صحافڻ مس ڪيلي، ايسوسيئيشن جي هڪ ترجمان ڇوڪري، ايسوسيئيشن جو صدر سانگ ڪي لي، هڪ نوجوان فوٽوگرافر ۽ ڪجهه ٻياشامل هئا.
هڪ ته سنڌ سان ملندڙ راجستان جو ڀاٽيا ۽ ٻيو ته اردو ڳالهائيندڙ، ان ڪري مونکي ساڻس ويجهڙائپ محسوس ٿي ۽ ساڳيا جذبا ڀاٽيا صاحب جا هئا. ان ڪري اسان ٻئي هڪٻئي ڀرسان ئي ويٺاسين ۽ سمورو وقت ڪچهري ڪندا رهياسين. هونئن سڀئي ساٿي زنده دل هئا ان ڪري سڀ هڪٻئي سان چرچا ڀوڳ ۽ ڊاڙا ٺڪاءَ ڪندا رهيا. وچ ۾ ڪافيءَ جو دور ۽ ڊي وي ڊيDVD پليئر تي گانا به هلندا رهيا.محسوس ئي نه ٿيو ته اسان سڀ هڪٻئي سان پهريون ڀيرو مليا آهيون.
هوٽل تان روانو ٿيڻ کان وٺي کوڙ وقت دريءَ مان جائزو به وٺندو رهيس ته نيٺ شهر کُٽندو ۽ ٻهراڙي شروع ٿيندي، ڪي ڀڳل رستا نظر ايندا، پر اهڙو ڪو منظر نظر نه آيو . پري پري تائين خوبصورت رستا ايئن ٿي لڳا ڄڻ ويجهڙ ۾ ٺهيا هجن. لنڪ روڊن جو ڄار اهڙي نموني وڇايل هو جو ڪابه گاڏي اوچتو شاهراهه تي نه پئي چڙهي بلڪ انڊر پاس مان ٿيندي اچي مکيه ٽريفڪ سان پئي ملي جنهن سان ڪنهن به گاڏيءَ کي بريڪ هڻڻ جي ضرورت نه پئي پوي. ڪوريا جون شاهراهون حقيقي نموني سگنل فري هيون، ڪراچيءَ وانگر نه، جتي ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت اربين رپين جو مال کائڻ لاءِ سگنل فري ڪاريڊور ٺاهڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي.
سيئول شهر ته گهڻو پٺتي رهجي ويو هو پر اسان کي هر هنڌ شهري علائقو پي لڳو ڇوته شاهراهه جي ٻنهي پاسي خوبصورت عمارتون، اسٽور ۽ پيٽرول پمپ تعمير ٿيل هئا. ڪن هنڌن تي جبل ۽ شاهراهه جي وچ ۾ ٻني ٻارو به ڏسڻ ۾ آيو ، پر لابارو ٿيل هو ۽ بُهه يا پلال کي ايترو ته صفائيءَ سان پلاسٽڪ ۾ ويڙهي رکيو ويو هو جو هوائن لڳڻ سان هڪ ڪک پن به زيان نه ٿئي. اسان وٽ سنڌ ۾ لابارن کان پوءِ بُهه يا پلال تي گارو هڻي ان کي زيان ٿيڻ کان بچايو ويندو آهي.
مون ۽ ڀاٽيا اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ته سڄي سفر ۾ ڪٿي به اسان کي ڪا پراڻي يا ڊينٽ پيل گاڏي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. ڀاٽيا ته گهڙيءَ گهڙيءَ ان جو اظهار به ڪيو. سندس خيال هو ته انڊيا ۽ پاڪستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جتي ٻين ڳالهين سان گڏ پراڻين ۽ ڀڳل گاڏين وارو ڪلچر به ساڳيو آهي. ڀاٽيا ڪنهن زماني ۾ ڀارت جي اطلاعات کاتي ۾ آفيسر هو ۽ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان گهمي چڪو هو. جنرل ضياءجي زماني ۾ جڏهن اوجهڙي ڪئمپ وارن بم ڌماڪن اسلام آباد ۾ وڏي تباهي آندي هئي تڏهن به هو اُتي ترسيل هو.
ٽيهه چاليهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کانپوءِ ڪوچ هڪ هنڌ بيٺي ته ٻئي ڇوڪريون ۽ ٻه ٽي ٻيا ساٿي لهي هڪ عمارت ۾ هليا ويا. پڇڻ تي ٻڌاين ته اهي ريسٽ رومRest Room آهن ۽ اسان جا ساٿي فريش Fresh ٿيڻ ويا آهن .ممڪن آهي ته گهڻن ئي پڙهندڙن کي ريسٽ روم جي خبر هجي، پر ڪي مون جهڙا به هونداجن کي ان جي ڄاڻ نه هوندي.مونکي به سچ ته 6 ست ورهيه اڳ نيپال جي دوري ۾ خبر پئي ته ريسٽ روم اصل ۾ ٽوائليٽ کي چيو وڃي ٿو. کٽمنڊوجي ٻهراڙيءَ ۾ دلڪش نظارن وارن جبلن تي گوڊاوري وليج رزارٽ ۾ ڊائننگ هال ڀرسان ٻن دروازن تي ريسٽ روم لکيل هو . هڪ تي مرد ۽ ٻئي تي عورت جي تصوير ٺهيل هئي. مونکي ماني کائڻ کانپوءِ هٿ ڌوئڻا هئا پر سوچ ۾ هئس ته ڪاڏي وڃان. ريسٽ روم لاءِ سمجهيم ته شايد آرام ڪرڻ جا ڪمرا آهن، پر پڇڻ تي خبر پئي ته اهي واش روم آهن جتي “فريش” به ٿي سگهبو. سچ ته فريش ٿيڻ جي خبر به هندستاني فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن مان پئي جو اداڪارائون ڪنهن جي پڇڻ تي ٻڌائينديون آهن ته هو فريش ٿيڻ ويون هيون. اسان وٽ عام طور ٽوائليٽToilet لفظ استعمال ٿئي ٿو، يا اڃا به ٿورو ماڊرن ته واش روم .washroom اسان سنڌي شهيد ڀٽي جي زماني ۾ ڪراچيءَ آياسين ته شهر جي اڪثر سائن بورڊنSign Boards ۽ بل بورڊن Bill Boards تي ٽُليٽ To let لکيل ڏسي حيران ٿيندا هئاسين ته اتي ٽوائليٽ ڪٿان آيو. مونکي ڪوريا جي ريسٽ روم واري عمارت ڏسي پاڪستان جا “ريسٽ روم” ياد آيا جن کي پبلڪ ٽوائليٽ سڏيون ٿا ۽ جن مان اُٿندڙ ڌپ پري کان ئي حملو ڪري ڀڄڻ تي مجبور ڪندي آهي. پنج فُٽن جي سوڙهي ڪوٺيءَ ٻاهران وصوليءَ تي ويٺل ماڻهو ته ڪنهن قسم جي حاجت تان ئي دل کڻائي ڇڏيندو آهي.
جيستائين اسان جا ساٿي “فريش” ٿي اچن، مان ڪوچ مان لهي ڀرسان رديءَ جي ٽوڪريءَ وٽ وڃي سگريٽ پيئڻ لاءِ بيٺم جو ڪوريا ۾ هر هنڌ سگريٽ نٿو پي سگهجي ،جتي رديءَ جي ٽوڪري رکيل هجي، ڀرسان سگريٽ پي ٽوٽو ان ۾ اڇلائي پوءِ روانو ٿجي. اسان پاڪستاني جيئن ته قانون جا وڏا پابند آهيون (ملڪ کان ٻاهر، پنهنجي ملڪ اندر نه) تنهنڪري مون به انهيءَ تي عمل ڪيو. اسان جو نوجوان ساٿي فوٽوگرافر به اتي سگريٽ پي رهيو هو. مون جڏهن سگريٽ دکائڻ لاءِ ماچيس کيسي مان ڪڍيو ته حيران ٿي ويو. چيائين: اوهه اولڊ فيشن. هن وٽ لائيٽر هو ۽ ماچيس هن لاءِ پراڻي زماني جي ڪا شئي هئي. ڪوريا اسان کان ايترو اڳتي نڪتل آهي.
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته مان سيئول ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ هيس، پر ميزبانن ٻڌايو ته سيئول پوئتي رهجي ويو آهي ۽ هاڻي اسان سُوان ڪيانگي صوبي ۾ آهيون ۽ ٿورو اڳتي ئي سام سنگ ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ايندي.
*