ڀَلو جَلُ
ڀَري تَلَ ترائيون، جوڙي هليون جُوءِ.
ساڳي سُر ۾ ٻئي هنڌ ٿر ۾ وسڪاري جي حوالي سان چوي ٿو:
بَرَ وُٺا، ٿَرَ وُٺا، وُٺيون ترايون.
(بدر ابڙي به پنهنجي 1996 ۾ڇپيل نيپال جي سفرنامي “ڀڳوانن جي ڀُونءِ” ۾ سنڌيءَ سان ملندڙ ڪجهه نيپالي اکرن جو ذڪر ڪيو آهي. مثال طور نيپالي اکر تال ۽ سنڌي اکر تلاءُ).
مان ٻولين جو ماهر ته ناهيان پر جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم، جتي به ويندو آهيان ته سنڌيءَ جهڙا يا اُن سان ملندڙ لفظ ڳوليندو آهيان. مثال طور جڏهن ڪُنار نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد (۽ پوءِ اٺين آڪٽوبر 2005 واري زلزلي ۾ تباهه ٿيل) بالاڪوٽ ۽ ڳڙهي حبيب الله واري علائقي ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي هندڪو ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظ “مانيءَ ڳڀو” يا “ڍوڍو” ٻُڌڻ ۾ آيو . اهڙي طرح پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سلوار لاءِ ٺيٺ سنڌي لفظ سُٿڻ استعمال ڪندي ٻُڌم. هندستان وارا پنهنجي هندي ٻوليءَ ۾ اَنُ، ڍِڍُ، پگهار، کِيسو ۽ اهڙا ٻيا انيڪ لفظ استعمال ڪن ٿا جيڪي اسان وٽ سنڌيءَ ۾ مُروج آهن . ڪشمير ۽ سرحد صوبي کي الڳ ڪندڙ جهلم درياه جي ٻنهي پاسن واري علائقي ۾ به ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ سنڌيءَ سان ملندڙ لفظ موجود آهن.
سنڌ کان ويندي ڪشمير تائين ٻولين ۾ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ هڪ ته چوندا آهن ته گهڻا ئي زمانا اڳ سنڌ ڪشمير تائين هوندي هئي. هونئن به سنڌو سڀيتا جو دائرو هماليا تائين آهي جتان مانسروور ڍنڍ مان سنڌو ندي وهي نڪري ٿي. (ان حساب سان هماليائي ملڪ نيپال ۾ سنڌي لفظ ترائيءَ جي موجودگيءَ تي به حيرت نه ٿيڻ گهرجي). هونئن، سنڌ جي هڪ وڏي ماهر لسانيات ڀيرومل مهرچند اَٺهٺ ورهيه اڳ لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي: صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رهاڪو هڪٻئي سان گهڻو لَهه وِچُڙ ۾ آيا آهن ۽ خود ڪشمير وارو پاسو پنجاب سميت ڪيترو ئي وقت سنڌ جي حڪومت هيٺ هو. تنهنڪري سنڌيءَ جو انهن ٻولين سان جهجهو ناتو ٿيو آهي.
هو اڳتي لکي ٿو: اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اُتر ڏي اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻوليءَ جو نمونو اختيار ڪندي بهاولپور ڏي به اها ئي بيهڪ ڌاريندي ملتاني ٻوليءَ سان وڃي ڳنڍي آهي، ۽ ملتاني ٻولي لاهور ۽ امرتسر طرف اَڻلَکي ڦرندي ڦرندي وڃي پنجابيءَ سان گڏي آهي، جنهنڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته سرائڪي ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آهي جا سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ پنجابي ٻولي اُتر ڏي ڪشميريءَ سان وڃي گڏي آهي. انهيءَ ريت سنڌ کان وٺي ڪشمير تائين ٻولين جو پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان ڳنڍيو پيو آهي. ٻولين جي انهيءَ ناتي اهو به سمجهي سگهجي ٿو ته آڳاٽا لوڪ اهائي واٽ وٺي آيا هئا يعني ڪشمير کان پنجاب ۽ بهاولپور ۾ بيٺڪون وجهندا پوءِ سنڌ ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي اچي ويٺا هئا. هن وقت جيتوڻيڪ انهن سڀني هنڌن جون ٻوليون پنهنجي پنهنجي نموني آهن، ته به اُچارن ۽ نحوي بناوت ۾ هڪٻئي سان گهڻي مشابهت رکن ٿيون.
پشتو ٻوليءَ ۾ به اڻ ڳڻت اهڙا لفظ آهن جيڪي سنڌيءَ ۾ ڳالهائجن ٿا. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اهي لفظ اصل عربي ۽ فارسيءَ مان ورتل آهن. ڪجهه پٺاڻ دوستن مطابق سنڌيءَ واري لفظ کٽ کي هو ڪٽ سڏين جڏهن ته ڄِڀ لاءِ وٽن ملندڙ جُلندڙ لفظ آهي جَبهَ. ڍوڍي، فيصلو، ملنگ، فقير، ماهي ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ پشتو ۾ عام آهن . انهيءَ موضوع تي لکجي ته ماتليءَ جي مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا “ڪيئي ڪتاب” وانگر شاهي واليوم لکي سگهجن ٿا. ننڍي کنڊ جي ملڪن کان ويندي ايران، افغانستان ۽ عرب ملڪن تائين سنڌيءَ سان ملندڙ لفظن جي موجودگيءَکي ڏسندي ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته هن سڄي خطي ۾ رڳو اسان جي سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو يا وچ وارو ڏاڪو آهي جيڪو هندستان جي ٻولين کي ايراني ٻولين سان ڳنڍيو بيٺو آهي.
ٻولين جي حوالي سان منهنجي ڪچهري بي بي سي ريڊيو جي مشهور شخصيت رضا علي عابديءَ سان به ٿيل آهي. هو سنڌونديءَ بابت ڪتاب شير دريا جو ليکڪ آهي. سندس چوڻ آهي ته عربي ۽ فارسي لفظ اردوءَ ۾ ٺوڪي ان ٻوليءَ کي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي پاڪستان جي مقامي ٻولين سان ويجهو ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها ته اردو اڃا وڌيڪ شاهوڪار ۽ عوامي ٻولي ٿي اُڀري ها.
*