سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

ڏُکن ڀَرِي دنيا ۾ کِل خُوشي آڻڻ جي ڪوشش

اڄ سترهين نومبر تي عيدالاُضحيٰ هئي، گهر ٻار بلڪه پنهنجي ديس کان پري هئس پر تڏهن به صبح جو سوير اُٿيس جو سڄو سال نماز نه پڙهڻ جي باوجود عيد جي ڏينهن پُٽن ۽ ڀائرن سان گڏجي عيد نماز پڙهڻ لاءِ سوير اُٿڻو پوندو هو. هتي اهڙو ڪوبه تصور ڪونه هو تڏهن به اُٿي تيار ٿيس ۽ نيرن ڪري هوٽل ٻاهران پي سي او تان ڪراچيءَ فون ڪري گهر وارن کي عيد مبارڪ چيم ۽ پنهنجون اِي ميل چيڪ ڪيم. سنڌ مدرسي جي پرنسيپال ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۽ ڪُجهه ٻين دوستن پاران عيد مبارڪ جا پيغام آيل هئا جن کي موٽ ڏنم ۽ پوءِ هوٽل تي اچي ويهي رهيس. ان مهل ڪجهه پريشاني به محسوس ٿي جو گهر واريءَ ٻُڌايو ته ٻن ٻارن کي بُخار هو ۽ ٽيسٽ ڪرائڻ سان ڊينگيءَ جا ابتدائي اثر ظاهر ٿيا هئا جو پليٽيليٽس ڪنهن حد تائين گهٽيل هئا. شُڪر آهي ته هنن هڪدم علاج شروع ڪري ڇڏيو هو.
ديپيندرا ٻارهين وڳي پهتو ۽ ڪار ۾ کڻي پنهنجي ريڊيو اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو. اسين جن رستن تان لنگهياسين انهن تي نيشنل ميوزيم ۾ تبديل ڪيل شاهي محل، وزير اعظم سيڪريٽريٽ، ڪشميري شاهي مسجد وغيره نظر آيا. ڪشميري مسجد جي ويجهو ئي هڪ ٻي شاهي مسجد به هئي ۽ مون ٻنهي مسجدن وٽ لهي انهن جون تصويرون ٺاهيون. ديپيندرا ٻُڌايو ته ڪشميري مسجد تمام پراڻي آهي ۽ هتي وڏا اجتماع ٿيندا آهن. اڄ انهن مسجدن ۾ عيد نمازون به پڙهيون ويون هيون. مون کي پهرين خبر هجي ها ته صبح جو سوير هتي اچي عيد نماز پڙهان ها. هتي پراڻي زماني کان ڪشميري رهن ٿا جن جي اها مسجد قائم ڪيل آهي.
ريڊيو اسٽيشن ويندي ديپيندرا کان وڌ ۾ وڌ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪيم. هن ٻُڌايو ته نيپال ۾ ريڊيو جو لائسنس وٺڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، آن لائين فارم ڀري ڏهن کان پندرهن ڏينهن ۾ لائسنس وٺي سگهجي ٿو. گهٽ فريڪُئنسيءَ واري ريڊيو لائسنس جي في فقط ڏهه هزار رُپيا ۽ وڌيڪ پاور جي ريڊيو لاءِ هڪ لک رُپيا ڀرڻا پون ٿا. شايد اهو ئي سبب هو جو هڪ سيڪنڊري اسڪول جي رٽائرڊ ٽيچر جو پُٽ ديپيندرا به ريديو اسٽيشن جو مالڪ ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪو غريب جو ٻار اهو سوچي به نٿو سگهي جو هتي سرڪار سڳوري ريڊيو لائسنس نيلام ڪري ٿي جنهنڪري ڏُورانهن علائقن ۾ به ريڊيو لائسنس لکن ۾ وڃي پوي ٿو جڏهن ته ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ لائسنس في ڪروڙن ۾ بيهي ٿي، ٻيا خفا ان کان علاوه آهن.
ريڊيو آڊيو ديپيندرا جي ريڊيو جو نالو هو جيڪو پارليامينٽ هائوس جي ٿورو ئي ويجهو رستي جي ٻئي پاسي هڪ عمارت جي آخري ستين ماڙ تي قائم هو. لفٽ چڙهي مٿي پهتاسين ته اڱڻ ۾ سڀ کان پهرين وڏي جنريٽر تي نظر پئي جنهن لاءِ هن ٻُڌايو ته لوڊشيڊنگ جي حالت ۾ نشريات جاري رکڻ لاءِ جنريٽر اڻٽر آهي، بلڪل ايئن جيئن پاڪستان ۾ هر ريڊيو اسٽيشن تي انتظام هوندو آهي ۽ ريڊيو جا مالڪ دانهون ڪندا آهن ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب لاڳيتو جنريٽر هلائڻ سان سندن خرچ وڌي وڃي ٿو.
ريڊيو اسٽيشن اندر شِيکا اسان جي انتظار ۾ هئي. اسٽوڊيوز ۽ ٻيو سيٽ اپ ڏسڻ ۽ اسٽاف سان هيلو هاءِ ڪرڻ کانپوءِ اسان سندن آفيس ۾ وڃي ويٺاسين جتي هنن مونکي پنهنجي ريڊيو جا ڪجهه پروگرام به ٻُڌرايا.
ٻنهي زال مڙسن جي مون سان ايتري ته قربت ٿي وئي هئي جو پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت به گهڻو ڪجهه ٻُڌائي ويا. سندن عشق گهڻي وقت کان هلندڙ هو پر نَوَ مهينا اڳ هنن شادي ڪئي هئي. ديپيندرا ايشيا جي سڀ کان پهرين ڪميونٽي ريڊيو ساگر ماٿا مان ڪم شروع ڪيو، پنهنجي سهري گوپال جي اداري ڪميونيڪيشن ڪارنر ۽ پوءِ سندس ايف ايم ريڊيو اُجالو ۾ به ڪم ڪيائين. پنهنجي ريڊيو جي شروعات بابت هن چيو،”منهنجو خيال هو ته اهڙو ريڊيو شروع ڪريان جيڪو ٻين کان مختلف هجي. دنيا ۾ رُڳو ڏک ئي ڏک آهن ۽ ڇڪتاڻ آهي، ٽينشن آهن، تنهنڪري موج مستي ۽ کل ڀوڳ ذريعي ماڻهن کي وندر ڏجي. اهو سوچي مون هي ريڊيو شروع ڪيو جنهن جو نعرو ئي آهي فُل ٽائيم ڪاميڊي. هن ٻُڌايو ته سندس ريڊيو تان ماڻهن جي فرمائش مطابق مزاحيا ۽ عشقيه گانا نشر ڪيا ويندا آهن جن ۾ نيپالي توڙي انڊين گانا شامل آهن، سندس ريڊيو جي جدت اها به آهي ته اشتهار به مزاحيا انداز ۾ هوندا آهن.
مينيجمينٽ جي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو ٻُڌائيندي چيائين،”آفيس ۾ مان باس ۽ زال منهنجي ماتحت هوندي آهي ۽ گهر ۾ منهنجي زال باس ۽ مان سندس ماتحت هوندو آهيان.” اسٽاف لاءِ اصول آهي ته “دل چوي ته ڪم ڪريو نه ته هليا وڃو، ڪابه زبردستي ڪانهي.” پنجاهه لکن جي خرچ سان ريڊيو قائم ڪيائين ۽ هر مهيني پنج لک رُپيا خرچ اچيس ٿو، اسٽاف جون پگهارون ست هزارن کان پنجٽيهه هزار رُپين تائين آهن. پگهارن جو ذڪر مان ڄاڻي واڻي ڪري رهيو آهيان ته جيئن سنڌ ۾ ايف ايم ريڊيو تي ڪم ڪندڙن کي خبر هجي ته نيپال جهڙي غريب ملڪ ۾ به ريڊيو وارا پنهنجي اسٽاف کي پگهارون ڏين ٿا.
منجهند جو ٽين وڳي ديپيندرا مونکي شهر کان ٻاهر گوڊاوري وليج رزارٽ تي ڇڏي ويو جتي اڃا ڪمري تي سامان رکي دريءَ مان ٻاهر جو خوبصورت نظارو ڏسي رهيو هئس ته نياپو مليو ته پنجين وڳي وري شهر ڏانهن روانگي آهي. مقرر وقت تي ايشيا ڪالنگ جا سڀ دوست وئن ۾ سوار ٿي کٽمنڊو جي جاڙي شهر لليتپور روانا ٿياسين جتي هماليه هوٽل ۾ گوپال جي اداري طرفان هڪ سي ڊيءَ جي لانچنگ هئي. هن هوٽل ۾ سيپٽمبر 2004۾ رهي چُڪو هئس. نيپال جو وزير اطلاعات تقريب جو خاص مهمان هو. رات جو ڏهين وڳي واپس گوڊاوري پهچي به وياسين ڇاڪاڻ جو هر ڪم وقت جي پابنديءَ سان ٿي رهيو هو.
شهر کان گوڊاوريءَ تائين رستي جي ٻنهي پاسي گهڻو ڪري فصل پوکيل هوندا هئا ۽ باقي علائقي ۾ پُراڻا گهر ۽ مندر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، عورتون لابارو ڪندي ياروڊ تي چانور ڇڙيندي نظر اينديون هيون، پر هن ڀيري روڊ جي ٻنهي پاسي ڪيتريون ئي نيون عمارتون نظر آيون ۽ ٻنين جي جاءِ تي به گهڻو ڪري رهائشي جايون ٺهي ويون هيون جنهن مان اندازو ٿيو ته هتي به ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ۽ آبادي وڌڻ جي ٻين ڪارڻن سبب شهري علائقا وڌي رهيا هئا.
*