ذڪر هوائي اڏن جو
مان حيران هئس ته هڪ سال اندر هنن ايترو ڪم ڪيئن مڪمل ڪري ورتو. مون کي سنگاپور جو چانگي Changi هوائي اڏو ياد آيو جتي سيپٽمبر 2000 ۾ وڃڻ ٿيو هو. City State سڏجندڙ سنگاپور هڪ ٻيٽ تي قائم آهي جيڪو هڪ ڪازوي ۽ پُل ذريعي ملائيشيا سان ڳنڍيل آهي. سندس آسپاس 63 ننڍا ٻيٽ پکڙيل آهن. معاشي لحاظ کان انتهائي شاهوڪار ۽ ايشيائي چيتو سڏجندڙ هن ملڪ جي ڪل پکيڙ 6 سئو سٺ چورس ڪلوميٽر آهي. زمين جي کوٽ هجڻ جي ڪري هتان جي سرڪار سمنڊ کي پوئتي ڌڪي وسيع هوائي اڏو تيار ڪيو هو جتي پڻ مسافرن لاءِ هڪ ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل تائين وڃڻ لاءِ جديد ريل ڪار هلائي ٿي وئي. جنهن هنڌ هوائي اڏو ٺاهيو ويو هو، اتي سامونڊي ڪناري تي چانگي نالي سان هڪ ڳوٺڙو هو جنهن جو نالو هوائي اڏي تي رکيو ويو. هن هوائي اڏي جي خوبصورتي اها آهي ته جهاز جي لهڻ ۽ چڙهڻ مهل مسافر نه رڳو سمنڊ جو نظارو ڪن ٿا پر پاڻ کي به ڄڻ سمنڊ جي سطح تي ترندو محسوس ڪندا. جيئن جيئن جهاز هيٺ لهي ٿو يا مٿي چڙهي ٿو ته سنگاپور جي آسپاس ڪيترائي ننڍا ٻيٽ نظر اچن ٿا جن تي پڻ زندگي روان دوان هوندي آهي. چون ٿا ته ڪجهه ڏهاڪن اندر سمنڊ کي ڌِڪي يا پائي سنگاپور جي ايراضي ست سئو چئن ڪلوميٽرن تائين وڌائي وئي آهي ۽ ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ وڌيڪ هڪ سئو ڪلوميٽر زمين حاصل ڪئي ويندي. ڪن هنڌن تي ته ننڍن ٻيٽن جي وچ واري علائقي کي ملائي وڏڙو ٻيٽ ٺاهيو ويو آهي. هتي اسان وٽ منهوڙي جي ڀر ۾ بابا ۽ ڀِٽ ٻيٽن تي رهندڙن کي ايڪيهين صديءَ ۾ بنيادي انساني سهولتون به اڃان ڪونه ملي سگهيون آهن. ڪوريا جي ٻئي سفر ۾ ايندي ويندي هانگ ڪانگ هوائي اڏي تي ٻه ٽي ڪلاڪ ترسڻو پيو هو. هن ٻيٽ جي هوائي اڏي تي به جهاز کي لهڻ ۽ چڙهڻ مهل ڪافي دير سمنڊ مٿان هيٺانهون اُڏامڻو پوي ٿو ۽ ڊپ ٿيندو آهي ته ڪٿي سمنڊ ۾ هلندڙ لانچن ۽ جهازن سان ٽڪرائجي نه وڃي. پر ان لحظي کن جي انديشي تي قدرتي نظارا حاوي ٿي ويندا آهن. اسان وٽ ڪراچيءَ جو هوائي اڏو سمنڊ کان ته پري آهي پر جڏهن سري لنڪا ويندڙ يا عرب رياستن ڏانهن ويندڙ هوائي جهاز ايئر پورٽ تان اُڏامڻ کانپوءِ سامونڊي ڪناري وارو رُوٽ اختيار ڪندا آهن ته سنڌ جي سمنڊ جا نظارا دير تائين نظر ايندا آهن . هنن هوائي اڏن جو احوال اوريندي جيڪڏهن مان سيوهڻ واري هوائي اڏي جو ذڪر نه ڪريان ته ناانصافي ٿيندي. شهيد بينظير ڀٽو جي آخري حڪومت ۾ مرحوم عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران تعمير ٿيل هي شاهڪار اڄ تائين استعمال ٿيڻ بنا پيو آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ ممڪن آهي ته ڪا هڪ اڌ فلائيٽ هلائي وئي هجي پر جيئن ئي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿي تيئن ئي هن هوائي اڏي کي بند ڪيو ويو. هوائي اڏي جي حوالي سان سيد عبدالله شاهه تي گهڻائي الزام هنيا ويا جن جي تفصيل ۾ مان وڃڻ نه ٿو چاهيان پر هن هوائي اڏي جي لوڪيشن ايتري ته خوبصورت آهي جو مرحوم عبدالله شاهه جو دشمن به ان جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. ايشيا جي سڀ کان وڏي مٺي پاڻيءَ (هاڻي کاري پاڻيءَ) واري ڍنڍ منڇر جي ڪنڌيءَ تي ٺهيل هن هوائي اڏي جي خاصيت هيءَ آهي ته جهاز جي لهڻ ۽ چڙهڻ مهل منڇر جا نظارا مسافرن جي من کي موهي وجهندا. جهاز جيڪڏهن صبح جو لهي ۽ چڙهي يا شام جو لهي ۽ چڙهي، منڇر مان اُڀرندڙ ۽ لهندڙ سج ۽ چنڊ ته مسافرن کي مست ڪري ڇڏيندو، پر ڇا ڪجي هتان جي گندي سياست کي جنهن سنڌ جي سياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ تعمير ڪرايل هن هوائي اڏي کي بيڪار بنائي ڇڏيو. سنڌ جا ٻيا هوائي اڏا جهڙوڪ حيدرآباد، نوابشاهه، جيڪب آباد وغيره به بيڪار ئي پيل آهن . فقط سکر ۽ موهن جو دڙو هوائي اڏا مهرباني ڪري استعمال ڪيا وڃن ٿا. جيڪب آباد وارو هوائي اڏو ته سنڌ جو نه بلڪ آمريڪا جو فوجي اڏو بڻجي چڪو هو.
سنڌ جي هوائي اڏن لاءِ جهاز نه هلائڻ جو سبب عام طور اهو ٻُڌايو وڃي ٿو ته مالي لحاظ کان اهي فزيبل ناهن يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اهي ڪمائڻ وارا نه پر نقصان ڏيڻ وارا هوائي اڏا آهن جو ماڻهو ايتري ويجهي پنڌ لاءِ جهاز بدران بسن ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا. مون کي ياد آهي ته کٽمنڊو ۾ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نيپال جي مختلف علائقن مان صحافي جهازن ۾ آيا هئا ۽ سندن چوڻ هو ته سندن ملڪ ۾ ننڍن جهازن جو وڏو نيٽ ورڪ آهي ۽ جابلو رستن تي سفر ڪرڻ بدران جهازن ۾ سفر وڌيڪ سولو آهي. کٽمنڊوهوائي اڏي تي واقعي کوڙ ننڍا جهاز بيٺل نظر آيا هئا. جيڪڏهن سنڌ ۾ به ننڍا هوائي جهاز هلايا وڃن ته هوائي سروس ڪامياب ٿي سگهي ٿي. مون کي ياد آهي ته مرحوم وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي زماني ۾ سنڌڙي ايئر فورس بيس تان هوائي سروس شروع ڪئي وئي هئي. ان وقت جي وڏي وزير سيد غوث علي شاه کان هوائي اڏي جو افتتاح ڪرايو ويو هو جنهن لاءِ سيد غوث علي شاه ۽ اسان صحافين کي تيرهن سيٽن واري هڪ جهاز ۾ ڪراچيءَ کان سنڌڙيءَ وٺي ويا هئا ۽ اُتان پوءِ ساڳئي ننڍڙي جهاز ۾ سکر ويا هئاسين جو وڏي وزير کي عام جلسي لاءِ اتي لهڻو هو. اسان ان ئي جهاز ۾ سکر کان واپس ڪراچيءَ آيا هئاسين. 1988 ۾ اها سروس شروع ڪئي وئي ۽ ڪجهه مهينن اندر جوڻيجو حڪومت برطرف ٿيڻ شرط ان کي ختم ڪيو ويو هو. اهڙا جهاز سنڌ جي هر هوائي اڏي لاءِ هلي سگهن ٿا پر مخصوص لابيون اهو ڪڏهن به نه چاهينديون. ڪجهه ورهيه اڳ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ خانگي ايئر لائين ايئر بِلو نوابشاه لاءِ سروس شروع ڪئي هئي جنهن جي افتتاحي اُڏام ۾ مان به سوار هئس، پر خبر ناهي ته اها هلي پئي يا بند ٿي وئي. مشرف جي سڄي دور ۾ حيدرآباد جا واپاري ۽ صنعتڪار وڏيون ڪوششون ڪندا رهيا پر پي آءِ اي اُتان اُڏامون شروع نه ڪيون. 2008 ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ آسرو ٿيو ۽ وڏا واعدا به ڪيا ويا پر ڪجهه نه ٿيو. شابس آهي پنجاب جي ملتان، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ جي صنعتڪارن کي جن نه رڳو اتي هوائي اڏا ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي پئسو ڏنو پر پي آءِ اي جون باقائدا اُڏامون به شروع ڪرائي ڇڏيون.
ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ بئنڪاڪ جا هوائي اڏا ته انتهائي جديد تعمير جو نمونو آهن، پر نيپال وارن کٽمنڊوهوائي اڏي جي تعمير ۾ جدت بدران پنهنجي ثقافت کي ترجيح ڏني آهي. نيپال امير ملڪ ناهي ان ڪري سادي سُودي عمارت اٿن، پر اُن جي خوبصورتي پڪين ڳاڙهين سِرُن سان ان جي اڏاوت ۾ آهي. نيپال ۾ عمارتون اسان وانگر گهڻو ڪري پڪين ڳاڙهين سِرُن سان تعمير ڪيون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ پهريون دفعو لاهور جو نئون هوائي اڏو ڳاڙهين سِرُن سان ٺاهي هتان جي ثقافتي تعمير کي اُجاگر ڪيو ويو آهي.
*