قاسم آباد جو سنڌي جوڙو نيپال ۾ کٽمنڊو هوائي اڏي تي اميگريشن جي ڪاررواين لاءِ قطار ۾ بيٺو هئس ته پُٺيان هڪ مرد ۽ عورت جو سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ٻُڌم. قطار ۾ مون کان گهڻو پري هئا سو پهرين سوچيم ته متان ڪي ڪاٺياواڙي هجن، پر خاص طور ڪنائي ٻُڌم ته ٺيٺ سنڌي نڪتا. خالص سنڌي جملا ٻُڌي خوشي ٿي ۽ مُڙي سوچيم ته ساڻن دُعا سلام ڪريان، پر قطار مان نڪري پوئتي وڃي ساڻن ملڻ جو مطلب هو پنهنجو نمبر وڃائي وري پوئتي وڃي بيهڻ، تنهنڪري سوچيم ته ساڻن ٻاهر نڪري ملندس. جهلڪ ڏٺم ته نوجوان مرد ۽ نوجوان ڇوڪري هئا، ان مهل خيال آيو ته ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهائي ڪٿي سندن رومانٽڪ دوري کي خراب نه ڪري وجهان. ساڻن نه ڳالهائڻ جو ٻيو سبب اهو هو ته سنڌي ماڻهو. سان زائفان گڏ هجي ته ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ خراب لڳندو آهي، سو اهو سڀ سوچي مون کين ڇرڪ نه وڌو، پر ايتري دير ۾ ئي سندن پُٺيان بيٺل هڪ پاڪستانيءَ ساڻن اُردوءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته جوڙو قاسم آباد حيدرباد جو هئو. مرد جي بقول کيس هڪ هفتي جي زوريءَ موڪل تي آفيس وارن گهر ويهاري ڇڏيو هو، تنهنڪري هو به موڪل جو مزو وٺڻ لاءِ نيپال هليو آيو. اُن کانپوءِ ته مون پڪو فيصلو ڪيو ته کين ڊسٽرب نه ڪريان. *