هاڻي ڪوريا جون ڳالهيون
ڊرائيور منهنجي بيگ کڻي مونکي هلڻ جو اشارو ڪيو. هوائي اڏي جي عمارت اندر مختلف لائونجن مان ٿيندا هڪ لفٽ ذريعي هيٺ بيسمينٽ ۾ پارڪنگ ۾ پهتاسين. ڊرائيور منهنجي بيگ هڪ لينڊ ڪروزر ۾ رکي ته شڪجي پيس ته شايد ڪنهن غلط گاڏيءَ ۾ ٿو رکي پر جڏهن هن منهنجي لاءِ در کوليو ته پڪ ٿي ته لينڊ ڪروزر ئي ٽيڪسي آهي. مون پاڻ کي ياد ڏياريو ته مان پاڪستان ۾ ناهيان جتي کٽارا ڪارين ۽ پيلين ٽيڪسين جو راڄ آهي ۽ اڃان 6 ست سال مس ٿيا آهن جو ڪرولا گاڏيون ريڊيو ڪئب جي شڪل ۾ هلڻ لڳيون آهن .
لينڊ ڪروزر جڏهن بيسمينٽ واري پارڪنگ ايريا مان ٻاهر نڪري شاهي ڪشادي رستي تي هلڻ لڳي ته ان مهل سانجهي ٿي چڪي هئي ۽ رستي جي پاسن کان ٿنڀن تي ٻريل بلبن جون قطارون ڪوريا جي خوبصورتيءَ جو احساس ڏياري رهيون هيون. هوائي اڏي کان سٽي سينٽر تائين ڪلاڪ مني جو سفر هو ۽ اهو سمورو وقت ٽيڪسي ڄڻ ته ترندي ٿي هلي. ايئن ٿي لڳو ته اهي رستا،سمنڊ جي کارين مٿان ٺهيل پليون ۽ فلاءِ اوورس ڄڻ ته تازو ئي ٺهيون هجن. رستن تي نه ڪٿي گند ڪچرو نه اڏامندڙ پنا ۽ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. جيئن جيئن شهر جي اندروني علائقن ۾ گهڙندا وياسين ته اندازو ٿيندو ويو ته ڪوريائي ماڻهو ٽريفڪ جي قاعدن قانونن جا به ڪيڏا نه پابند آهن . ڪٿي به ٽريفڪ پوليس جو ڪو ماڻهو نظر نه آيو پر هر سگنل ۽ هر زيبرا ڪراسنگ تي گاڏيون بيهن پيون ۽ ڪير به سگنل ڀڃڻ يا اوور ٽيڪنگ جي ڪوشش نه پيو ڪري.
اسان پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ جڏهن ملڪ کان ٻاهر وڃبو آهي ته اسان کان وڌيڪ قانون جو پابند ڪير به نه هوندو آهي. مان سگريٽ جو موالي،سو ڏهه ڪلاڪن کان وڌيڪ هوائي سفر ۾ سگريٽ نه پيئڻ سبب ٻاڙيو ويٺو هئس پر اوپري ملڪ ۾ هئڻ جي ڪري ڊرائيور کان پڇڻ ضروري سمجهيم ۽ گرين سگنل ملڻ تي لاڳيتو ٻه ٽي سگريٽ پي ورتم. مونکي سنگاپور جي سفر جو پهريون ڏينهن ياد آيو جڏهن شام جو ماني کائڻ لاءِ لٽل انڊيا ويندي بس ۾ جينس پاتل هڪ سمارٽ عورت، جنهن جا ساهرا ڪراچيءَ جا هئا، مونکي نئون ڏسي اتان جي قاعدن قانونن کان ٿورو گهڻو آگاهه ڪيو جنهن جي خاص ڳالهه اها هئي ته گاڏين ۾ يا رستي ويندي سگريٽ پيئڻ، سگريٽ يا ٻيو ڪو ڪاڳر پٽ اڇلائڻ کان پاسو ڪريان ڇوته ان تي ويهه سنگاپوري ڊالر ڏنڊ آهي.
ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪندي به مونکي شڪ هو ته سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هوندي پر سوچيم ته اڳتي الائي ڪڏهن اهڙو موقعو ملي، سو ڇو نه ٽيڪسي ڊرائيور جي شرافت جو فائدو وٺان.
ٽيڪسي هلائيندي واٽ تي ڊرائيور بٽڻ دٻائي ڊجيٽل نقشو ڪڍيو ۽ سمجهايو ته اسان هن وقت ڪٿي آهيون ۽ اسان جي منزل ڪٿي آهي. هن ٻڌايو ته اسان کي سٽي هال وٽ پهچڻو آهي جنهن جي ڀرسان پريس سينٽر آهي ۽ اها ئي اسان جي منزل آهي. مونکي ڪراچي، حيدرآباد، لاهور،اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽا جي پريس ڪلبن جو تصور هو جيڪي اسان پاڪستاني صحافين جي نظر ۾ مثالي قسم جون عمارتون آهن. پر جڏهن ٽيڪسي هڪ گهڻ ماڙ ۽ ڪنهن ڪارپوريٽ اداري جي شاهي آفيس جهڙي عمارت ٻاهران هلي بيٺي ته وائڙو ٿي ويس. ٽيڪسي ڊرائيور فون ڪري مسٽر ريانگ کي ٻڌايو ته سندن مهمان اچي چڪو آهي. ٻن ٽن منٽن کانپوءِ هڪ ڪوريائي ڇوڪري عمارت مان ٻاهر آئي ۽ ڊرائيور کي ڀاڙو ڏئي مونکي اندر وٺي وئي. ٽيڪسيءَ کان ٻاهر اهي ڪجهه منٽ به منهنجي لاءِ ڏکيا ثابت ٿيا جو ٿڌ ايڏي خطرناڪ هئي جو ڪوٽ پاتل هوندي به ڏڪڻي بند نه پئي ٿئي. عمارت اندر گهڙندي ئي فرحت محسوس ٿي جو اتي سينٽرلي هيٽنگ سسٽم هيو. اسان لفٽ ذريعي ڇهين ماڙ تي پهتاسين جتي آڊيٽوريم ۾ پروگرام رٿيل هو. آڊيٽوريم جي ٻاهران رجسٽريشن کانپوءِ بيگ ميزبانن جي حفاظت ۾ ڏئي مان هال ۾ گهڙيس جتي ريانگ ۽ ٻيا عهديدار مونسان ايئن پاٻوهه سان مليا ڄڻ پراڻا دوست هجن ۽ گهڻي وقت کانپوءِ وري مليا هجن. سڀ کان اڳ هنن پنهنجي عهديدارن سان ملايو ۽ پوءِ ٻين ملڪن مان آيل صحافين سان. جن سان اتي ملاقاتون ٿيون ۽ باقي ڏينهن سفر ۾ گڏ گذارياسين انهن ۾ سنگاپور جو آئيوان لم Ivan Lim ، منگوليا جو ڊولگر چلنبتار Dolgor Chuluunbaatar، ملائيشيا جي نوريلا دائود Norila Daud، انڊونيشيا جو ايڊي سپارتو Eddy Suprapto، بنگلاديش جو شفيق البشر، ٿائلينڊ جوسلايڪناند وراسڪ Wirasak Salayakanond، انڊيا جو برجيش ڀاٽيا، آمريڪا جي ڪوريائي صحافڻ ڪيلي يمانوشي Kelly ، ميزبان تنظيم جو صدر سانگ ڪي لي Sang-ki Lee،تنظيم جو ڊائريڪٽر جون جئي چا Joon jai Cha ۽ ڪي ٻيا شامل هئا.
وقت جي پابندي ڪندي ٺيڪ ساڍي ڇهين وڳي پروگرام شروع ڪيو ويو. بلڪل مختصر تعارفي تقريرن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر هاڪ راءِ چوءِ Hak Rae Choi کي تقرير لاءِ سڏيو ويو جيڪو هيو ته خاص مهمان پر عام مهمانن وانگر ويٺو هو. سندس تقرير کانپوءِ برما جي هڪ فوٽو جرنلسٽ ناگائي ڪينجي بابت فلم ڏيکاري وئي جنهنکي برما جي سياسي وڳوڙن ۾ پيشيورانه فرض ادا ڪندي شهيد ڪيو ويو هو ۽ جنهنکي سال جي بهترين صحافيءَ جي ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو هو. ناگائي جهونو فوٽو جرنلسٽ هو ۽ زندگيءَ ۾ هو ڪيترن ئي خطرناڪ مرحلن مان گذري چڪو هو پر هڪ ڏينهن عوام ۽ پوليس جي چڪرين دوران گولي لڳڻ سبب ختم ٿي ويو. سندس لاش ڪافي دير تائين رستي تي پيو هيو. دستاويزي فلم ڏسي هال ۾ موجود سڀ ماڻهو ڏکوئجي ويا. مونکي ڪي ٽي اين جي منير سانگيءَ جي ياد آئي جيڪو لاڙڪاڻي ڀرسان قبائلي جهيڙي جي ڪوريج ڪندي شهيد ٿي ويو، سرحد صوبي جو حيات الله خان ياد آيو جنهنکي اغوا ڪري ڇهن مهينن کانپوءِ قتل ڪري لاش اڇلايو ويو، اهڙا ڪيترائي صحافي ياد آيا جن پنهنجي پيشي سان سچائي ڏيکاريندي جان ڏني. اسان کي ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ اهي ئي مسئلا کڻڻا هئا. منهنجي مقالي ۾ منير سانگي ۽ پاڪستان جي ٻين شهيد صحافين، سياسي پارٽين جي تشدد، سرڪار توڙي وڏيرن جي ڏاڍ جو شڪار ٿيل صحافين جو تفصيل سان ذڪر ٿيل هو.
ڏکويل ماحول ان وقت کل ڀوڳ ۾ مٽجي ويو جڏهن گلابي سوٽ ڪوٽ ۾ ڪوريائي ڪاميڊين اچي اسٽيج سنڀالي ۽ پوءِ هر مهمان وٽ وڃي انگريزي ۽ ڪوريائي ٻولين ۾ ڀوڳ چرچا ڪرڻ لڳو. اهو مزاحيا اداڪار مون وٽ به آيو ۽ ڪوريائي زبان ۾ ڪجهه جملا چيائين جيڪي مونکي سندس پٺيان چوڻا پيا. منهنجي جملن جي ادائگي شايد چٽي هئي جو وڏيون تاڙيون وڳيون. انهن جملن جو مطلب خير عافيت پڇڻ هو. هونئن به جيڪڏهن ڪوريائي زبان ۾ اهي ڪي گاريون هجن ها ته مون کي ڪهڙي خبر پوي ها. (اڳي مان ۽ ڪي ٻيا سنگتي مزي خاطر پنهنجي پنجابي دوستن کي ڪجهه اگهاڙن سنڌي لفظن جي چڱي معنيٰ ڪري ٻڌائيندا هئاسين پر پوءِ جلدي کين حقيقت ٻڌائي ڇڏبي هئي).
پروگرام جي انهيءَ حصي ۾ تحفا به ڏناسين. مون هڪ سنڌي ٽوپي ڪاميڊين کي پارائي ۽ باقي هڪ ٽوپي ۽ ٻه اجرڪ ٻين کي پارايم جن مان هڪ ڪوريائي صدر جو چيف سڪيورٽي آفيسر هو. اهو آفيسر اجرڪ ملڻ تي ڏاڍو خوش هو ۽ پروگرام ختم ٿيڻ تي خاص طور اچي مليو. تحفن ڏيڻ جو مقصد انهن ماڻهن کي خوش ڪرڻ هو جن ايسو سيئيشن جي سموري پروگرام رٿڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
پروگرام جي انهيءَ حصي کان ئي اهو ڏکيو مرحلو شروع ٿيو جنهن جو ڊپ هو يعني کاڌي پيتي جو. شروعات امن ۽ دوستيءَ جي نانءُ پيگ پيئڻ سان ٿي. هر ميز تي روايتي ڪوريائي وائين جي بوتل رکيل هئي. ان کانپوءِ بيرن مختلف ڊش رکڻ شروع ڪيا. کاڌا ڏسي بک ته اڃا وڌي وئي بلڪ آنڊا وٽجڻ لڳا جو گذريل رات کان بکايل هئس، پر کاڌن جي شڪل ڏسي پريشان ٿي ويس. پاسي ۾ ويٺل هڪ ڪوريائي ميزبان کي ماجرا ٻڌايم جنهن آٿت ڏني ته بيف ڪٽليٽ به مينو ۾ شامل آهن. بس پوءِ ته بيف، ڊبل روٽي ۽ فروٽ تي مارو ڪيم جنهن دوران ريڊ وائين به هلندو رهيو.
پروگرام جو آخري حصو موسيقيءَ جي محفل تي مشتمل هو جنهن جو موضوع هو : ايشيا ۾ پيار، امن ۽ دوستي. ٽن نوجوان ڇوڪرين، هڪ پيانو وڄائيندڙ عورت ۽ سندن هڪ استاد تي ٻڌل گروپ ڪنهن ڪوريائي ميوزڪ اڪيڊمي مان آيل هو. ميوزڪ لاءِ ڪو وڏو آرڪيسٽرا ڪونه هو بلڪه صرف پيانو هو جنهن کي وڄائڻ واري پرڪشش ۽ باوقار عورت هئي. سندن گروپ ليڊر به پروفيسر ليول جو ماڻهو هو جنهنکي سڀني ماڻهن عزت پي ڏني. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڳايل گيتن کي ته مان سمجهي نه سگهيس پر چوندا آهن ته موسيقيءَ جي پنهنجي زبان هوندي آهي سو قربائتي مرڪ ڀريل عورت جي وڄايل پيانو جي ڌنن تي مان ۽ مون جهڙا ٻيا غيرڪوريائي مهمان به جهومندا رهيا. گروپ ليڊر ٽي چار گيت ڳايا جنهن کان پوءِ سندن شاگرد ٽن ڇوڪرين وارو ورتو. پروگرام کي دلچسپ رنگ ان مهل آيو جڏهن ميائون ميائون ڪرڻ شروع ڪين. ميائون جي ادائگي ۽ منهن جي تاثرات مان ٻن ٻلين وچ ۾ ڪچهري ۽ تڪرار جي هنن ڀرپور عڪاسي ڪئي. هنن ثابت ڪيو ته دنيا جي سمورين ٻلين جي هڪ ئي ٻولي آهي.
پروگرام پنهنجي مخصوص وقت تي ختم ٿيو ۽ سڀ مهمان روانا ٿيڻ لڳا. ان مهل صدر جو چيف سڪيورٽي آفيسر وري اچي مليو ۽ سنڌ جي ثقافتي سوکڙي ڏيڻ تي ٿورو مڃيائين.
اسان به گهڻو ٿڪل هئاسين تنهنڪري هلڻ جي ڪئي سين. هوٽل وابيان ۾ رهائش هئي جيڪا تمام ويجهو هئي پر سامان گڏ هجڻ ۽ سخت ٿڌ جي ڪري ميزبانن ڪار ۾ اُتي پهچايو. ويهه ماڙ هوٽل جي پندرهين ماڙ تي اسان جا ڪمرا هئا. مونکي ۽ ڀاٽيا کي هڪ سوئيٽ مليل هو جنهن ۾ ٽي بيڊ روم، اٽيچڊ باٿ، ڪشادو لائونج ۽ ڪچن شامل هئا.
مان پنهنجي ڪمري ۾ وڃي وهنجي سنهنجي تازو ٿي دريءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳس ته سامهون گهڻ ماڙ شيشن جي عمارت نظر آئي جيڪا پوليس هيڊ آفيس هئي. روشنين سان جرڪندڙ عمارت جي گيٽ تي يا آس پاس ڪوبه پوليس پهرو نظر ڪو نه آيو جيئن اسان جي ملڪ ۾ هوندو آهي. ڪراچيءَ ۾ سينٽرل پوليس آفيس جي نه فقط گيٽ تي پر اندر به وڏا اٽالا هٿيارن سان ليس هر وقت پوزيشن ۾ بيٺل نظر ايندا ۽ ڪير به بنا پاس جي اندر نه وڃي سگهندو. سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ ويچارا پوليس آفيسر لڳندا آهن جن جي بچاءَ لاءِ سوين سپاهي مقرر هوندا آهن . هڪ پوليس آفيسر جي گاڏيءَ جي اڳيان پٺيان ڪيتريون ئي موبائلون سائرن وڄائينديون هلنديون آهن . ڪوريا جي باقي سفر ۾ ٻن هنڌن تي ٻن پوليس آفيسرن کي وڏين ڪارن ۾ گهمندي ڏٺم ته ميزبانن کان پڇي ويٺس. هنن ٻڌايو ته ڪوريا ۾ پوليس وارا ايئن ڪار ۾ پيٽرولنگ ڪندي نظر ايندا.
*