ساڍي نائين وڳي شٽر بند
اسان جي موج مستي ۽ ڪچهري جاري هئي ته ساڍا نَوَ ٿي ويا ۽ ريسٽورنٽ جا شٽر بند ٿيڻ لڳا. جنهن هال ۾ اسان ويٺا هئاسين اُن جي اڳيان شيشو لڳل هو ۽ ٻاهر جو منظر ڏسي سگهجي پيو. مون ڪيترن ئي نوجوان جوڙن کي ان ريسٽورنٽ جي ٻاهران گڏ ٿيندي ڏٺو. خبر پئي ته انهن جوڙن جو وقت اڃا هاڻي شروع ٿيڻو هو جو نه رُڳو ان ريسٽورنٽ ۾ پر آسپاس جي ٻين هوٽلن ۾ ڊانسنگ هال هئا جتي اهي جوڙا سڄي رات موج مستي ڪندا. ڊانسنگ هالن کانسواءِ باقي ريسٽورنٽ ۽ ٻيو ڪاروبار رات جو ساڍي نائين وڳي بند ٿيو وڃي. هال جي شيشي ٻاهران به ڪجهه ٽيبل ڪرسيون لڳل هيون. شٽر بند ٿيڻ کان ڪلاڪ کن اڳ هڪ ڊگهي قد جي ماڊرن مائي اُتي ويٺل نظر آئي هئي جيڪا وسڪي پيئندي اسان مان ڪنهن نه ڪنهن کي پنهنجو گراهڪ ٺاهڻ لاءِ اشارا ڪندي رهي.
ريسٽورنٽ جي مُهڙ وارو شٽر ته ساڍي نائين وڳي بند ڪيو ويو پر اسان ساڍي ڏهين وڳي تائين ويٺا رهياسين ۽ ڊنر ختم ڪري ريسٽورنٽ جي پاسي واري گهٽيءَ ۾ کلندڙ در مان ٻاهر نڪتاسين. گوپال ٻُڌايو ته هتي ڪاروبار صبح جو سوير ئي شروع ٿيو وڃي ۽ رات جو لازمي طور ساڍي نائين وڳي شٽر بند ڪرڻا هوندا آهن. مون کي پاڪستان ياد آيو جتي ڪاروباري ماڻهو بجليءَ جي وڏي بحران جي باوجود حڪومت جي اهڙي ڪنهن به هدايت تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ته ڪاروبار کُلي ئي ٻارهين کانپوءِ ۽ رات جو دير تائين جاري رهي ٿو، حڪومت ڪا سختي ڪري ته مظاهرن ۽ هڙتالن تائين تيار ٿيو وڃن.
ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته واقعي ڪاروبار بند ٿي چڪو هو، رستي تي جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٽولن جي شڪل ۾ موجود هئا. ميزبان اسان کي پنهنجي هوٽل تائين پهچائي واپس هليا ويا. صبح جو اسان کي هن هوٽل مان روانو ٿيڻو هو ڇو ته باقي رهائش ۽ پروگرام شهر کان ٻاهر خوبصورت پهاڙي علائقي ۾ گوڊاوري رزارٽ ۾ هو، پر مونکي ديپيندرا چيو ته مان ٻين دوستن سان گڏ نه وڃان جو هُو مون کي صبح جو پنهنجي ريڊيو اسٽيشن گهمائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ريڊيو اسٽيشن گهمائي هو مون کي گوڊاوري رزارٽ ڇڏي ايندو.
*