پنير پڪوڙا، مهاراني دال ۽ مٽن تَوَا
سڀني جو مُوڊ بيئر پيئڻ جو هو تنهنڪري ويٽر کي سڏي آرڊر ڏنوسين پئي ته گوپال کانئس نيپالي ٻوليءَ ۾ ڪجهه پُڇيو جنهن جي جواب ۾ هن جيڪو ڳالهايو تنهن مان اندازو ٿيو ته پنير پڪورڙن جي ڳالهه هئي. ٿوري دير مس گذري ته ويٽر بيئر جي بوتلن کانپوءِ پڪوڙن جون پليٽون کڻي اچي پهتو. ٿڌي موسم ۾ پهرين ته ڏڪڻي وٺي وئي هئي پر بيئر جا سِپ وٺندي گرم گرم پڪوڙن کائڻ سان بُت ۾ ڪجهه گرمي اچي وئي. اڃا ويٺا ئي هئاسين ته اوچتو هلڪو مينهن شروع ٿي ويو، پر شُڪر جو مٿان ڇٽيون لڳل هيون تنهنڪري گهڻو پُسڻ کان بچي وياسين.
کٽمنڊو ۾ مون لاءِ کاڌي جو مسئلو ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو هتان جا کاڌا هندستاني ۽ پاڪستاني کاڌن جهڙا هوندا آهن. پندرهين نومبر تي پهرين رات ئي مون کٽمنڊو گيسٽ هائوس ۾ جڏهن بيري کي ڪمري تي گهرائي کاڌن بابت پُڇيو ته هن دال مهارانيءَ جو به نالو ورتو. مون سوچيو هو ته جهڙي به هوندي گهٽ ۾ گهٽ دال ته هوندي. جڏهن بيرو دال کڻي آيو ته اها مکڻ ۾ ٺهيل ڪاري دال هئي جنهن کي گرم نان سان کائڻ ۾ واهه جو مزو هو. مانيءَ کانپوءِ چانهه به ايتري مزيدار هئي جو پنهنجي گهر جي چانهه ياد اچي وئي. چانهه جي هڪ مگ جي قيمت پنجانوي رُپيا هئي ۽ دال ۽ هڪ نان جو بل ساڍا ٽي سئو رُپيا هو. سورهين نومبر تي منجهند جو بيف برگر کاڌم ته ساڍا چار سئو رُپيا بل آيو. ساڳئي ڏينهن رات جو گوپال جي دعوت ۾ مڌُ هلندي کوڙ شيون پيش ڪيون ويون هيون جنهن ۾ ٻه ذڪر جوڳيون آهن، هڪ هئي سموسي ٽائيپ شئي پر گول شڪل ۾ جنهن جو نيپالي نالو هو مَومَو Momo جنهن جي اندر ڀاڄي پيل هئي ۽ ٻيو هو مٽن تَوا Mutton Tawa جيڪي ٻاڪري گوشت جا تئي تي تريل سنها ٽڪرا هئا.
گوڊاوري وليج رزارٽ ۾ وري چانور، دال، پالڪ، مٽن قورمو ۽ اهڙيون ٻيون گهڻيون ئي لذيذ شيون هيون تنهنڪري مون جهڙو ڪو ماڻهو نيپال ويندو ته بُک ڪونه مرندو. گوڊاوري رزارٽ، هماليه ۽ اهڙين ٻين وڏين هوٽلن ۾ جيئن ته يورپي سياح جام اچن ٿا تنهنڪري انهن جي حساب سان کاڌا به ٺاهيا وڃن ٿا، مونکي ته هتي جديد زماني جي هوٽلن ۽ يورپي کاڌن کان وڌيڪ قديم ۽ ثقافتي ڏيک ڏيندڙ هوٽلون ۽ روايتي ايشيائي کاڌا وڻندا آهن. مونکي کٽمنڊو جي پهرين چڪر ۾ هڪ قديم ثقافتي طرز جي هوٽل ۾ کاڌل ڊنر اڃا ياد آهي جتي ننڍين ڄنگهن وارين ٽيبلن جي ٻنهي پاسي ڪشن تي ويهي ماني کاڌي هئي سين. روايتي نيپالي ڊريس پاتل بيرن روايتي ڊش پيش ڪيا هئا ۽ هال جي ڪُنڊ ۾ فنڪار روايتي نيپالي ساز وڄائي رهيا هئا جن جي ڌُنن تي اسان ڊنر کانپوءِ بيخود ٿي نچندا رهياهئاسين. ان هوٽل جو نالو هيو ڀَوجن گِري. ڀوجن جي معنيٰ کاڌو ۽ گِري معنيٰ گهر.
*