اُڀرندي سمنڊ ڏانهن سفر
ڳالهين ۾ سفر جي خبر ئي ڪانه پئي ۽ اسان گينگنيونگ شهر پهچي وياسين جنهن کي عالمي ورثي واري شهر طور مڃتا مليل آهي. اهو ئي شهر ڪيترن ئي ڪوريائي دانشورن ۽ فلسفين جي پيدائش جو هنڌ به آهي. هن شهر جي آبادي ٻه اڍائي لک کن مس آهي پر ايراضي گهڻي اٿس. سرڪاري انگ اکرن مطابق پنجاسي هزارن کان وڌيڪ گهرن جون عمارتون هن شهر ۾ آهن . اسان جي بس ويڪرن خوبصورت رستن تان هلندي هڪ وڏي گيٽ اندر داخل ٿي جنهن جي اندر وسيع ايراضيءَ ۾ ڪاٺ جي قديم گهرن جو سلسلو پکڙيل هو. اهي گهر چوڏهين صديءَ ۾ ان وقت جي شاهي گهراڻي جي رهائش لاءِ تعمير ڪيا ويا هئا. ڪاٺ جي گهرن جون ڇتيون ڪاٽيج وانگر هيون، ڪمرن جي آڏو ورانڊا، ٿڌ کان بچڻ لاءِ هر ڪاٽيج جي هيٺان باهه ٻارڻ جو انتظام وغيره هو. هتي ايندڙ سياحن لاءِ پارڪ ۽ ريسٽورنٽ به موجود هئا. هر ڪاٽيج جي ٻاهران ان ۾ رهندڙ شاهي گهراڻي جي فرد جا تفصيل ۽ سندس زماني بابت تاريخي معلومات ڏنل هئي. هن شهر ۾ سياحت جون اڻ ڳڻت جايون هيون پر رڳو شاهي گهراڻي جي رهائش گهمندي ئي گهڻو وقت لڳي ويو ان ڪري ٻين ورثن کي ڏسڻ ملتوي ڪيوسين جن ۾ 1326 ۾ گوريو گهراڻي Goryeo dynasty جي بادشاه چُنگ سُڪ Chungsuk جو ٺهرايل پويلين به شامل هو جنهن لاءِ مشهور آهي ته اتان پنج چنڊ هڪ ئي وقت ڏسي سگهجن ٿا:هڪ چنڊ آسمان تي، ٻيو ڍنڍ ۾، ٽيون مڌُ ڀريل گلاس ۾ ۽ ٻه چنڊ محبوب جي نيڻن ۾. اها ڳالهه ٻُڌي مون کي پنهنجي دوست شاعر غفار تبسم جي شاعري ياد آئي جنهن ۾ پِرين جڏهن رات جو سمنڊ ڪناري بيٺو آهي ته شاعر چوي ٿو:هڪ چنڊ تماشو هو، ٻيو چنڊ تماشائي. سندس اهو ڪلام حنيف لاشاريءَ منهنجي گهر تي غفار تبسم سان ملهايل شام ۾ ڳايو هو.
شاهي رهائشن وٽان روانگيءَ کان اڳ هڪ ڪاٽيج جي ٻاهران دُهل شرنائين تي لوڪ داستان پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ماسڪ پاتل هيرو، هيروئن ۽ ولين هوندا آهن . بدمعاش نوجوان ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي الڳ ڪرڻ چاهيندو آهي جنهن دوران ويڙهه ٿيندي آهي. هتان جا دُهل ته سنڌ جي دُهلن کان ٿورو مختلف هئا پر شرنايون ذري گهٽ هڪجهڙيون هيون. ماسڪ اندر ڪابه ڇوڪري ڪانه هئي پر هڪ ڇوڪرَ کي ئي ڇوڪريءَ جو ماسڪ پارايو ويو هو.