ڪراچيءَ کان ڪابل 21 سالن کانپوءِ
پي آءِ اي ڪابل لاءِ اُڏامن واسطي ننڍا جھاز ھلائي ٿي. تڏھن به اسان جو جھاز مني ڪلاڪ ۾ پوڻين اٺين وڳي خواجا رواش ايئرپورٽ ڪابل تي ھلي لٿو. ٻه ڏھاڪا اڳ دھليءَ کان ڪابل اچڻو پيو ھو تڏھن اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ لڳو ھو. ھڪ ڳالھه ساڳي ھئي ته افغانستان جي حدن ۾ گھڙندي ئي ٺوڙھن جبلن مٿان لنگھڻو پيو جو ڪٿي به ڪا وڻڪاري يا ساوڪ نظر ڪانه آئي ھئي. 1990 واري سفر جي احوال ۾ لکيو اٿم ته ڪابل ھوائي اڏو سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جي بس ڊپوءَ جھڙو ٿي لڳو پر ھاڻي حالتون مٽيل ھيون. آمريڪي ڊالرن جي بارش ٿيڻ سبب افغانستان ۾ وڏي تبديلي آيل ھئي ۽ ان جو پھريون مثال ھوائي اڏو ھو جيڪو پاڪستاني ھوائي اڏن جي مقابلي جو ته ڪونه ھو پر تڏھن به ڪافي بھتر ھو. اميگريشن جي ڪاررواين مان واندو ٿي ٻاھر نڪتس ته ٻين ملڪن مان به دوست انتظار ۾ بيٺل ھئا. انڊونيشيا مان مِس ايني مُليا، مِس ٽيسا پائيپر، ھيرُو، ڪمبوڊيا مان ٽينگ، برما جو اوءِ چن ۽ نيپال جو گوپال گُرگين پھچي ويا ھئا. ھوائي اڏي جي ڪاريڊور کان ٻاھر نڪتاسين ته مونکي وڏي تعداد ۾ ڇاپرا نظر آيا. حيرت ٿيم ته ايترا ڇاپرا ڇو؟ سوچيم ته شايد گاڏين جي پارڪنگ لاءِ آھن، پر ڪنھن ٻڌايو ته اھي ڇاپرا نه پر شمسي توانائيءَ وارا پلانٽ آھن. سولر انرجي استعمال ڪرڻ لاءِ پاڪستاني وڏي عرصي کان رڳو ڳالھيون ڪندا رھن ٿا پر افغانستان جھڙو ملڪ ان تي عمل ڪري رھيو آھي.
سڪيورٽي سببن جي ڪري پارڪنگ ايريا ھوائي اڏي کان گھڻو پري رکيل ھئي. اسان ميزبانن جي موڪليل ماڻھوءَ سمي وطنيار سان گڏ سامان کڻي پارڪنگ ايريا ڏانھن روانا ٿياسين جتي ٻه ٽي ڊبل ڪئبن گاڏيون اسان جي انتظار ۾ ھيون. مختلف رستن تان ٿينديون گاڏيون انٽرڪانٽينينٽل ھوٽل ڏانھن روانيون ٿيون. وڏو عرصو گذرڻ سبب ڪابل مڪمل طور مٽجي چڪو ھو ۽ مون کي لڳو ته مان پھريون ڀيرو ڪابل آيو آھيان. ڪشادن رستن تان ھلندي گاڏيون شھري علاعقي ۾ گھڙيون ته رستن جي ٻنھي پاسي ڪاروباري علائقا اڃا بند ھئا. ھڪ ڳالھه ڌيان ڇڪايو ته ڪراچيءَ وانگر وڏي تعداد ۾ شادي ھال قائم ھئا ۽ ڪي ته ٻه ماڙ يا ٽه ماڙ ھئا. ڪابل جو ھوائي اڏو مرڪزي شھر کان اُتر ۾ سورھن ڪلوميٽر پري آھي. شھر ڏانھن وڃڻ لاءِ گريٽ مسعود روڊ وٺڻو پوي ٿو. ڪابل شھر ھڪ سوڙھي ماٿريءَ ۾ آھي جنھن جي ٻنھي پاسن کان ھندوڪش مائونٽين رينج جي اسمائي ۽ شيردوازا جبلن جو سلسلو آھي. ڪابل ندي شھر جي وچ مان لنگھي ٿي.
اسان جي گاڏين جو قافلو جڏھن باغِ بالا روڊ تي ھڪ پھاڙيءَ جي ويجھو پھتو، جتي مٿي انٽرڪانٽينينٽل ھوٽل ھئي، ته سڪيورٽي چيڪ پوسٽ نظر آئي. اتان ئي ھڪ رستو وڪڙ کائيندو مٿي پئي ويو. جديد ھٿيارن سان ليس گارڊن اسان جي مڪمل تلاشي ورتي. ان حد تائين جو خواتين کي به لاھي ھڪ ڪئبن ۾ وٺي ويا ۽ اُتي خواتين گارڊس سندن پرس چيڪ ڪيا ۽ جھڙتي ورتي. گاڏين ۾ ويھي ٿورو اڳتي وڌياسين ته وري ھڪ چيڪ پوسٽ آئي جتي ساڳيو عمل ورجايو ويو. جھڙتيون اتي ئي ختم ڪونه ٿيون جو اڳيان وري ٽين چيڪ پوسٽ ھئي. اسان ان وقت شُڪر ادا ڪيو جو ھوٽل جي پورچ ۽ پارڪنگ ايريا ۾ گھڙڻ وقت ڪابه جھڙتي نه ورتي وئي. ھوٽل جي گرائونڊ فلور تي وڃي اسان کي ھيٺ بيسمينٽ ۾ وڃڻو پيو جتي ريسيپشن ھئي. اسان سڀني جون اکيون اوجاڳي سبب ٻوٽجي رھيون ھيون سو جلديءَ ۾ ڪمري جون چاٻيون وٺي ھرڪو آرام ڪرڻ لاءِ لفٽ ۾ چڙھي وري مٿي ھليو ويو. ھيءَ اھا ھوٽل ھئي جنھن تي طالبان دھشتگردن ڇھه مھينا اڳ حملو ڪري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. دھشتگرد ھوٽل جي پٺيان جبل تي چڙھي عمارت ۾ گھڙيا ھئا. سڄي رات ساڻن ڇتي ويڙھه کانپوءِ سڪيورٽي فورسز کين ختم ڪري ھوٽل جو قبضو ڇڏايو ھو. اھا ڳالھه اسان جي ميزبانن بعد ۾ ٻڌائي ھئي. اڳواٽ ٻڌائن ھا ته شايد اسان مان ڪي ماڻھو اچڻ کان ٺُپ نابري وارين ھا.
ميزبانن ھڪ ڪم چڱو ڪيو ھو ته ھر مھمان لاءِ مقامي موبائل سِمون ورتيون ھيون ۽ پنھنجن نمبرن سميت سڀ نمبر ٽائيپ ڪري ھر ھڪ کي ان جي ڪاپي ڏني وئي ھئي ته جيئن ڪنھن به ھنگامي حالت ۾ ھڪٻئي سان رابطو رکي سگھجي. مقامي سِم ان ڪري به ضروري ھئي ته اتي رومنگ چارجز تمام گھڻيون آھن. (ھر ملڪ ۾ موبائل فونن جون رومنگ چارجز تمام گھڻيون آھن).
اڃان ڪلاڪ ٻه مس آرام ٿيو ھوندو ته اسان جي ڪمانڊر ٽيسا پائيپر جو حڪم آيو ته منجھند جي مانيءَ لاءِ گڏ ٿيون. شڪر آ ته افغانستان ۾ پاڪستان وانگر مصالحيدار کاڌا ملن ٿا تنھنڪري ھتي بک مرڻ کان بچي ويس. ماني کائي وري ھرڪو ڪمري تي ڀڳو. پر وري حڪم آيو ته ڪليد گروپ جي آفيس ھلڻو آھي. اتي سندن آفيسون ۽ ريڊيو اسٽيشن گھمي ڦري موٽياسين ته شام جو ڇھين ڌاري ميزبان اداري جو سربراھه ملڻ آيو ته وري تيار ٿي ھيٺ لھڻو پيو. شھير زاھيني ڏاڍو کل ڀوڳ وارو ھمراھه نڪتو. تعارف ٿيڻ تي يڪدم چيائين Oh you are Naseer and I am Shaheer
شھير اسان کي ڊنر جي دعوت ڏيڻ آيو ھو. ھي ھمراھه ڪليدي گروپ تحت ھڪ اخبار، ھڪ رسالو، ڪيترائي ايف ايم ريڊيو ھلائڻ سان گڏ آمريڪي فوجين کي سامان جي سپلاءِ جا ٺيڪا کڻندو آھي. نجيبه ٻڌايو ته شھير دبئيءَ ۾ رھندو ھو جتان ھو افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي آمد وقت واپس آيو ۽ ڪروڙين ڊالر ڪمائي رھيو آھي. ڪلاڪ اڌ کانپوءِ اسان جي گاڏين جو قافلو ھوٽل کان روانو ٿيو ۽ مختلف رستن کان ٿيندو ھڪ اھڙي علائقي ۾ پھتو جيڪو ڪنھن به لحاظ کان افغانستان جو نٿي لڳو. ٻڌايو ويو ته ھن علائقي ۾ گھڻو ڪري غيرملڪي رھن ٿا. جنھن ريسٽورنٽ ۾ ھو اسان کي ڊنر لاءِ وٺي آيا ھئا، اھا به رڳو پرڏيھين ۽ ملڪ جي وڏن ماڻھن لاءِ ھئي جتان جو ماحول بلڪل اھڙو ھو جيڪو اسان رڳو فلمن ۾ انگريزن جي فتح ڪيل انڊين ۽ ٻين ڪالونين ۾ ڏٺو ھو. اندر فرش توڙي ڀتين تي ڪاٺ جو خوبصورت ڪم ٿيل ھو. اسان جي لاءِ ھڪ الڳ ڪمرو مخصوص ھو پر ھر ڪمري يا ھال مان سمورا ويٺل ھڪٻئي کي ڏسي سگھيا ٿي. ٿوري ئي دير ۾ خوبصورت ويٽريسز ھرڪنھن جي پسند سان مڌ جون ٻاٽليون آڻي آڏو رکيون ھيون.
اسان ڊنر ڪري ڏھين يارھين ڌاري واپس ھوٽل پھچي وياسين جو صبح جو سوير گڏجاڻي رکيل ھئي ۽ اسان کي ان لاءِ آرام گھربل ھو. پر مزي جي ڳالھه ته ھوٽل تي وڃڻ لاءِ وري ھر ھڪ چيڪ پوسٽ تي بيھڻو پيو. اسان سان گڏ افغان ميزبانن جو ماڻھو ھو جنھن افغاني ٻوليءَ ۾ گارڊز کي سمجھايو ٿي. اسان کائنس پڇيو ته گارڊ کيس ڇا پيا چون. ھن چيو: گارڊ پڇن پيا ته اسان وٽ ڪي ھٿيار ته ڪونھن؟ اسان ڏاڍو کلياسين ته جن وٽ ھٿيار ھوندا به سھي ته اھي ڪيئن ھنن کي ٻڌائيندا. اسان کي روازانو ھوٽل کان ٻاھر وڃي واپس اچڻ تي ھر چيڪ پوسٽ تي ان صورتحال کي منھن ڏيڻو پوندو ھو. بُوز افغان گارڊ اھو نه ڏسندا ھئا ته ھي غيرملڪي آھن ۽ ھوٽل ۾ ترسيل آھن. مزي جي ڳالھه ته ھڪ ڏينھن ھنن اسان مردن کان ڪجھه نه پڇيو ۽ صرف ٻن خواتين ايني موليا ۽ ٽيسا کان جھڙتي ورتي.
14 ڊسمبر تي صبح جو ھوٽل جي ھال ۾ گڏ ٿيڻو ھو. نيرن ڪري گڏجاڻيءَ کان اڳ مان، گوپال ۽ اوءِ چن ھوٽل جي پورچ ۾ بيھي سگريٽ جا ڪش ھنيا جو اندر سموڪنگ تي پابندي ھئي. ٻاھر نڪرڻ تي بت مان سيسڙاٽ نڪري ويا جو خطرناڪ ٿڌ ھئي. ڪابل جي ٿڌ جو تجربو 1990 ۾ ٿيو ھو ۽ وري ھڪ ڏينھن اڳ ھوائي اڏي کان ٻاھر نڪرڻ شرط پتو پيو ھو ته گرمي پد مائينس چار تائين لٿل آھي. اسان ٻه ٽي سُوٽا ھڻي جلد ئي اندر ڀڳاسين.
ھن ھوٽل جون به وڏيون ڪھاڻيون آھن. سڄي افغانستان وانگر ھن ھوٽل به گھڻو ڪجھه ڀوڳيو آھي. 1969 ۾ ان وقت جي بادشاھ ظاھر شاھه ان جو افتتاح ڪيو ھو ۽ 3 اسٽار ھجڻ جي باوجود اھا ملڪ جي پھرين بين الاقوامي لگزري ھوٽل ھئي جنھن ۾ ٻه سئو ڪمرا، سُئمنگ پُول ۽ جم به ھئا. سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ ھجڻ سان گڏ اھا سينٽرل ھيٽنگ سسٽم سان ليس ھئي ته جيئن ڄمائيندڙ ٿڌ کان بچي سگھجي. 1980 ۾ سوويت فوجون آيون ته ھوٽل کي آفيسن طور استعمال ڪيو ويو. ھٿ ٺوڪين مجاھدن جي زماني ۾ ان کي اڃا وڌيڪ نقصان پھتو جو اڪثر راڪيٽن جا حملا ٿيندا ھئا. 1996 ڌاري ته ٻه سئو مان ڪل 80 ڪمرا مس استعمال ھيٺ اچي ٿي سگھيا. 2001 ۾ آمريڪي فوجون آيون ته به ھن ھوٽل جي قسمت خراب رھي جو انھن به ھتي ئي آفيسون ٺاھيون. اسان جي ھوندي به ھوٽل جا ڪجھه فلور آمريڪي فوجي عملدارن جي استعمال ھيٺ ھئا. 2011 جي جُون مھيني ۾ حقاني گروپ جي طالبان حملو ڪيو ھو. ويڙھه ۾ 9 طالبان سميت 21 ماڻھو مارجي ويا ھئا. ان وقت ھوٽل ۾ سٺ ستر مھمان ترسيل ھئا. 30 کن سرڪاري آفيسر ھئا جيڪي آمريڪي فوجين ھٿان شھر جو ڪنٽرول کين ملڻ جي حوالي سان بريفنگ لاءِ آيل ھئا. طالبان راڪيٽن، ھينڊ گرنيڊس، مشين گنن ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنن سان ليس ھئا. ھنن اُ ٿندي ئي ٻه دانسنگ ھال تباھه ڪيا ھئا. ڪمرن ۽ ڊائننگ ھال ۾ ويٺل مھمانن کي حڪم ڏنو ويو ھو ته ٻاھر نه نڪرن. رات جو ڏھين وڳي حملو شروع ٿيو ته افغان سڪيورٽي عملو ڀڄي ويو ھو جنھن کانپوءِ نئين فورس آئي ۽ مقابلو ٿيو. 2003 ۾ به ھڪ برٽش انٽيليجنس ايجنٽ ڪولن بيريءَ ھٿان ھن ھوٽل ۾ ٻه افغان باشندا مارجي ويا ھئا. انھن واقعن کانپوءِ دبئيءَ جي ھڪ سيڙپڪار 25 ملين ڊالر سيڙائي ان ھوٽل جي مرمت ڪرائي ھئي. اسان اھڙي خطرناڪ ھوٽل ۾ ترسيل ھئاسين.
گڏجاڻيءَ جي افتتاحي اجلاس ۾ اسان جي ميزبان شھير مرحبائي تقرير ڪئي، جنھن ۾ پاڪ افغان لاڳاپن جو ڪو تعلق نه ھجڻ جي باوجود ھن اھو موضوع ڇيڙيو ۽ پاڪستان تي تنقيد ڪئي. نجيبه ايوبي، جيڪا اسان سان نيپال ۾ به گڏ ھئي، سا به سدائين ڳالھه ڳالھه ۾ پاڪستان جو ذڪر ڪڍي تنقيد ڪندي ھئي ۽ ھتي به ايئن ڪيائين. پاڪستان جي پاليسين جو مان به مخالف ھئس ۽ ھنن جي تنقيد به جائز ھئي، پر ھي فورم ان لاءِ مناسب ڪونه ھو نه ئي اسان ان موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئاسين، تنھنڪري مون کي اھا ڳالھه بنھه ڪانه وڻي. سندن تقريرن جي وچ ۾ ته مون ڪونه ڳالھايو پر بعد ۾ کين چيو ته مان پاڪستان حڪومت جي نمائندگي ڪرڻ ڪونه آيو آھيان جو توھان مونکي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو. مان به جيڪڏ ھن جواب ۾ ڳالھائڻ شروع ڪندس ته ھروڀرو ماحول خراب ٿيندو. ٻيو ته مان سنڌي آھيان ۽ سنڌي ۽ افغان قومن جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن جو خواھشمند آھيان. ان ڳالھه کي ٻين دوستن به ساراھيو. ان کانپوءِ مختلف موقعن تي سندن تقريرن ۽ ڳالھين ۾ فرق اچي ويو. ھنن جو مون سان ته شروع کان ئي دوستاڻو رويو ھو پر منھنجي ھوندي پاڪستان خلاف ڳالھائڻ اخلاقي طور ٺيڪ نه ھو. افغانستان ۾ پاڪستان لاءِ نفرت جو اندازو شھر ۾ ديوارن تي ٿيل چاڪنگ مان ڪري سگھجي ٿو جن ۾ لکيل ھو “مرگ بر پاڪستان، مرگ بر آءِ ايس آءِ” جنھن جو مطلب آھي پاڪستان ۽ آءِ ايس آءِ لاءِ موت.
مون پنھنجي روايت موجب سنڌ جون ثقافتي سوکڙيون خريد ڪيون ھيون جيڪي افتتاحي اجلاس ختم ٿيڻ تي ڪجھه دوستن کي ڏنم. شھير کي اجرڪ ڏيندي ٻڌايم ته 1990 ۾ ان وقت جي افغان صدر نجيب الله کي به اجرڪ اوڍرايو ھئم ۽ اڄ وري کيس اھو تحفو ڏئي رھيو آھيان. ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مان اجرڪ جو پٽڪو ٻڌڻ چاھيان ٿو، جيڪو مون کيس ٻڌڻ ۾ مدد ڪئي. نجيبه کي سنڌي ڀرت ڀريل پرس ڏنم جيڪو کيس ايترو ته وڻيو جو ھر وقت پاڻ سان کنيو وتندي ھئي. ٻين ملڪن جي دوستن کي به ڪجھه سوکڙيون ڏنم، خاص طور نيپال واري دوست گوپال کي ۽ ھڪ سوکڙي سندس ڌيءَ شِيکا لاءِ جنھن کي مون پنھنجي ڌيءَ ڪوٺيو ھو. شِيکا مونکي بابا سڏيندي آھي جو نيپالي به پيءُ کي بابا ڪوٺين ٿا. ھن به نيپال مان مون لاءِ مفلر سوکڙيءَ طور موڪليو ھو.
منجھند جي مانيءَ کانپوءِ ٻڌايو ويو ته مانيءَ جو نشو لاھڻ لاءِ گڏجاڻيءَ بدران گھمڻ ٿا ھلون. نجيبه اسان کي مغل بادشاھه بابر جي زال لاءِ ٺھرايل محل ۽ باغ گھمائڻ جو پروگرام رٿيو ھو. اسان کي ٻيو ڇا کپي. گڏجاڻي ته بس نالي ۾ ھئي. ايشيا ڪالنگ وارن کي ھئا پئسا کپائڻا سو ڪابل ۾ گڏ ٿيا ھئاسين. اسان ڪابل نديءَ جي ڀرسان رستو وٺي چِھلستوُن گذرگاھه (روڊ) تي پھتاسين جتي ھڪ جبل تي وڏي ايراضيءَ ۾ باغِ بابر قائم ھو. ڪابل ندي ان وقت ڪراچيءَ جي لياري
نديءَ جھڙو ڏيک ڏئي رھي ھئي جو ان ۾ ٻنھي پاسن کان گندگيءَ جا ڍير پيل ھئا ۽ وچ ۾ گندو گٽرن جو پاڻي وھي رھيو ھو. سياري ۾ پاڻيءَ جو وھڪرو نه ھجڻ ڪري ڪابل نديءَ جو اھو حال ھو. ندي ڪا گھڻي ويڪري ڪانھي بس سنڌ جي ڪنھن شاخ جيتري آھي پر مون ان ۾ مارچ 1990 ۾ پاڻي وھندي ڏٺو ھو.
سورھين صديءَ جي ان تاريخي محل ۽ باغ کي به طالبان ڪونه بخشيو ۽ وڏو نقصان پھچايو ھو. حامد ڪرزئيءَ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ افغان حڪومت پرڏيھي امداد سان 2003 کان 2006 تائين ٽن ورھين ۾ مرمت ڪرائي اصل شڪل ۾ بحال ڪرايو. محل اندر ڪجھه تاريخي شين کي به سنڀالي رکيو ويو آھي جڏھن ته برٽش حڪمرانن سان گڏ افغان حڪمرانن جون تاريخي تصويرون ۽ ٻيو رڪارڊ به اتي سنڀاليل آھي. اسان بابر بادشاھه جي قبر تي به وياسين جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ته کيس پھريائين امانت طور ھندستان ۾ دفنايو ويو ھو جتان پوءِ ھتي آڻي پُوريو ويو. مون بابر بادشاھه جي قبر وٽ رکيل وزيٽرس بُڪ ۾ لکيو: “مان سنڌ مان آيو آھيان جنھن بابر بادشاھه جي پٽ ھمايون کي ان وقت پناھه ڏني جڏھن شير شاھه سُوري سندس پٺيان ھو ۽ لاھور ۾ به کيس لڪڻ جي جاءِ نه ڏني وئي. مان ان سنڌ مان آيو آھيان جتي بابر بادشاھه جو پوٽو اڪبر بادشاھه ڄائو ھو.” ان شاھي قبرستان ۾ مغل بادشاھن جي بيگمات جون قبرون به ھيون. ھو قبر ان عورت جي ھئي جيڪا مغل گھراڻي جي مشھور شاعره به ھئي.
شاھي محل ۾ گھمندي، شاھي قبرستان مان ٿيندا اسان محل جي ان حصي ۾ پھتاسين جيڪا مھمان سراءِ ھئي ۽ حڪومت ان کي افغان ثقافتي شين جي وڪري لاءِ استعمال ڪري رھي ھئي. اڳيان دالان ۾ ھڪ ڇوڪر عقيق ۽ ٻين قيمتي پٿرن مان ٺھيل بريسليٽ ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري رھيو ھو. مون جڏھن کانئس اگھه پڇيا ته ھن ڊالرن ۾ قيمت ٻڌائي. ان مان اندازو ٿيو ته ڊالر افغانستان جي معيشت تي ڇانيل ھو. مون ڪجھه بريسليٽ ورتا ته ھن بقايا پئسا به ڊالرن ۾ ئي ڏنا. ھونئن افغان ڪرنسي به مضبوط ٿي چڪي آھي. 1990 ۾ پاڪستان جي ھڪ رُپئي ۾ 23 افغاني (افغان ڪرنسيءَ جو نالو) ٿي آيا جڏھن ته ھاڻي ھڪ افغانيءَ ۾ ٻه رُپيا ھئا. معاملو اُلٽ پُلٽ ٿي چڪو ھو.
شاھي محل کان ھيٺ مکيه رستي تائين باغ پکڙيل ھو جتي مغل باشاھه جي راڻي سھيلين ۽ ٻانھين سان گڏ ٽھل تي نڪرندي ھئي. ھي ۾هل ۽ وسيع باغ ان پھاڙيءَ تي ھو جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ته بعد جي افغان حڪمرانن (ٻن ڀائرن) وچ ۾ اختلافن سبب ڪابل کي ورھائي کڻڻ لاءِ ديوار جو ڪم ڏيندي ھئي.
باغِ بابر گھمڻ کانپوءِ اسان ھوٽل ڏانھن واپس ٿياسين جتي انتھائي بور ڪندڙ اجلاس جو باقي حصو رھيل ھو. منھنجي ته ڇا نيپالي ۽ برمي دوستن جي دلچسپي به ڪابل کي وڌ ۾ وڌ ڏسڻ سان ھئي، جنھن جو موقعو اسان کي وري رات جو ملي ويو. مون کي ته ڪجھه اھڙن ماڻھن سان ملڻ جو موقعو به مليو جيڪي افغان پناھگير طور پاڪستان ۾ پرورش ۽ تعليم وٺندا رھيا ۽ فقط ڪجھه ورھيه اڳ واپس آيا ھئا. خود نجيبه ايوبي پشاور ۽ لاھور جي رڪشائن ۾ گھمڻ جا قصا مزي سان ٻڌائيندي رھي پر کيس اردو پوري ڪا نه ايندي ھئي. ڪي لفظ سمجھي سگھندي ھئي. پر سندن ھڪ ساٿي مئنيجر ايڊمنسٽريشن اجمل آريا ته مون سان وڏي پاٻوھه سان اچي مليو ۽ روانيءَ سان اردوءَ ۾ ڳالھائڻ لڳو ھو. اجمل مونکي ٻڌايو ته ھو پشاور ۽ ڪوھاٽ ۾ رھيو ۽ پڙھيو ھو. اسان جي ٻن گاڏين جا ڊرائيور به پاڪستان ۾ رھي چڪا ھئا جن مان ھڪ انور ته سھراب ڳوٺ ڪراچي ۾ رھندو ھو. انور مون کان سھراب ڳوٺ جا حال احوال وٺندو ھو.
شام ڌاري ھڪ مقامي صحافي زبير ببرڪ اسان سان ملڻ آيو. ھو به پاڪستان ۾ پناھگير طور زندگي گذاري چڪو ھو. ھن نوجوان توڙي ٻين سڀني جو چوڻ ھو ته کين پاڪستان ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ھئي. ان حد تائين جو ڪڏھن پوليس به کين پريشان نه ڪيو. زبير اتفاق سان اھو نوجوان نڪتو جنھن جو نالو ۽ فون نمبر مون کي جرمنيءَ مان منھنجي ھڪ شاگرد شادي خان سيف موڪليو ھو. شادي خان به افغان آھي ۽ پاڪستان ۾ رھندو ھو. بعد ۾ جرمنيءَ ويو ۽ ريڊيو ڊوئچي ويلي لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو ھو. (اڄڪلھه وري پاڪستان موٽي آيو آھي). شادي خان جو ڀاءُ نورمحمد به ڪابل ۾ صحافي آھي. ڪابل اچڻ کان اڳ ساڻس فون تي رابطو ڪيو ھئم ته جيئن صحيح حالتن جي ڄاڻ پوي.
سڀني دوستن جو خيال ھو ته رات جي ماني ڪٿي ٻاھر ھلي روايتي افغان ھوٽل تي کائجي. ڪٿي ھلجي، ان جو فيصلو زبير ببرڪ تي ڇڏيو ويو. ھو اسان کي نوا شھر (نئون شھر) جي علائقي ۾ وٺي ھليو جتي ھڪ وڏي پارڪ جي سامھون روايتي افغان کاڌن جون ريسٽورنٽس ھيون. انھن جي ٻاھران فُٽپاٿ تي مچ ٻري رھيا ھئا جن تي تِڪا پچايا پئي ويا. اسان ھڪ ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويٺاسين جنھن جي بھترين معيار جو اندازو ٻاھران نٿي ٿيو. ڪڙاھي گوشت کائڻ جو مزو به ھتي ئي آيو. ٻاھرين دوستن ته پنھنجي حساب سان کاڌي جا آرڊر ڏنا پر ڪڙاھي چکڻ کانپوءِ ھنن ٻيا آرڊر ڏيڻ تي پڇتايو ھو.
ڊنر کانپوءِ ٻيا دوست ته واپس ھوٽل تي ھليا ويا پر گوپال، اوءِ چن ۽ مان زبير سان گڏ بولنگ ڪلب ھليا وياسين. گوپال کي مڌ جي ماٽيءَ جو اُونو ھو جنھن جي انتظام لاءِ زبير کي چيو ھوسين. زبير وري ان لاءِ ھڪ آمريڪن صحافيءَ کي چيو ھو جيڪو بي بي سيءَ لاءِ ڪم ڪندو ھو. زبير به ان ئي اداري لاءِ اسٽرنگر طور ڪم ڪندو ھو. آمريڪي صحافيءَ ڪيس بولنگ ڪلب پھچڻ جي صلاح ڏني ھئي. بولنگ ڪلب اندر گھڙڻ لاءِ سخت سڪيورٽي جو انتظام ھو. ان حد تائين جو سگريٽ ۽ لائيٽر به ٻاھر گارڊس وٽ رکڻا پيا. اندر جو ماحول ڏسي ھوش اُڏامي ويا. لڳوئي نٿي ته ھي جنگي حالتن ۾ ھلندڙ ملڪ آھي. ڏھه پندرھن لک ڊالرن جي سيڙپ ٿيل ھئي ۽ نوجوان کيڏاڙي پنجاھه ۽ سئو ڊالرن جي ٽڪيٽ وٺي کيڏي رھيا ھئا. اسان حيران ھئاسين ته افغان نوجوانن وٽ ايترو پئسو ڪٿان آيو؟
آمريڪي صحافي اسان کان پوءِ پھتو جو ھو ڪابل کان ٻاھر ويل ھو ۽ سڌو اتي پھتو ھو. ٻئي ڄڻا اسان کي وٺي نوا شھر جي رھائشي علائقي ۾ ھڪ بنگلي تي وٺي ھليا. اها نئين آبادي ھئي ۽ رات جي وقت بلڪل سُڃ لڳي پئي ھئي. آمريڪي صحافيءَ اُتي ئي ويھي پيئڻ جي صلاح ڪئي پر گوپال ۽ اسان اتي سخت ٿڌ ۾ ويھي نٿي سگھياسين. ھوٽل جي گرم ماحول ۾ ويھي ڪچھري ڪرڻ اسان لاءِ بھتر ھو. سڪيورٽيءَ جي لحاظ کان به اسان ھوٽل وڃڻ بھتر سمجھيو ھو.
15 ڊسمبر تي به ميزبانن گھمڻ ڦرڻ جو پروگرام رٿيو ھو. لنچ کانپوءِ ھو اسان کي نيشنل ميوزم وٺي ويا. اھو مرڪزي شھر کان 9 ڪلوميٽر پري دار الامان روڊ تي آھي. اتي پھچڻ کانپوءِ مونکي اھا تاريخي عمارت به نظر آئي جيڪا 21 سال اڳ ڏٺي ھئم. اھو افغان بادشاھن جو محل ھو جنھن کي شھيد نجيب الله جي زماني ۾ دفاع واري وزارت جو ھيڊڪوارٽر ٺاھيو ويو ھو. ما رچ 1990 ۾ اسان جي دوري کان ٻه اڍائي مھينا اڳ شھيد صدر نجيب جي وزير دفاع شاھنواز تنائيءَ بغاوت ڪئي ھئي ۽ ان دوران بمباريءَ سبب ان محل کي نقصان پھتو ھو. نيشنل ميوزم ۽ اھو محل ھڪٻئي جي آمھون سامھون آھن ۽ وچ ۾ رڳو ھڪ رستو آھي. مهل ٿورو مٿانھينءَ تي ٺھيل آھي. طالبان وري پنھنجي زماني ۾ نيشنل ميوزم ۽ ان ۾ رکيل نوا درات ۽ خاص طور مھاتما ٻُڌ جي مجسمن کي تباھ ڪيو ھو. حامد ڪرزئيءَ جي حڪومت آمريڪا جي مدد سان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عجائب گھر ۽ ٻُڌ جي مجسمن جي ته مرمت ڪرائي پر تباھه ٿيل محل جيئن جو تيئن موجود آھي. افغان حڪومت کي وري به شابس آھي جو انھن عجائب گھر ۽ مجسمن جي مرمت ڪرائي. اسان وٽ ته ايم ڪيو ايم جي دھشتگرديءَ واري شروعاتي زماني ۾ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ساڙي تباھه ڪيل ٽالپرن وارو ميوزم اڄ تائين بحال نه ٿيو ۽ نه ئي پڪي قلعي جي مرمت ۽ بحاليءَ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آھي جيڪو ڀڄندو ڀرندو ختم ٿي رھيو آھي. قلعي جون ديوارون ڪرڻ جون خبرون اڪثر اينديون رھن ٿيون.
سواءِ منھنجي، اوءِ چن ۽ گوپال جي باقي دوستن جو ڪابل ۾ اھو آخري ڏينھن ھو جو ڪن جي رات جو ۽ ڪن جي صبح جو سوير فلائيٽ ھئي. اسان ٻن جي فلائيٽ 17 ڊسمبر تي صبح جو سوير ھئي تنھنڪري اسان کي 16 ڊسمبر جو سڄو سارو ھڪ ڏينھن گھمڻ لاءِ ھو. صبح جو سوير اُٿڻ جو شرط به ڪونه ھو ان ڪري اسان ٽئي دير تائين ڪچھري ڪندا رھياسين. نجيبه اسان سان وعدو ڪيو ھو ته ھوءَ اسان کي شھر گھمائيندي. اسان اُن ڏينھن ڪابل جي انھن پراڻن علائقن مان به لنگھياسين جتي طالبان جي حملن ۾ ڪافي عمارتون ڊھي ويون ھيون ۽ کنڊر اڃا تائين موجود ھئا. ھڪ پھاڙيءَ تي مدد خان جو مقبرو به ڏٺوسين جتي وسيع ميدان ۾ سوين نوجوان ۽ ٻيا ماڻھو تفريح لاءِ آيل ھئا. اڪثر ماڻھو لغڙ اُڏائي رھيا ھئا. اسان اتان واپسيءَ تي جنھن رستي تان لنگھياسين اُتي ھڪ وڏي ڊگھي ديوار نظر آئي جنھن تي حفاظتي بُرج به ٺھيل ھئا . نجيبه ٻڌايو ته ان اندر صدارتي محل آھي جتي حامد ڪرزئي رھي ٿو. ان ديوار جي اندر ڪافي فاصلي کانپوءِ صدارتي محل ھو پر ڪجھه وقت اڳ ان محل تي حملي کي ناڪام بنائي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي ھئي، پر بلاول ھائوس وانگر رستا بند نه ڪيا ويا ھئا. (ھاڻي ان صدارتي محل جي آسپاس سڪيورٽي وڌائي شايد رستا بند ڪيا ويا آھن جو ان تي لاڳيتو حملا ٿي رھيا ھئا. ) صدارتي محل ششدرڪ علائقي ۾ آھي جتي سي آءِ اي جي ھڪ آفيس آريانا ھوٽل ۾ قائم آھي ۽ سمورو علائقو ريڊ زون ۾ اچي ٿو.
اسان جي آخري سرگرمي ھئي خريداري جنھن لاءِ چاندي ۽ ٻئي ڌاتوءَ مان ٺھيل زيورن جي بازار، جديد گھڻ ماڙ شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون بازارون گھميون سين. گھڻ ماڙ شاپنگ سينٽرن ۾ سخت سڪيورٽي ھئي ۽ واڪ ٿُرو گيٽن مان لنگھڻو ٿي پيو جو اڳي ڳتي طالبان جا حملا ٿيندا ھئا. اسان لنچ به اھڙي ئي ھڪ شاپنگ سينٽر ۾ ٽاپ تي قائم ماڊرن ريسٽورنٽ ۾ ڪئي ھئي. اسان فروشگاھه اسٽريٽ تي به ڪجھه دير گھمياسين جتي وڏي گھماگھمي ھئي. ان علائقي ۾ مشھور سيرينا ھوٽل به آھي جتي انتھا درجي جي سڪيورٽي ھئي ڇو ته اتي آمريڪي سي آءِ اي جي ھڪ ٻي آفيس به قائم ھئي.
افغانستان ۾ صنعتي ترقي ڪ گھڻي ڪانه ٿي آھي. سندن آمدنيءَ جا مکيه وسيلا سُڪل ميوو ۽ مشروب ٻڌايا وڃن ٿا. مون ان ڏينھن نجيبه کان ڪافي سوال ڪيا ھئا. ھڪ سوال اھو به ھو ته آمريڪي امداد کان علاوه حڪومت جي آمنيءَ جا وسيلا ڪھڙا آھن؟ ھن بلڪل صاف لفظن ۾ چيو: ڏوڏيءَ جي پوک ۽ ھيروئن جي پيداوار. سماجي ڏوھن لاءِ ھن جو چوڻ ھو ته ماڻھن جا پنھنجا سخت سماجي اصول آھن انڪري اھڙا ڏوھه گھٽ ٿين ٿا. گاڏين جي چوري يا ڦُر جي واقعن جو به تعداد نه ھئڻ برابر آھي. مزيدار ڳالھه ھيءَ ته طالبان جا ليڊر به ڪابل ۾ ئي رھن ٿا. نجيبه ٻڌايو ته طالبان جو پرڏيھي وزير ڪابل ۾ ئي رھي ٿو.
روزانو شھر ۾ گھمڻ لاءِ ويندي ۽ موٽندي مان شھر جي روڊ رستن، عمارتن ۽ دڪانن کي غور سان ڏسندو ھئس. ڪي علائقا پراڻا ھئا جتي ڪچيون جايون به نظر آيون. روايتي نموني گھرن سان لڳ دڪان به ھئا. ڪابل يونيورسٽيءَ ڀرسان اڪثر لنگھڻ ٿيندو ھو جيڪا 1932 ۾ قائم ٿي ھئي. پنھنجي پھرين دوري ۾ اسان يونيورسٽيءَ اندر به گھمي آيا ھئاسين. ڪابل ۾ رستن تي اڪثر نوجوان ڇوڪريون جينس جي پينٽن ۾ نظر آيون.
ڪابل ۾ اسان جي ھوندي ايترن ڏينھن ۾ ڪوبه وڏو واقعو ڪونه ٿيو ھو. اسان سانجھيءَ ڌاري ٿڪجي ھوٽل تي پھتاسين ته گوپال مون کي چيو: ڌماڪي جو آواز ٻڌءِ؟ مون اھڙو ڪو آواز ڪونه ٻڌو ھو، پر سچ پچ ڌماڪو ٿيو ھو ۽ بعد ۾ نجيبه فون تي ٻڌايو ته ڌماڪو ان ڪمرشل ايريا ۾ ٿيو ھو جتي ڪجھه دير اڳ اسان گھمي رھيا ھئاسين. اسان شڪر ڪيو ته بم ڌماڪو اسان جي نڪري اچڻ کانپوءِ ٿيو ھو جنھن ۾ ڪجھه بيگناھ مارجي ويا ھئا.
اسان 17 ڊسمبر تي صبح جو پنجين وڳي ڪابل جي ھوائي اڏي لاءِ روانا ٿي ويا سين. نجيبه سندن ڊرائيور کي ھدايت ڪئي ھئي ته اسان جي فلائيٽ جي روانگيءَ تائين اتي موجود رھي. ھوءَ پاڻ به فون تي ايستائين اسان سان رابطي ۾ رھي جيستائين اسان جھاز ۾ نه ويٺاسين.
*