اردو نه، هِندي
مان جنهن ٽيڪسيءَ واري سان مندر گهمڻ ويس اهو هر هر “ڀاڙي ڪي لوگ” لفظ استعمال ڪري رهيو هو. خبر پئي ته سنڌي لفظ ڀاڙو ۽ نيپالي يا هندي لفظ ڀاڙو هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا. نيپال ۾ هندي يا نيپالي ٻوليءَ ۾ شام کي انڌيارو به چون جيڪو اُردوُءَ جي لفظ انڌيرو کان گهڻو مختلف ڪونهي ۽ شهرن ۾ ڳالهائجندڙ سنڌيءَ ۾ به اهو لفظ هاڻي عام ٿي ويو آهي.
نيپالي ٻوليءَ ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن جيڪي سنڌيءَ سان ملن ٿا. پٽاٽن کي ته هتي به پٽاٽا ۽ آلُو ئي سڏين ٿا جڏهن ته ٻار ڄڻائيندڙ دائيءَ کي سڏين ڌائيِ، وڏي ڀاءُ کي سڏين دادا ۽ ترائي (وارياسين ڀِٽن جي وچ ۾ اهو هنڌ جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿئي) جو مطلب به بلڪل سنڌي لفظ وارو آهي جنهن جو ذڪر سفرنامي جي پهرين حصن ۾ ڪري چڪو آهيان. اهڙي طرح هڙتال کي هُو به هڙتال سڏين ۽ گهر ڌڻيءَ کي گهر ڌني سڏن. مزي جي ڳالهه ته کٽمنڊو سان ڳنڍيل شهر لليتپور جي وڏي هوٽل هماليا ۾ هڪ هال جو نالو هو “بيٺڪ” مون جڏهن نيپالي دوستن کان ان جي معنيٰ پُڇي ته ٻُڌاين گڏجاڻيءَ وارو هنڌ. بيٺڪ لفظ گڏجاڻي يا اوطاق واري معنيٰ ۾ نيپالي، هندي، اُردو ۽ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو.
*