سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

ڪوريا ۾ گورک جبل جي ياد

ساڳيا پُر پيچ رستا وٺي جبل تان هيٺ لهي مانهاءِ ڳوٺ واري هوٽل تي پهچڻو هو جتي اسان جون وڏيون بسون بيٺيون هيون. آرام واري زندگي گذارڻ جي عادي ماڻهن لاءِ ڪنهن جبل تي مندر ۾ ڪمري اندر پَٽ تي جنرل وارڊ وانگر پنج ماڻهن سان سمهڻ ۽ نه کائڻ جهڙو کاڌو ملڻ هيو ته ڏاڍو ڪَٺَن مرحلو، پر حقيقت ۾ زندگيءَ جو هڪ وڏو تجربو هو ۽ اسان مان ڪنهن کي به انهن تڪليفن سبب ميزبانن تي ڪنهن قسم جي ڪاوڙ ڪانه هئي. بعد ۾ته انهن عرب سڳورن کي، ۽ خاص طور سندن زالن کي به وڏو پڇتاءُ ٿيو ته هو باقي ساٿين کي ڇڏي ڇو هليا ويا ۽ زندگيءَ جي انوکي تجربي کان محروم رهيا. مون کي ته ان کان به وڌيڪ سخت حالتن ۾ هڪ رات گورک جبل تي گذارڻ جو تازو ئي تجربو ٿيو هو. اهو 24مئي 2008 جي ڳالهه آهي جڏهن ائڪشن ايڊ Action Aidتنظيم ۽ جوهي شهر جي هڪ مقامي تنظيم جي گڏيل پروگرام تحت دعوت تي اسان جوهيءَ پهتا هئاسين. ڪراچيءَ کان جوهي ۽ ويندي گورک کان هيٺ هڪ لڪ تائين انتهائي سخت گرمي هئي. گاڏين جي به کوٽ هئي جو سواءِ فور وِهيل ڊرائيوِ جي ٻي ڪابه گاڏي مٿي گورک تي وڃي ڪانه پئي سگهي. گورک تي وڃڻ جا اُميدوار گهڻا هئا پر ڪيترن کي اُن لڪ وٽان واپس وڃڻو پيو. نصير مرزا به ڪجهه خواتين فنڪارائن کي هڪ وئن ۾ وٺي حيدرآباد کان پهتو هو پر هنن کي به موٽڻو پيو. خوشقسمتيءَ سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦُل، ڪجهه ٻين اديبن، شاعرن ۽ منهنجو گورک تي وڃڻ جو انتظام ٿي ويو. گاڏين جي انتظار ۾ اتي اسان کي سانجهي ٿي وئي هئي ۽ اتي اڃا بيٺائي هئاسين ته سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر حسين هارون ۽ ٻين جي گاڏين کي گورک تان واپس لهندي ڏٺوسين. خبر پئي ته گورک تي وڏو مينهن وسيو هو جنهن جو هلڪو اثر گورک کان پندرهن ويهه ڪلوميٽر هيٺ ان علائقي تي به پيو هو. وسڪاري جو اندازو گورک تي ويندي به ٿيو جو اُڀين چاڙهين تي گپ ٿي چڪي هئي ۽ رات جو انهيءَ خطرناڪ چاڙهين تي چڙهڻ خطري کان خالي نه هو. ڪجهه ٽڪرن ۾ ته پڪو روڊ ٺهيل هو پر اڪثر هنڌن تي گپ هئي جتان گاڏيون چڙهڻ مهل بند ٿي پئي ويون. رات جو ساڍي اٺين ڌاري مس گورک تي پهتاسين ته عجيب منظر هو. بارش ۽ تيز هوائن ۾ شاميانا اُڏامي چڪا هئا ۽ ڏيڍ ٻه سئو ماڻهو کُلئي ميدان ۾ پيل ڪرسين تي ويٺل هئا. ڪي ماڻهو گرم اوني کَيس پائي گهمي رهيا هئا. انهن مان ٻه ٽي ڄڻا منهنجي ويجهو آيا ته خبر پئي ته ٻئي صحافي دوست ناز سهتو ۽ الهه بخش راٺوڙ هئا جيڪي ڪي ٽي اين ۽ مهراڻ ٽي ويءَ لاءِ گورک فيسٽيول جي ڪوريج ڪرڻ آيا هئا. مون کين ڀوڳ ڪندي چيو ته يارو ڇوٿا پنهنجي جوانيءَ کي شرمايو،ايترا گرم کَيس پائي پيا گهمو؟ ان تي راٺوڙ چيو هو: سائين پنج منٽن کانپوءِ وري پنهنجي راءِ ڏجو.
واقعي پنج منٽن کانپوءِ نه رڳو منهنجي راءِ مٽجي چُڪي هئي پر حالت خراب ٿي وئي هئي جو مان ڪراچيءَ مان اڌ ٻانهن واري شرٽ پائي نڪتو هئس ۽ هتي سخت ٿڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ گرم ڪوٽ ۽ کَيسن جي ئي ضرورت هئي. هٿ بغلن ۾ وجهي ڏند ڀِڪُوڙي بيٺو هئس ۽ ان حالت ۾ ڳالهائڻ به ڪونه ٿي ٿيو. منهنجي حالت کي ڏسي دادوءَ جي دوست ولي چانڊئي کي خيال اچي ويو جنهن چيو ته هلو هلي ڪجهه بندوبست ڪريون. گورک تي هيءَ اها چوٽي هئي جتي مرحوم بشير انصاريءَ شهيد بينظير ڀٽو جي ٻي حڪومت ۾سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر هجڻ دوران ذاتي دلچسپي وٺي پٿرن ۽ گچ پلستر سان ٻه ڪمرا ۽ ورانڊو ٺهرايو هو ۽ پلاسٽڪ جون ڪرسيون ۽ سوزوڪي جيپ آڻي بيهاري هئي. سندس عهدو ختم ٿيو ته انهن ڪوٺڙين جو به ڪو اوهي واهي ڪونه رهيو ۽ هاڻي اهي جُهري ڪِرڻ واريون هيون جنجي ڇت کي ٽيڪون ڏئي بيهاريو ويو هو. ميزبانن جوهيءَ مان هنڌ بسترا آڻي اتي رکيا هئا جن مان هڪ فوم جو گدو، هڪ سَوَڙِ ۽ ٻه وهاڻا کڻي ولي چانڊئي ڪرسين جي پٺيان ميدان ۾ وڇايا ۽ مان بنا تڪلف جي سَوَڙِ ويڙهي گدي تي ليٽي پيس. ڪجهه فرحت ملي پر تيز ٿڌين هوائن وڃي مٿو ورتو هو سو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي هڪ ڪُرسيءَ جو غلاف لاهي مٿي کي ويڙهي ڇڏيم. ايئن ميدان ۾ ليٽي رات جو دير تائين فنڪارن جا ڪلام ٻُڌم ۽ پوءِ ٻين وانگر کلئي آسمان هيٺ ئي سمهي پيو هئس. وچ ۾ جڏهن مانيءَ لاءِ سڏ ٿيو هو ته به اتي ڪا ميس ڪانه هئي ۽ نه ئي ڪي ٽيبلون ڪُرسيون يا زمين تي وڇائڻ لاءِ ڪي فراسيون هيون، بلڪه پَٽ تي جهوڪو هڻي اونداهيءَ ۾ ٻوڙ پُلاءُکائي اُٿي کڙا ٿيا هئاسين. گورک تي نانگ بلائن ۽ وِڇُن جو به گهڻو ڊپ هو پر اسان وٽ ٻيو ڪو رستو به ڪونه هو. ڪن ماڻهن چالاڪيءَ سان سڀني کان اڳ وڃي پراڻن ڪمرن تي قبضو ڪيو هو ۽ هڪٻئي تي سٿجي سمهي پيا هئا. اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جي زماني ۾ گورک کان به ٿورو مٿي هڪ پهاڙيءَ تي فائبر جو ڪاٽيج ٺهرايو ويو هو جتي ڪن آفيسرن جو قبضو هو. بهرحال رات ايئن گذري وئي جو خبر به ڪانه پئي ته کلئي آسمان هيٺ پٽ تي سُتل هئاسين. صبح جو سوير اُٿياسين ته نه ميزبانن جو ۽ نه ئي انهن گاڏين جو ڪو اتو پتو هو جن ۾ هو اسان کي چاڙهي سنڌ جي آسمان تي مستقبل جي شهر ۾ پهچائي ويا هئا. وهنجڻ جو ته هتي تصور ئي نٿي ڪري سگهياسين، تنهنڪري هرڪنهن پنهنجي پاڻيءَ جي بوتل مان مُنهن تي ڇنڊو هڻي گذارو ڪيو. پراڻن ڪمرن ويجهو دُونهين دُکندي آسرو ٿيو ته متان چانهه چُڪو ملي پر اُتي به ڪن همراهن اڳي ئي چانهه چَٽ ڪري ڇڏي هئي. آسرو لاهي هاڻي واپس ورڻ جو فڪر ڪيوسين. هڪ ڊاٽسن پِڪ اَپ وارو ڪرسيون ۽ ٻيو سامان کڻڻ آيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ڊاڪٽر مشتاق منٿ ميڙ ڪري تيار ڪيو ته ڏوڪڙ وٺي ۽ پهرين اسان کي اُن لڪ تائين پهچائي جتي سندن گاڏيون بيٺيون هيون. اهو گاڏيءَ وارو همراه اسان لاءِ فرشتو ثابت ٿيو نه ته ميزبانن اسان کي رڻ ۾ رُلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي. اهي پنهونءَ جا مائٽ ثابت ٿيا جيڪي سسئيءَ کي سُتل ڇڏي اَسُر ويل ئي ماٺ مِيٺ ۾ هليا ويا هئا.
گاڏي ته اسان ٽن ڄڻن ڪئي هئي پر ڀلو گهڻن ئي همراهن جو ٿي ويو جن ۾ ڪي پوليس وارا به شامل هئا جن کي سندن عملدارن اتي ڊيوٽيءَ لاءِ ڇڏيو هو ۽ وري سندن ڪا سار نه لڌي. گاڏي ايتري ته اوور لوڊ هئي جو مٿان اُوچائيءَ تان لهندي لاڳيتو بريڪون هڻڻ سبب ان مان دُونهان پئي نڪتا. بهرحال خير سان وڃي هيٺ پهتاسين ۽ ميزبانن کي دعائون ڏيندا پنهنجي ماڳن ڏي روانا ٿي وياسين.
مون ۽ ڪجهه دوستن گورک تي وڃڻ جي ڪوشش 1992 ۾ به ڪئي هئي جڏهن اتي وڃڻ لاءِ ڪوبه رستو ڪونه ٺهيو هو. تن ڏينهن ۾ گل محمد عمراڻي دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ هن پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي مقامي زميندارن ۽ فوجين کان مدد وٺي پٿرن کي بلاسٽ ڪرائي ٽريڪ ٺهرايو هو. سندس خواهش هئي ته ڪي صحافي دوست ڪراچيءَ مان اچن ۽ گورک تي وڃي سير ڪري ان تي لکن ته جيئن اختياريءَ وارن جو ڌيان ڇڪجي ۽ هِل اسٽيشن واري رٿا تي ڪجهه عمل ڪن. سندس چوڻ تي صحافي ۽ انجنيئر دوست عزيز رانجهاڻي خاص ڪراچيءَ آيو ۽ شاعر صحافي انور پيرزادي (مرحوم)، صحافي ۽ آرڪيالاجسٽ بدر ابڙي، جاويد سومري، جيڪو ان وقت دي نيوز اخبار ۾هو ۽ پوءِ بي بي سي لنڊن هليو ويو، ۽ مونکي دادوءَ پهچڻ جي دعوت ڏئي ويو جتان اسان کي گورک لاءِ روانو ٿيڻو هو.
اهو جنوري 1993 جو مهينو هو ۽ شايد پهرين يا ٻي تاريخ هئي جو اسان شام ڌاري دادوءَ کان ڊپٽي ڪمشنر جي پجيرو ۾ روانا ٿيا هئاسين. ڊي سي پاڻ به هلڻو هو پر اوچتو کيس سرڪار ڪراچيءَ سڏائي ورتو هو. هن بهرحال اسان لاءِ سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. پروگرام موجب رات ڇِنيءَ کان اڳتي منڇر ڍنڍ جي ڪپ تي 1916 ۾ انگريزن جي ٺهرايل ڊاڪ بنگلي ۾ گذارڻي هئي. اتي پهتاسين ته آبدار ۽ ٻيا سرڪاري ملازم انتظار ۾ هئا. ڪجهه ماڻهن کي اسان پاڻيءَ جا ٽين ڀري ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي چڙهي ڊاڪ بنگلي جي ڇت تي ٺهيل ٽانڪيءَ ۾ وجهندي ڏٺوسين ته ڏاڍو خيال ٿيو. کين حڪم هو ته ڊي سي صاحب جي مهمانن لاءِ پاڻيءَ جو انتظام ڪرڻو آهي. اسان جڏهن ساڻن همدرديءَ جو اظهار ڪيو ته ٻين موجود ملازمن ٻڌايو ته هي ڪم هنن لاءِ ڏکيو ڪونهي، هو ته ڪلهن تي ڪرسيون ۽ ٻيو ڳرو سامان کڻي پيرين پنڌ گورک تي وڃي چڪا آهن. اهو ٻُڌي اسان کي ساڻن ڪچهريءَ جو شوق جاڳيو. ڪم کان واندا ٿيڻ تي کين پاڻ وٽ گهرائي ورتوسين. انهن مان هڪ دُر محمد ۽ ٻيو خير محمد لاشاري هو، جن ٻُڌايو ته آگسٽ 1989 ۾ جوهيءَ ۾ هو ڊيوٽيءَ تي هئا ته کين اوچتو حڪم آيو ته گاڏين ۾ ويهو. کين گاج نئه تي انگريزن جي ٺهرايل پراڻن بنگلن وٽ ڇڏيو ويو جن کي گاج بنگلا به سڏين ٿا. سندن تعداد هڪ سئو کن هو ۽ سڀني کي پُٺن تي ڪرسيون ۽ ٻيو سامان کڻايو ويو. اتان سندن پنڌ سفر شروع ٿيو هو.ان مهل شام جا 6 ٿيا هئا. هو گاج جو پاڻي ٽپي اڳتي هليا. سندن چوڻ موجب اهو پاڻي اڇو هوندو آهي پر ان کي ڪارو پاڻي سڏين ۽ 1921 جي رڪارڊ ۾ به ان کي ڪارو پاڻي ئي سڏيو ويو آهي. ان پاڻيءَ تي تماڪ جي پوک ٿئي ٿي پر وڏي هاضمي وارو پاڻي آهي. اڳتي هلندي هنن لڪ لعنتاڻي کان اولهه ڏانهن رُخ رکيو ۽ پاڻيءَ جا ٽي ڍورا ٽپيائون. رات جو ڏهين يارهين وڳي هو هڪ چشمي تي پهتا جنهن جو نالو بازگر هو جيڪو سندن چوڻ موجب آخري پاڻي هو جنهن کان پوءِ جابلو علائقو شروع ٿي ٿيو.ماني کائڻ کان پوءِ وري سندن سفر شروع ٿيو ۽ صبح جو چئين وڳي ڌاري هو جبل جي پاڙ وٽ پهتا. ان جبل کي مقامي ماڻهو ڪارو جبل سڏين ڇو ته اهو جبل سيمينٽ جي تهن وانگر آهي. ان جبل جا ست ڏاڪا يا چڙهايون آهن جن تي چڙهي اهو قافلو صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڪاري جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. گورک جي پاڙ تائين پهچڻ ۾ کين ٻه ڪلاڪ ۽ گورک جي ٻيو نمبر چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ ٻيا لڳا. ان چوٽيءَ کي مهٿل سڏين. گورک جي اصل چوٽي ان کان به ٻه هزار فُٽ مٿي آهي. مهٿل چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ کين ٻُڌايو ويو ته وزير اعظم بينظير ڀٽو اتي اچڻي آهي. اها پنجاهه کن ايڪڙ ايراضي هئي جتي بينظير صاحبه جو هيليڪاپٽر لٿو هو. ان علائقي ۾ بروهين ۽ لُنڊن جا گهر هئا جيڪي ٻني ٻارو ڪندڙ هئا. ان چوٽيءَ تان اُتر ۾ بلوچستان جي شهر ڄموريو (جيئن هنن ٻُڌايو) جون بتيون رات جو صاف نظر اينديون آهن. سڄي رات ۽ اڌ ڏينهن جي سفر ۾ سندن جُتيون به ڇِڄي ٽڪر ٿي ويون هيون.هنن ٻڌايو ته آگسٽ جي مهيني ۾ اتي سخت ٿڌ ۽ تيز خشڪ هوا هئي. پٿرن تي پير رکڻ سان لڳو ٿي ڄڻ برف تي پير پيو.
شهيد بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته گورک کي هل اسٽيشن طور ترقي وٺرائي ۽ ان لاءِ هن تڏهوڪي سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ وارن کي فزيبلٽيءَ لاءِ پنج ڪروڙ رپيا ڏنا هئا پر ان اداري جا بدعنوان عملدار اهي پنج ڪروڙ رپيا ايئن هضم ڪري ويا جو اوڳرائي به ڪانه ڏنن. ان کان اڳ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جا ڏنل پنج ڪروڙ به هنن ايئن ڦٻايا هئا.
ٻئي ڏينهن صبح جو اسان وري سفر تي نڪتاسين ۽ جابلو علائقي جي مُنڍ وٽ ڪاڇي جي آخري ڳوٺ ٽنڊي رحيم مان سُونهان ۽ کاڌي پيتي جو سامان کڻي اڳتي هلياسين. واٽ تي مختلف ماٿرين ۽ برساتي ندين کي پار ڪندا نيٺ اصل جبل تي چڙهڻ لڳاسين ته رستي جي سختين جو پتو پئجي ويو. ڊي سي صاحب جي بلاسٽ ڪرائي تيار ڪرايل ٽريڪ تي تيز چُهنبدار پٿرن جي ڪري جيپ جي رفتار صفا گهٽ ڪرڻي پئي ۽ هوريان هوريان ڪري اڃان ٻه هزار فُٽ بلنديءَ تي مس پهتاسين ته هڪ وَرُ چڙهندي جيپ جو ٽائر برسٽ ٿي پيو. ڊرائيور ٽائر بدلائي اسان کي کڻي اڃا هليو ئي مس ته اهو ٽائر به ڦاٽي پيو. هاڻي ڇا ڪجي؟ نه اڳتي وڃي پيا سگهون نه پُٺتي. خوشقسمتيءَ سان ٿورو ئي اڳڀرو هڪ سڌو ميدان هو. ڊرائيور گاڏي آهستي آهستي ڪري اتي هلي بيهاري ۽ اسان سڀ پنڌ ئي پنڌ هلياسين. اڃا ميدان ۾ پهتاسين ته مينهن شروع ٿي ويو. هڪ سخت سيءُ ۽ مٿان مينهن، سو تڪڙ ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ ويجهو کڻي مچ ٻاريوسين. تڏهن نه موبائل فونون هيون جو مدد لاءِ ڪنهن سان رابطو ڪجي ها ۽ جيڪڏهن هجن به ها ته جبل تان سگنل ڪم ئي نه ڪن ها. ان فڪر ۾ هئاسين ته ڊرائيور خوشخبري ٻُڌائي ته جيپ ۾ وائرليس لڳل آهي. ڊي سيءَ جي سرڪاري جيپ هجڻ سبب وائر ليس ڪم اچي وئي ۽ ڊرائيور هڪدم دادوءَ اطلاع ڪري ٻُڌايو ته ڊي سي صاحب جا مهمان جبل تي ڦاٿل آهن. هاڻي جيستائين مدد اچي تيستائين وقت گذارڻو هو. کاڌي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ڪانه هئي سو بي فڪرا ٿي آس پاس جي ٽڪرين تي لهندا چڙهندا رهياسين. ان علائقي ۾ ڄاڱري ٻيرن جا هزارين ٻُوٽا هئا.ان ڏينهن اسان ننڍڙا ڳاڙها ٻير ايترا کاڌا جو زندگيءَ ۾ نه کاڌا هونداسين.
سڄو ڏينهن گذري ويو ۽ اسان گهڙيءَ گهڙيءَ ٽنڊي رحيم واري پاسي پيا نهاريون پر ڪنهن گاڏيءَ جو نالو نشان به نظر ڪونه آيو . نيٺ سج لٿي ڌاري ڪنهن گاڏيءَ کي ايندو ڏسي پيٽ ۾ ساهه پيو. اها پوليس جي پڪ اپ گاڏي هئي جنهن ۾ هو پجيرو جيپ جا ٻه ٽائر ۽ پاڻيءَ جا ڪُولر کڻي پهتا هئا. پوليس وارا جوهيءَ جي ڪنهن زميندار جي پجيرو جا ٻه ٽائر ڪڍي کڻي آيا هئا. هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو هو ته اڳتي گورک لاءِ سفر جاري رکجي يا موٽ کائجي. اڪثريت راءِ هئي ته موٽ کائجي ڇو ته اڳتي رستي جي حالت جي خبر ڪانه هئي ۽ جيڪڏهن اهي ٽائر به برسٽ ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ڪبو. سو اتان ئي سڌو واپس وڃي اڌ رات ڌاري دادوءَ پهتاسين. ٻه ٽي ورهيه پوءِ بدر ابڙي ۽ مرحوم انور پيرزادي کي مرحوم بشير انصاريءَ جي مدد سان گورک چوٽيءَ تي وڃڻ جو موقعو مليو هو.
بائڪدام واري جابلو مندر ۾ هڪ رات جي رهائش، ٿڌي موسم۽ کاڌي پيتي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جون ڪجهه ساروڻيون به ٿي ويون.
*