نيپال ۾ سنڌي ٽوپي
هوٽل جي ٽيريس ۾ بُفي ۽ بار بي ڪيو جو انتظام هو، يورپي مايون ۽ مرد ڊنر جي لاءِ چوڪڙيون ٺاهيو ويٺا هئا، پر مان ٿڪل هئس سو ڪمري جي چاٻي وٺي هليو ويس ۽ ڪمري تي ئي ماني گهرائي ٿوري دير ٽي وي جو جائزو وٺي ڊائري لکڻ ويهي رهيس.
رات جو ٿڌ وڌي وئي هئي تنهنڪري ڪمبل جي مٿان سَوڙِ وجهي سمهڻو پيو. سورهين نومبر تي صبح جو آسمان تي جُهڙ ڇانيل هو ۽ ڪوٽ پائي ٻاهر نڪرڻ جيتري ٿڌ هئي. مان ڪمري تي ئي نيرن ڪري هوٽل جي سائبر ڪيفي تان پنهنجي پُٽن ۽ آفيس وارن کي اِي ميل ڪري ٻاهر ڪمرشل ايريا ۾ گهمڻ ڦرڻ لڳس. هوٽل جي سامهون ئي پبلڪ ڪال آفيس ۽ ثقافتي سامان جا دُڪان هئا. مون ڪراچيءَ گهر ڳالهائڻ ۽ هتان جي اگهن جو جائزو وٺڻ خاطر پي سي او تان فون ڪئي ته پنج منٽن جا هڪ سئو پنجويهه رُپيا لڳا، سوچيم ته ايترو مهانگو ناهي. پي سي او جي ٻاهران ئي سنڌي ڀرت جهڙا سامان پيل هئا، ڪيتريون ئي ٽوپيون به پيل هيون جن ۾ مون کي هڪ ٽوپي نظر آئي جيڪا بلڪل سنڌي ٽوپيءَ جهڙي هئي ۽ فرق صرف ايترو هو ته سنڌي ٽوپيءَ ۾ اڳيان محراب جهڙو ڪٽ هوندو آهي ۽ هيءَ ٽوپي بلڪل گول هئي.ٽوپي پائي به ڏٺم ۽ سوچيم ته يادگار طور وٺي وڃان پر قيمت پُڇڻ تي ٺپ ئي ٺري ويا. ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ ۾ اهڙي سنڌي ٽوپيءَ جو اگُهه ٻن اڍائي سئو رُپين کان وڌيڪ ناهي پر هتي دڪاندار ان جي قيمت پندرهن سئو رُپيا ٻُڌائي. دڪاندار کان پُڇڻ تي خبر پئي ته اها نيپالي ٽوپي آهي. پر بعد ۾ ٻين نيپالي دوستن ٻُڌايو ته اها اصل ۾ ڪشميري ٽوپي آهي، زمانن کان ڪشميرين جو نيپال سان واسطو آهي ۽ اهي هتي آباد به آهن، اهي ئي ڪشميري هن قسم جون ٽوپيون نيپال ۾ ٺاهي هتي ئي وڪرو ڪن ٿا.
هوٽل جي گيٽ ٻاهران هڪ ڇوڪر سارنگيون وڪرو ڪري رهيو هو.گراهڪن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هو سارنگيءَ تي ڏاڍي پياري ڌُن به وڄائي رهيو هو، هڪ سارنگيءَ جي قيمت ٻه هزار نيپالي رُپيا ٻُڌايائين. ان کان ننڍي سائيز جي سارنگي ٻارنهن سئو رُپين جي هئي. مون پاڪستاني ڪلچر مطابق سوديبازي شروع ڪئي ته هُو ٻارنهن سئو واري سارنگي پنج سئو رُپين ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو ڇو ته مان سندس پهريون گراهڪ هئس ۽ صبح ساڻ آيل گراهڪ کي هن ڇڏڻ نٿي چاهيو. مونکي خبر هئي ته ڪراچيءَ پهچڻ تائين سارنگيءَ جون تارون نڪري چڪيون هونديون پر بنا تارُن جي سارنگي شوپيس طور به رکي سگهجي پئي تنهنڪري مون هن کي مايوس نه ڪيو. ڀرسان ئي مني چينجر وٽان ڊالر مٽائي سارنگي خريد ڪيم. نيپالي رُپئي جو اگهه هڪ ڊالر ۾ ايڪهتر رُپيا اٺهتر پئسا هو. پهرين ٻن چڪرن وقت نيپالي رُپيو پاڪستاني رُپئي کان گهٽ مُلهه جو هو، اڄ پاڪستاني رُپيو نيپالي رُپئي جي ڀيٽ ۾ به مُلهه وڃائي چُڪو آهي.
هوٽل جي ٻاهران ئي خوبصورت نموني سجايل سائيڪل رڪشائون بيٺل هيون، سياحن کي گهمائي روزي ڪمائڻ جو اهو سُٺو وسيلو آهي، اهڙيون سجايل سائيڪل رڪشائون مون سنگاپور ۾ به ڏٺيون هيون جن ۾ سياح گهمي رهيا هئا. وڏي تعداد ۾ سائيڪل رڪشائون ڍاڪا ۾ ڏٺيون هئم ۽ سچ ته ڍاڪا کي جيڪڏهن سائيڪل رڪشائن جو شهر سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، فرق اهو آهي ته ڊاڪا ۾ هلندڙ سائيڪل رڪشائون ۽ انهن کي هلائيندڙ انتهائي غربت جو وڏو مثال هئا.
ٻي ڪابه مصروفيت نه هجڻ سبب مان واپس ڪمري تي وڃي ڊائريءَ ۾ نوٽس لکڻ ويٺس ته سامهون دريءَ مان عمارتن جي مٿان شمسي توانائيءَ جا لڳل پلانٽ نظر آيا. هتي ايتري اُس ناهي پر تڏهن به نيپال وارا قدرت جي ان وسيلي مان فائدو وٺن ٿا، پر پاڪستان ۾ خطرناڪ اُس جي شڪل ۾ قدرت جي ڏنل نعمت مان ڪير به فائدو نٿو وٺي، بس متبادل توانائي جون وزارتون ٺاهي پئسو لُٽي رهيا آهن.
*