ٻُڌ ڀڪشوءَ پاران انوکي لنچ
چار ماڙ مانهاءِ اِن جي ڀرسان هڪ ٻي شاهي عمارت هئي جيڪا ڪوريائي تاريخ جي قديم ڪتابن، قلمي نسخن ۽ نوادرات جي ذخيرن سان ڀريل هئي. ٻنهي عمارتن جي آڏو ڪجهه وکن تي آر سي سي اسٽرڪچر جو هڪ ڇاپرو ٺهيل هو جنهن ۾ سنڌ جي روايتي اَنُ رکڻ واري گُنديءَ کان به وڏي سائيز جو ڪاري رنگ جو گهنڊ Bell ، هڪ وڏي سائيز جو نغارو ۽ هڪ مڇيءَ جو مجسمو ٽنگيل هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته ٻڌ مت جا پوڄاري اَسُر ويل عبادت شروع ڪرڻ کان اڳ گهنڊ، نغاري ۽ مڇيءَ کي وڄائيندا آهن. گهنڊ وڄائڻ لاءِ وڻ جي ٿُڙ جو هڪ حصو زنجيرن سان ٻڌل هو جنهن کي لوڏي لوڏي زور سان گهنڊ کي هڻبو آهي جڏهن ته نغاري ۽ مڇيءَ لاءِ ڏونڪا هئا. چون ٿا ته اَسُر ويل جي سانت ۾ گهنڊ جو آواز چئن ڪلوميٽرن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اهي ٽئي شيون وڄائڻ سندن عبادت جو حصو آهي. هتان آخري ڏينهن روانگيءَ کان اڳ اهي ٽئي شيون وڄائڻ جو موقعو مليو.
عمارت کان ٻاهر نڪرڻ تي ٿڌ وڪوڙي وئي جو خبر پئي ته صبح جو سوير نه رڳو برفباري ٿي هئي پر لاڳيتو مينهن به وسي رهيو هو. ٿڌ کان بچاءَ لاءِ مونکي ڪاري ٽوپي ڪم اچي وئي. اسان کي جبل تي وٺي وڃڻ لاءِ هڪ ننڍي ڪوسٽر جو انتظام ڪيل هو ڇوته ور وڪڙ جابلو چڙهائيءَ تي وڏي ڪوچ جو هلڻ ڏکيو هو. اهو سوراڪ جبل Seorak mountain سڏجي جيڪو ڪوريا جي وڏن جبلن مان هڪ آهي ۽ انهيءَ تي ٽي هزار فُٽ چڙهڻ کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار ورهيه پراڻو بائڪدام مندر Baekdam temple اچي ٿو.
ڪوسٽر خوبصورت ور وڪڙ رستن تان هلڻ لڳو ته ٻنهي پاسن کان گهڻوتڻو ڪاٺ جون ٺهيل من موهيندڙ ريسٽورنٽ، گيسٽ هائوس،سيڌي جا دڪان وغيرهه نظر آيا. اها سندن ٻهراڙي هئي. وڻن ۽ ٻي ساوڪ سان جهنجهيل جبل جي وڪڙن، قدرتي چشمن جي شفاف پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻين قدرتي نظارن کي ڏسندا مٿي سفر ڪندا رهياسين. سوچيم ته ڪاش مان شاعر هجان ها ته ضرور شاعري ڪريان ها. حقيقت آهي ته اهڙي ماحول ۾ جتي قدرت جي سونهن ۽ سانت هجي ته اندر ۾ رومانس جو هڪ عجيب احساس جنم وٺي ٿو. هي اهو احساس آهي جنهن ۾ دنياوي سوچن ۽ خواهشن جو ڪوبه عمل دخل ناهي.
اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ ڪوسٽر پهاڙي جهرڻن مان نڪتل نديءَ جي ڪپ تي هلي بيٺو. هيءَ ندي سنڌ جي کيرٿر جبل مان وهي ايندڙ نئن گاج ۽ اهڙين ٻين برساتي ندين جهڙي ويڪري ته ڪانه هئي، نه ئي ان ۾ گاج جهڙي گجگوڙ ۽ طاقت هئي، پر ان جو شفاف پاڻي نديءَ جي پيٽ ۾ پٿرن سان ٽڪرائبو مٿانهين، کان هيٺ لهندو روح ۾ سمائجي ويندڙ سنگيت جهڙو آواز پئدا ڪندو وهي رهيو هو. نديءَ جي ٻئي ڪپ تي ڪاٺ جي مندر جون مختلف عمارتون هيون. پري کان ئي انهن جي بناوت ٻڌائي رهي هئي ته اهي ٻُڌ مت جي ماڻهن جون عبادتگاهون آهن . اسان نديءَ جي پُل پار ڪري اتي پهتاسين ته وڏي پروهت Chief Monk ۽ سندس نائبن اسان جو استقبال ڪيو جيڪي اڳ ۾ ئي پهتل هئا. وڏي پروهت جو نالو سامجو Samjo هو. سامجو وڌ ۾ وڌ پنجٽيهه سالن جي عمر جو لڳو ٿي. سندس ۽ ٻين نائب پروهتن جا مٿا ڪوڙيل هئا ۽ ڪراٽي ماسٽرن جهڙي هلڪي سليٽي رنگ جي پتلون ۽ ننڍو گائون پاتل هئن. ٿڌ ۾ منهنجي حالت خراب هئي پر ڏٺم ته ڀڪشوئن تي انهيءَ جو ڪوبه اثر ڪونه هو.
اسان کي ڪاٺ جي ٺهيل هڪ هال ۾ ويهارين. بُوٽ هال جي ٻاهران لاهڻا پيا جو اندر فرشي نشست هئي. هر شخص جي ويهڻ لاءِ هڪ ڪُشن ۽ ننڍين ڄنگهن واري ننڍي ٽيبل هئي. هڪدم ٻن ڇوڪرين، جيڪي مانهاءِ اِن ۾ به ڪم ڪندي نظر آيون هيون ۽ هتي اچڻ کانپوءِ اهي به نائب پروهت نڪتيون، تن هر ٽيبل تي ميوو ۽ سبز چانهه رکڻ شروع ڪئي. کائڻ پيئڻ جو سلسلو هلندي وڏي پروهت سان تعارف ڪرايو ويو. هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته کيس ننڍي هوندي کان ئي پروهت ٿيڻ جو شوق هو۽ ان لاءِ هو مختلف مرحلا طئه ڪندو منزل تي پهتو آهي.
تعارف کان پوءِ اسان جي تنظيم جي گڏجاڻي رکيل هئي جنهن ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ عهديدار به چونڊڻا هئا. گڏجاڻي ختم ٿيندي ئي منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿي چڪو هو. ان مهل اسان جي ميزبانن ٻڌايو ته وڏي پروهت جي خواهش آهي ته لنچ سندس طرفان ڪريون. اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونه هو پر منهنجي دل ٻڏي رهي هئي ته کائڻ لاءِ الائجي ڇا ملندو.
گڏجاڻي هلندي ڪنهن مهل هال جو جائزو وٺڻ تي مون کي چوڌاري ڪاٺ جي ڪارنيس تي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڪيتريون ئي هڙون نظر آيون هيون. ڏسندي ئي ڏسندي پروهت ڇوڪرين هڙون لاٿيون ۽ هڪ هڪ هڙ اسان جي آڏو رکنديون ويون. ان وچ ۾ ننڍيون ٽيبلون هٽايون ويون هيون. اسان جي ويهڻ جي ترتيب ساڳي رهي يعني هڪٻئي جي سامهون قطار ۾. ٽيبلن جي جاءِ هڙن والاري. ان کانپوءِ اعلان ٿيو ته هڪ نائب پروهت اسان کي ٻُڌ مت موجب ماني کائڻ جو طريقو ٻڌائيندو. نائب پروهت ٻنهي قطارن جي منڍ وٽ ويٺو ۽ ڪاٺ جو چپٽو وڄائي اعلان ڪيائين ته سندس هدايتن تي عمل ڪندا وڃون. سندس پهرين هدايت هئي ته هڙ جي ڳنڍ کولي ان مان اسٽيل جا چار پيالا ۽ چانور کائڻ لاءِ اسٽيل جون ئي ٻه اسٽڪس ڪڍي ٻاهر رکون. پيالا اهڙي سائيز جا هئا جو هڪ وڏو، ٻيو ان کان ننڍو، ٽيون ان کان ننڍو ۽ چوٿون وري ان کان ننڍو. پيالا هڪٻئي ۾ پيل هئا جن کي اسان الڳ ڪري رکيوهو. ان کانپوءِ هڪ پروهت مائي گرم پاڻيءَ جي وڏي ڪٽلي کڻي آئي ۽ هر ماڻهوءَ جي وڏي پيالي ۾ پاڻي وجهندي وئي. هاڻي اسان کي هدايت ملي ته ان پيالي کي آگهاري اهو پاڻي ٻئي پيالي ۾ وجهون ۽ وري ان کي آگهاري ٽئين ۽ اهڙي طرح پڇاڙيءَ ۾ چوٿين پيالي ۾ وجهي رکون.
هاڻي طعام ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو پر ان کان اڳ هدايت ڏني وئي ته کاڌو ايترو ئي کڻون جيترو کائي سگهون. کاڌو بچائڻو ناهي ۽ جنهن به جيترو به کاڌو بچايو هوندو اهو کيس کائڻو پوندو. سڀ کان پهرين اڇن اوٻاريل چانورن جو ديڳڙو هر ماڻهوءَ جي آڏو جهليو ويو. هر ڪنهن پنهنجي حساب سان چانور کنيا. مون به ٻه ٽي چمچن جيترا چانور پيالي ۾ وڌا. ان کانپوءِ مختلف شڪلين ۾ ڀاڄيون ۽ سانڌاڻا پيش ڪيا ويا جن کي ڏسي منهنجي بک ئي مري وئي. مون ڀر ۾ ويٺل ڪوريائيءَ کان پڇيو هو ته جيڪڏهن مان اهي شيون نه کان ته ميزبان پروهت دل ۾ ته نه ڪندو. سندس گرين سگنل کانپوءِ مون ٻي ڪابه شئي نه ورتي پر چانورن جي ٻئي دور ۾ وري ڪجهه چانور کڻي ورتم ته جيئن رات تائين بک نه مران.
چانورن جا ٻه ٽي گرهه هئا سي ته مون منٽ ۾ کائي ورتا. ان کان پوءِ ويٺي ٻين جي حالت ڏٺم. هنن پليٽون ته ڀري کنيون هيون پر اهڙا کاڌا نڙيءَ کان هيٺ ئي ڪونه پيا لهن. ڪوريائي ساٿين، منگول ۽ سنگاپوري دوستن لاءِ گهڻو مسئلو ڪونه هو پر ٻيا ساٿي وٺجي ويل پي ڏٺا. خاص طور ڀاٽيا سان وڏي حالت هئي. جڏهن سڀني کاڌو بس ڪرڻ جو اشارو ڏنو ته پروهت سڀني جي ٿانون تي نظر وڌي ۽ جنهن جي پيالي ۾ جيڪو ڪجهه بچيل هو اهو ان کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي هنن نه چاهيندي به عمل ڪيو. ان کانپوءِ هدايت آئي ته هڪ پيالي ۾ بچيل پاڻيءَ سان باقي استعمال ٿيل پيالا آگهاريو ۽ اهو کاڌي مليل پاڻي هڪ پيالي ۾ گڏ ڪريو. سڀني ايئن ڪيو، پر ان وقت وڏي جُٺ ٿي جڏهن نئون حڪم مليو. پروهت مائي هڪ بالٽي کڻي هر هڪ آڏو آئي ۽ چيو ويو ته پيالي ۾ گڏ ٿيل پاڻي مٿاڇرو ڪري بالٽيءَ ۾ وجهو ۽ پيالي جي تري ۾ جيڪو پاڻي ۽ کاڌي جا ذرا بچن اهي پي وڃو. مون رب جو شڪر مڃيو ته، چانورن کانسواءِ ٻي ڪا شئي نه کنئين هئم. منهنجي پيالي ۾ هڪ اڌ چانور جو داڻو هو سو پاڻيءَ جي ڍُڪ سان پي ويس. ٻين سان جيڪا حالت ٿي اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
ايئن سمورا پيالا صاف ٿي ويا ۽ وري پروهت جي هدايتن موجب انهن کي هڙ ۾ ٻڌي رکي ڇڏيوسين. اسان کي ٻڌايو ويو ته بالٽيءَ ۾ گڏ ٿيل پاڻي به ضائع نه ڪبو ۽ اهو ٻاهر پکين جي لاءِ رکي ڇڏبو. ٻُڌ مت واري روايتي لنچ اسان کي ڏکي ته لڳي پر حقيقت ۾ حياتيءَ ۾ نظم ضبط ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ، سادگي ۽ خدا جي ڏنل رزق جو زيان نه ڪرڻ جو وڏو سبق مليو.
روانگيءَ کان اڳ مندر جا مختلف حصا ڏيکاريا ويا. هتي رهندڙ پروهتن ۽ پوڄارين لاءِ بجليءَ سميت زندگيءَ جي هر سهولت موجود هئي.
*