ڪراچيءَ کان ڪابل تائين
دهلي هوائي اڏي تي گذاريل وقت جو احوال اڳ ۾ ئي سفرنامي جي مُنڍ ۾ ڏئي چڪو آهيان تنهنڪري ورجاءِ کان بچندي اڳتي هلجي. افغان ايئر لائين جو جهاز ڏهين وڳي کان پوءِ اُڏاڻو ۽ ٻارهين وڳي ڪابل هوائي اڏي تي لٿو. دهليءَ کان ڪابل پوڻن ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. هوائي اڏي تي تازي ناڪام بغاوت ۾ تباهه ٿيل ڪجهه جهازن جو ملبو پيل هو جنهن تي جهاز مان لهڻ شرط ئي نظر پئي پر سيڪنڊن اندر ئي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ جو هوش نه رهيو ڇو ته ٻاهر ايتري ٿڌ هئي جو لڳو ته ڄڻ ڪنهن فريزر ۾ اُڇلايو هجي. سخت ٿڌ سبب ڏند ڀِڪُوڙي ٽرمينل بلڊنگ تائين پنڌ ڪيوسين جيڪا حيدرآباد واري سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جي ڊيپوءَ سان ملندڙ جُلندڙ هئي. عمارت جون دريون به ڀڳل هيون جنهن مان بُت ۾ سُيون چُڀندڙ هوا اندر اچي رهي هئي. اسان وٽ مارچ ۾ گرمي ۽ هتي ماريندڙ ٿڌ. مون ته هڪدم بيگ مان ڪوٽ ڪڍي پاتو تڏهن وڃي سامت ۾ آيس. ٽرمينل جي ڀڳل درين مان چوڌاري پري پري تائين پکڙيل برف پوش جبل نظر اچي رهيا هئا. هوائي اڏي تي مسافرن جي چڪاس جو نه ئي ڪو نظام هو ۽ نه ئي اسان جو سامان کولرايو ويو. افغان حڪومت جو هڪ نوجوان عملدار عماد ۽ پختونخواه ملي عوامي پارٽيءَ جو اڳواڻ عبدالرحيم مندوخيل اسان کي هوائي اڏي تي وٺڻ آيا هئا جن سان گڏجي سڌو ڪابل جي انهيءَ علائقي ۾ آياسين جيڪو جديد بنگلن تي مشتمل هو ۽ چون ٿا ته تڏهوڪي سوويت يونين جي مدد سان ڪابل جو اهو نئون علائقو تيار ڪيو ويو هو جتي شهيد مير مرتضيٰ ۽ سندس ڀاءُ شاهنواز ڀُٽو جلاوطنيءَ دوران رهندا هئا ۽ اتي شاديون به ڪيائون .اسان جي ڪار مائيِ وَند چوواٽي کان ٿيندي اچي هڪ ريسٽ هائوس وٽ بيٺي هئي. اهو پهاڙي علائقو بيبي ماهرو جبل سڏجي جنهن کي 1841 ۾ انگريزن کي شڪست ڏيندڙ وزير اڪبر خان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو هو. مائي وَند َ قنڌار کان پنجونجاهه ميل پري هڪ ڳوٺ جو نالو آهي جتي 1880 ۾ افغان قبيلن متحد ٿي انگريز فوج کي شڪست ڏني هئي. اها جنگ هڪ شاعر عورت جي ڪري به مشهور آهي جنهن جو نالو ڪي مامالَي ۽ ڪي ملالا ٻُڌائن ٿا. هيءَ دلير عورت افغان جهنڊو کڻي دشمن فوج کي للڪاريندي رهي ۽ پنهنجي قبيلن جي نوجوانن کي به پنهنجي شاعريءَ سان همٿائيندي رهي. سندس هي شعر ڪابل ۾ مائي وند چونڪ تي ٺهيل يادگار تي لکيل هو:
منهنجا محبوب جيڪڏهن تو مائي وند لاءِ آخري پساهن تائين جنگ نه وڙهي
ته قسم کڻان ٿي ته تون رُسوائيءَ کان پلئهُ بچائي نه سگهندين.
23 مارچ جو ڏينهن ريسٽ هائوس ۾ آرام ڪندي ۽ پاڪستان مان آيل ٻين دوستن سان ڪچهريءَ ۾ گذريو جن ۾ شير علي باچا، لالا اصغر، اڪبر اچڪزئي ۽ اسلام آباد مان آيل هڪ پبلشر اي رحيم شامل هئا.
24 مارچ صبح جو ساڍي ڏهين وڳي افغان عملدار عماد اسان کي سرڪاري وئن ۾ ڪابل شهر گهمائڻ هليو. اسان شهر جي مختلف رستن تان ٿيندا سڀ کان پهرين هڪ پهاڙيءَ تي شهيدن جي قبرستان پهتاسين، جنهن جي گيٽ تي لکيل هو: وطن يا ڪفن. ڪلاشنڪوف بردار سپاهي گيٽ تي بيٺل هئا جن مان هڪ اسان سان گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ اندر قبرستان تائين هليو. ٽيهه چاليهه ايڪڙ ايراضيءَ ۾ پکڙيل هن قبرستان ۾ ٻاويهه هزارن کان وڌيڪ شهيد دفن هئا جن يارهن ورهين ۾ سامراجي قوتن جي پِٺو هٿ ٺوڪين مجاهدن سان ويڙهه ۾ جان ڏني هئي. هي به ٺٽي جي مڪليءَ واري قبرستان وانگر وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ته هو پر هتي مڪليءَ جي قبرن وانگر پٿر تي اُڪر يا ٻي ڪاريگري ٿيل ڪانه هئي.هي عام قبرون هيون پر فرق اهو هو ته هر قبر جي ڪُتبي تي دفن ٿيل شخص جي تصوير لڳل هئي.
قبرستان کان پوءِ اسان جي منزل ڪابل يونيورسٽي هئي جتي سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون جينس جي پينٽن ۽ اسڪرٽن ۾ گهمي ڦري رهيا هئا. هتي ٻڌايو ويو ته پرائمريءَ کان اعليٰ تعليم تائين سمورو خرچ سرڪار ڀري ٿي ۽ شاگردن کي داخلا جي لاءِ به خوار ٿيڻو نه ٿو پوي ڇو ته سيڪنڊري تعليم کان پوءِ Aptitude ٽيسٽ وٺي شاگردن کي ان حساب سان مختلف ادارن ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. شاگردن کي ڪتاب به مفت ڏنا ويندا هئا. ڪابل يونيورسٽيءَ ۾ ان وقت سورهن هزار شاگرد زير تعليم هئا ۽ هتي ميڊيڪل، قانون، ادب، ٻولين۽ ٻين علمن جا شعبا هئا. هتي شاگرد يونين ۽ ٻيون تنظيمون به هيون پر ڪوبه جهيڙو نه ٿيندو هو ۽ نه ئي فائرنگ جو سلسلو، تنهنڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون آزاد ماحول ۾ بي ڊپيون ٿي گهمي رهيون هيون. حڪومت طرفان تعليم تي ايترو ڌيان ڏنو ٿي ويو جو جڏهن سال اڳ جلال آباد تي دشمنن حملو ڪيو ته اتان يونيورسٽيءَ جي سمورن شاگردن کي هڪدم ڪابل منتقل ڪيو ويو ته جيئن سندن پڙهائي متاثر نه ٿئي.
برف سان ڍڪيل هندوڪش جبل جي هنج ۾ قائم ڪابل شهر جي ڪشادن رستن تان ٿيندي اسان اهو علائقو به گهميو جتي صدر ڊاڪٽر نجيب الله ٻه ورهيه اڳ تائين هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. ڪابل شهر جي آبادي ان وقت پنجويهه لک کن هئي ۽ شهر جو وڏو حصو پراڻين پٿر جي عمارتن تي مشتمل هو. گهڻ ماڙ عمارتون گهٽ هيون. افغانستان ۾ سرد موسم سبب وڻ گلن ۽ پنن کان وانجهيل هئا. ڪشادن رستن جي ٻنهي پاسن کان خالي وڻن جون قطارون هيون جن ۾ ٿوريون ٿوريون گونچ ڦُٽڻ جون نشانيون بهار جي مُند اچڻ جو اشارو ڏئي رهيون هيون.
گهمندا ڦرندا اسان هڪ وڏي شاهي محل جهڙي عمارت وٽ پهتاسين جيڪا پٿر جي ٺهيل هئي ۽ ان جي تاريخي حيثيت پري کان پڌري هئي پر ان تي تازي بمباريءَ سبب تباهيءَ جا آثار ظاهر هئا. اها عمارت بادشاهه امان الله جو محل هو پر ان وقت اُتي وزارت دفاع جي آفيس هئي جنهن تي تازو ڇهين مارچ تي وزير دفاع شاهنواز تنائيءَ جي ناڪام بغاوت دوران بمباري ڪئي وئي هئي. شاهنواز تنائي بغاوت ناڪام ٿيڻ تي جهاز ۾ ڀڄي پشاور ۾ اچي لٿو هو. اسان کي ٻُڌايو ويو ته تنائي صبح ساڻ ئي ڀڄي ويو هو ۽ منجهند جو هڪ وڳي سندس حامين وزارت دفاع کي گهيري ۾ ورتو هو. اتي ويڙهه ٿي جنهنڪري عمارت کي نقصان ٿيو. ان عمارت جي سامهون قومي عجائب گهر کي به نقصان پهتو هو. ان کان سواءِ بگرام هوائي اڏي تي به ويڙهه هلي جتان ٻئي ڏينهن صبح جو قبضو ڇڏايو ويو هو. ڪل پنج جهاز ڪابل مٿان لامارا ڏئي بمباري ڪندا رهيا جنهن ۾ ڪيترائي گهر ڊٿا ۽ هڪ سئو ويهه ماڻهو مارجي ويا هئا.
ايئن ئي شهر گهمندي ڪابل جي هڪ پراڻي علائقي منجهه اچي نڪتاسين جتي لڳو ٿي ته ڄڻ ڪراچيءَ جي ايمپريس مارڪيٽ واري علائقي ۾ اچي نڪتا آهيون. فُٽپاٿن تي جُتين، ڪپڙن ۽ ٻئي سامان جا اسٽال ايئن ئي سجايل هئا جيئن ايمپريس مارڪيٽ واري علائقي ۾ پٺاڻ ۽ افغاني ڪاروبار ڪندي نظر اچن ٿا. اڪثر اسٽال ٿُلهين پڪل مانين جا هئا جنهن لاءِ ٻُڌايو ويو ته اهي خاص افغاني مانيون آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن تائين خراب نه ٿينديون آهن. اهي اندران نرم رهنديون آهن ۽ خاص طور محاذ تي فوجين لاءِ ڪم اچن ٿيون. انهيءَ علائقي ۾ ئي قديم مسجدِ پُلخشطي هئي جنهن جي منارن ۽ ڀتين کي به شاهنواز تنائيءَ جي بغاوت دوران بمباريءَ ۾ نقصان پهتو هو. لارينس آف عريبيه جي نالي سان مشهور انگريز جاسوس ڪرنل لارينس مسلمان جو ويس ڪري ڏهه سالن تائين ان مسجد ۾ رهيو هو ۽ انگريزن جي پلان تحت وقت جي بادشاه امان الله خان جي خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. بغاوت لاءِ هن فوج جي هڪ ڀاڄوڪڙ وارنٽ آفيسر بچه سقه کي تيار ڪيو هو. بچه سقه هونئن ته بهادر هو پر ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ هٿ آيل هٿيار پنهنجي ڪمانڊر کي نه ڏيڻ تان کيس جيل ۾ وڌو ويو هو جتان هُو ڀڄي نڪتو ۽ پاڻ به وڃي ڌاڙيل ٿيو. سندس هڪ ساٿي برطانوي سفارتخاني ۾ ڪم ڪري چُڪو هو، جنهن جي ڪري هن جو رابطو ڪرنل لارينس سان ٿيو جنهن کين بغاوت لاءِ استعمال ڪيو. ڪرنل لارينس جي مدد سان ڌاڙيل بچه سقه جنوري 1929 ۾ امان الله جو تختو اُونڌو ڪري افغانستان جو امير بڻيو ۽ کيس حبيب الله غازيءَ جو لقب ڏنو ويو. ڪرنل لارينس جو ڪم مڪمل ٿي چُڪو هو.
مسجد جي تاريخي حيثيت سبب افغان حڪومت وقت به وقت ان جي مرمت لاءِ وڏا فند ڏيندي رهندي هئي ۽ تازي بغاوت ۾ ٿيل نقصان کان پوءِ به 6 ملين افغاني (ڪرنسيءَ جو نالو) ڏنا ويا هئا.
واپس ريسٽ هائوس ڏانهن ايندي اسان ان تاريخي بنگلي کي ڏسڻ ضروري سمجهيو جتي سُرخپوش اڳواڻ خان عبدالغفار خان پاڪستان مان اچي ترسندو هو. بغاوت دوران بمباريءَ ۾ غفار خان جو اهو بنگلو به تباه ٿي ملبي جي ڍير ۾ بدلجي چڪو هو. ان بنگلي جي سامهون واري بنگلي ۾ بلوچ اڳواڻ خير بخش مري جلاوطنيءَ دوران رهندو هو.
25 مارچ جو ڏينهن اسان جي لاءِ اهم هو ڇوته ان ڏينهن اسان جي ملاقات صدر نجيب سان ٿيڻي هئي. صبح جو اطلاع مليو ته ڪنهن به وقت ملاقات جو سڏ ٿي سگهي ٿو. ٻارهين وڳي ڌاري سڏ آيو پر جيستائين پهتاسين ته دير ٿي وئي ۽ سندس ٻي ميٽنگ شروع ٿي وئي. اسان موٽي اچي ريسٽ هائوس تي ويهي رهياسين. منجهند جو اڍائي وڳي وري سڏ پهتو ته اسان به مينهن واچ ڪندا وڃي وزارت خارجا جي آفيس پهتاسين جتي گڏجاڻي رکيل هئي. صدر نجيب سان ڏيڍ ڪلاڪ گڏجاڻي هلي جنهن ۾ عبدالرحيم مندوخيل، شير علي باچا، لالا اصغر، اي رحيم، اڪبر اچڪزئي، عبدالوحد آريسر۽ مان شريڪ هئاسين.
صدر نجيب سان اسان جي ملاقات يادگار هئي ڇوته ٻن ورهين کان پوءِ مارچ 1992 ۾ هن استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن غير جانبدار عبوري حڪومت لاءِ رستو ڏئي ۽ ايئن اپريل ۾ سندس حڪومت ختم ٿي. چار ورهيه کيس گڏيل قومن جي آفيس ۾ پناهه وٺي رهڻو پيو هو جتان وحشي انتهاپسند مُلن کيس ۽ سندس ڀاءُ کي پڪڙي 27 سيپٽمبر 1998 تي سرعام بجليءَ جي ٿنڀي ۾ لٽڪائي ڦاسي ڏئي ڇڏي ۽ سندن مڙه ڪيترن ئي ڏينهن تائين اتي لٽڪندا رهيا هئا. ملاقات ۾ نجيب جيڪو ڪجهه ڳالهايو اهو جيئن جو تيئن هيٺ ڏيان ٿو:
“جنگ ڪنهن کي به فائدو نه ڏنو آهي. اسان نه ٿا چاهيون ته اسان جو عوام جنگ ۾ مرندو رهي ۽ قبرستان ٺهندا وڃن. عوام جنگ کان نفرت ڪري ٿو. سوويت فوجون واپس ويون ته اسان ٻه واٽي تي بيٺل هئاسين. اسان هڪ راهه چونڊي ۽ منهن ڏنوسين. هونئن عام طور روزانو نوي کن ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيندا هئا، هاڻي پنج 6 سئو ماڻهو ڀرتي ٿين ٿا ڇوته اهي سمجهن ٿا ته هيءَ وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جي جنگ آهي. گلبدين حڪمتيار وارا جيڪڏهن ان وقت هٿيار ڇڏي امن جي ڳالهه ڪن ها جڏهن جنيوا ٺاهه جي نتيجي ۾ سوويت فوجون افغانستان مان هليون ويون هيون ته ماڻهو سمجهن ها ته هيءَ سندن وطن پرستي آهي، پر هاڻي عوام انهن جو ساٿ نه ڏيندو ڇوته هُو سمجهن ٿا ته گلبدين وارا کين پاڪستان جي وات ۾ اُڇلائيندا. گلبدين جي پٺيان پاڪستان جي آءِ ايس آءِ وارا آهن. افغانستان ۾ اسان جو تختو اونڌو ٿئي ها ته نه رڳو هتي بنيادپرست قبضو ڄمائن ها پر پاڪستان ۾ موجوده جمهوريت (پ پ پ حڪومت) ختم ٿئي ها ۽ ايران، سوويت يونين ۽ هندستان لاءِ به مسئلا پئدا ٿين ها. گلبدين بدنام آهي. ايران اڳ ۾ ئي سندس آفيسون بند ڪري چڪو آهي. نواز شريف (ان وقت پنجاب جو وڏو وزير ۽ مرڪز ۾ پ پ پ حڪومت جو سخت مخالف، جيڪو نه وزير اعظم بينظير ڀٽو کي پروٽوڪول ڏيندو هو ۽ نه ئي حڪومت جي دعوت تي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو) اٺين مارچ 1990 تي وفاقي وزارت جي گڏجاڻيءَ ۾ رُڳو ان ڪري شريڪ ٿيو ته خبر وٺي سگهي ته افغانستان ۾ ٿيل بغاوت ڪهڙي مرحلي تي آهي. اها ڪامياب ٿي يا نه ته جيئن هُو بينظير حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري سگهن. افغانستان ۾ بغاوت کي چيڀاٽڻ سان پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت بچي وئي آهي.
اسان غير سرمائيدارانه رستو ڇڏي قومي مصالحت جي راهه اختيار ڪئي آهي ته جيئن امن قائم ٿئي. سُٺي موٽ ملي آهي. هڪ سال ۾ نوي هزار ماڻهو وطن ڏانهن موٽي آيا آهن . ٻين سڀني علائقن ۾ امن آهي ۽ فقط پاڪستان سان ملندڙ علائقن ۾ حرڪتون ٿين ٿيون. آزادي ۽ خودمختياريءَ کي قائم رکڻ لاءِ دنيا جي ٻين حصن ۾ وڙهندڙ قومن ۾ افغانستان به شامل آهي. اڄ اسان ان حيثيت ۾ آهيون جو ڳالهين جي ٽيبل تي ويهون ته اسان مٿي ۽ گلبدين وارا هيٺانهان هوندا. اهي رڳو ان ڪري دهشتگردي ڪري رهيا آهن ته جيئن منهنجي مٿان تلوار لٽڪندي رهي ۽ مان ڳالهين ۾ سندن شرط مڃان. گلبدين وهابي ۽ سعودي حڪومت جو ايجنٽ آهي. نئين سال (نوروز 21 مارچ) تي هٿ ٺوڪين مجاهدن جي اڳواڻن پنهنجي پيغام ۾ پاڻ افغان عوام آڏو مڃيو ته “افسوس هڪ سال ۾ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين.” سوويت فوجن جي واپسيءَ مهل هٿ ٺوڪين مجاهدن سمجهيو هو ته هاڻ انقلابي حڪومت ۾ دم ڪونهي ۽ جهٽ ڪري وٺنداسين پر اهو هنن جو خواب هو جيڪو پورو نه ٿيو. جلال آباد تي به هنن ڇهين مارچ 1989 تي حملو ڪيو هو ۽ هيءَ ناڪام بغاوت به هنن ڇهين مارچ تي ڪئي. انقلابي عوام ۽ انقلابي فوج آخر ڪيئن پنهنجي ڪوششن تي پاڻي ڦيري هنن جو ساٿ ڏين ها.”
ڳالهين جي آخر ۾ نجيب چيو هو:” بينظير ڀٽو لاءِ بهتر هو ته اهڙي ڪمزور حڪومت وٺڻ بجاءِ مخالف ڌُر ۾ ويهي ها. ڪمزور رُجعت پرست گهڻو وقت حڪومت هلائي نه سگهن ها ۽ بينظير کي سڏي حڪومت ڏني وڃي ها. هينئر هُوءَ سون جي پڃري ۾ قيد پکيءَ جيان آهي.”
شهيد بينظير ڀٽو جي تڏهوڪي حڪومت دوران ايم ڪيو ايم وارا پ پ پ کي دوکو ڏئي حڪومت کان ڌار ٿي ويا هئا ۽ ڪراچيءَ ۾ پهرين آڪٽوبر 1988 کان شروع ڪيل سنڌين جو قتلام جاري رکيو پي آيا. اهو ڪو ڏينهن ڪونه هو جڏهن سنڌين جا ٻورين ۾ بند لاش نه ملندا هجن. مون ڊاڪٽر نجيب کان جڏهن ڪابل جي حالتن بابت سوال ڪيو ته وراڻيائين:” ڪابل جون حالتون ڪراچيءَ کان بهتر آهن “ سندس جواب مان اندازو ٿيو ته پاڪستان جي اندروني حالتن تي سندس نظر هئي.
گڏجاڻيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن هڪ فارسي شعر پڙهيو جنهن جو ترجمو هن ريت آهي:
سنئين سڌي رستي تان هلڻ ڪهڙي مردانگي آهي، مرد ته اهو جيڪو ڏنگي رستي تان هلي ڏيکاري.
گڏجاڻيءَ مان اُٿڻ کان اڳ مون ۽ عبدالواحد آريسرنجيب کي اجرڪ اوڍرايو.
نجيب فليٽ مان منتقل ٿيڻ جي باوجود بادشاهه ظاهر شاهه واري محل ۾ نه بلڪ صدارتي آفيس ويجهو هڪ پراڻي عمارت ۾ رهندو هو. شاهنواز تنائيءَ جي بغاوت دوران هڪ بم هن کان ٽيهه ميٽر پري ڪريو هو جنهنڪري بچي ويو. ان وقت سندس عمر ٽيتاليهه ورهيه هئي. سندس گهر واري فتانه بادشاهه امان الله خان جي خاندان مان هئي ۽ کين ٽي ڌيئر هيلا، اونئي ۽ مسڪه هيون.
اقتدار وري به اقتدار آهي. جيئن مغل حڪمرانن جي تاريخ پيءُ ۽ ڀائرن کي مارائڻ يا قيد ڪرڻ جي واقعن سان ڀريل آهي تيئن هتي به ڪجهه ايئن ٿيو. نجيب کي جڏهن پنهنجي هڪ ڀاءُ صديق تي شڪ پيو ته هو مخالفن سان مليل آهي ته کيس نظربند ڪرائي ڇڏيائين. بعد ۾ آزاد ٿيڻ تي صديق آمريڪا ڀڄي ويو.
افغان صدر سان ملاقات کانپوءِ واپس ريسٽ هائوس اچي ماني کائي مان ۽ اي رحيم وري شهر گهمڻ وياسين. اصل مقصد هندستاني ڪرنسيءَ مان جان ڇڏائڻ هو ڇوته ان ڪرنسيءَ جي ڪري وڏي جُٺ ٿي هئي جنهن جو احوال اڳ ئي ڏئي چُڪو آهيان. مون پنهنجي سمورن هندستاني رُپين جا ڊالر ورتا ۽ آريسرجي خواهش تي ڪجهه افغان ڪرنسي. سندس هندستاني ڪرنسي واپسيءَ ۾ دهلي شهر ۾ رڳو رڪشا ۽ ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙو ڏيڻ لاءِ ڪم آئي ۽ باقي وري به ڪراچيءَ ۾ اچي مٽائي جان ڇڏائي هئي سين.
ڪرنسي مارڪيٽ مان واپسيءَ تي پيام اخبار جي نمائندا ڇوڪرين کي انٽرويوءَ لاءِ منتظر ڏٺم. ٻئي ڏينهن هُو انٽرويو ڇاپي اخبار جي ڪاپي به ڏئي ويون. اخبار ڏسي اندازو ٿيو ته اخباري صنعت جي حساب سان افغانستان اسان کان گهڻو پوئتي هو. انهيءَ رات ڪابل ٽي ويءَ تان صدر نجيب سان اسان جي ملاقات جي خبر به فلم سان گڏ نشر ڪئي وئي.
ڪابل ٽي ويءَ جا پروگرام شام جو پنجين وڳي شروع ٿيندا هئا جڏهن ته سوويت چئنل ڏينهن رات نظر ايندا هئا. ڪابل ٽي ويءَ تان پشتو ۾ ڊب ٿيل انگريزي فلمون، پشتو ۽ فارسيءَ ۾ لوڪ گيت، پاپ ميوزڪ ۽ ٻيا پروگرام ڏيکاريا ويندا هئا جن ۾ نوجوان خوبصورت فنڪار ۽ فنڪارائون فن جو مظاهرو ڪندا هئا. هندستاني فلمن جا گانا به جام ڏيکاريا ويندا هئا.
ناشناس نالي هڪ مشهور ڪلاڪار ۽ انگارا نالي خوبصورت فنڪارا کي قومي فنڪار جي حيثيت حاصل هئي. ناشناس ادب ۾ پي ايڇ ڊي هو ۽ روسي، اردو، انگريزي، پشتو، فارسي ۽ ڪجهه ٻين ٻولين تي عبور حاصل هئس. انگارا پاڻ ته وڏي ڳائڻي هئي پر سندس مڙس به گٽارسٽ هو. ناشناس، انگارا ۽ سندس مڙس افغان انقلاب کان پوءِ ملڪ ڇڏي جرمنيءَ ۾ وڃي رهيا پر پوءِ به هتي سندن گيتن جي نشر ٿيڻ تي بندش ڪانه هئي. ڪابل ٽي ويءَ تان سندن خوبصورت گيت ٻڌڻ جو موقعو مليو. ميزبانن ٻُڌايو ته افغانستان ۾ سئنيمائون به آهن جتي پشتو، فارسي ۽ هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. شهر ۾ گهمندي هڪ اڌ هنڌ تي سئنيما نظر آئي هئي جتي پاڪستان جي سئنيمائن وانگر وڏا پوسٽر لڳل هئا. ان زماني ۾ وي سي آر جو به وڏو رواج هو جنهن تي هو هندستاني فلمون شوق سان ڏسنداهئا. اهو شوق اسان به پورو ڪيو.
26 مارچ تي صبح جو سوير اک کلي ته ڪمري جي شفاف شيشي واري ديوار جي پريان برفباري جاري هئي. ايئن ٿي لڳو ڄڻ آسمان مان ڪير ٻُورو ٿيل برف يا ٽاڻيل ڪپهه وسائي رهيو هجي. مان هڪدم اٿي برفباريءَ جي خوبصورت منظر ۾ گم ٿي ويس. ريسٽ هائوس جي لان تي ڄڻ لوڻ هاريل هو. وڻن جون ٽاريون برف جي ٻوُري سان جهنجهيل هيون. ساڍي نائين وڳي تائين برف وسندي رهي. ڏهين وڳي اسان تيار ٿي خريداريءَ لاءِ نڪتاسين ته هلڪو مينهن وسي رهيو هو.
مارڪيٽن ۾ افغانين سان گڏ وڏي تعداد ۾ سک واپاري به هئا. جپان، روس، انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جو ڪپڙو ۽ ٻيو هر قسم جو سامان موجود هو. افغان ڪرنسي افغانيءَ جو مُلهه تمام ڪريل هو (پاڪستان جي هڪ رُپئي ۾ ٽيويهه ۽ هندستاني رُپئي ۾ ڇويهه افغاني ) تنهنڪري ڪپڙي جو هڪ وال به گهٽ ۾ گهٽ ٽي سئو افغانين ۾ ٿي مليو. 555 سگريٽن جي پاڪيٽ جي قيمت هئي ساڍا ٽي سئو افغاني ۽ هڪ جاگر 6 هزار افغانين ۾ ٿي مليو. انهن مارڪيٽن ۾ ممڪن آهي ته ڪو سنڌي واپاري به هجي پر مون کي نظر نه آهيو. پروفيسر زيار، جنهن جو ذڪر پهرين ڪري چُڪو آهيان، تنهن ٻُڌايو هو ته شڪارپور جا سنڌي هندو واپاري وڏي تعداد ۾ پراڻي زماني کان قنڌار ۾ آباد آهن.
شام جو واپس ريسٽ هائوس تي پهتاسين ته عماد به آيو ۽ صدر نجيب پاران ڪجهه سُوکڙيون ڏئي ويو. منهنجي سُوکڙين ۾ هڪ ريڊيو ٽيپ رڪارڊر به شامل هو. انهيءَ رات سياسي معاملن وارو نائب وزير نُورالله اسان سان ملڻ آيو جنهن سان دير تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون.
27 مارچ تي رمضان المبارڪ جي پهرين تاريخ هئي. صبح جو سوير اُٿياسين ته هلڪو مينهن وسي چُڪو هو ۽ آسمان جُهڙالو هو. نيرن ڪري ڏهين وڳي ڌاري وري شهر گهمڻ نڪتاسين. اسان جو مهماندار عماد گڏ هو. آريانا ايئر لائين وارن کان واپسيءَ لاءِ سيٽن جو به پُڇڻو هو. هڪڙو چڪر ڪرنسي مارڪيٽ جو به هنيوسين پر پهرين روزي سبب مارڪيٽ بند هو. اسان اڃا اُتي ئي بيٺا هئاسين ته وڏا ڌماڪا ٻُڌڻ ۾ آيا. اسان ته پريشان ٿي وياسين پر عماد چيو ته فڪر جي ڳالهه ڪانهي. رات جو ڪابل ٽي ويءَ تان خبرن ۾ ٻُڌاين ته پُلِ محمود علائقي ۾ ٻه راڪيٽ ڪريا هئا جنهن مان هڪ مسافرن سان ڀريل هڪ بس تي ۽ ٻيو هڪ عمارت تي ڪريو هو. ڪل ستاويهه ماڻهو فوت ۽ ويهه ڄڻا زخمي ٿيا هئا. اهي راڪيٽ ڪابل کان ويهه ڪلوميٽر پري پغمان جي علائقي ۾ جبلن ۾ لڪل هٿ ٺوڪين مجاهدن فائر ڪيا هئا. افغان عوام کي اسلام پسند “مجاهدن” پاران اهو پهرين رمضان جو تُحفو هو.
رات جو سُمهڻ کان اڳ صدر نجيب جي موڪليل ريڊيو کي ڦيرائڻ شروع ڪيم ته ريڊيو پاڪستان لڳي ويو جنهن تان وزير اعظم بينظير ڀُٽو جي تقرير هلي رهي هئي. ڪراچي ڇڏي 6 ڏينهن ٿي چُڪا هئا ۽ محترما جي تقرير ٻُڌڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڄڻ ته پهريون رابطو هو. منهنجو ذهن ڪراچيءَ کان ڪابل تائين ڪيل سفر جو سوچيندي گهڻو ماضيءَ ڏانهن هليو ويو جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي انگريز راڄ خلاف هلايل ريشمي رُومال تحريڪ جي سلسلي ۾ زميني رستي کان ڏينهن جا ڏينهن جبل جهاڳيندو سنڌ کان افغانستان پهتو هو.
28 مارچ تي اسان کي ڪراچي ڇڏي ستون ڏينهن هو. مصروفيتون گهڻو ڪري ختم ٿي چُڪيون هيون. هڪڙو خيال ٿيو ته ڪابل کان نڪري ٻيا علائقا به ڏسجن، خاص طور اُتر ۾ ايشيائي رياستن سان ملندڙ علائقو، پر پوءِ جوکو نه کنيوسين. هوائي جهاز جون سيٽون ڪنفرم نه ٿيڻ جي ڪري ٽن ڏينهن کان ڄڻ ته ايئن ئي ويٺا هئاسين. شهر گهمڻ کان پوءِ پروفيسر زيار سان باقائدا ڪچهري ٿيندي هئي.
هاڻي اسان سوچيو ته ٻين کان ڌار اسان ٻه ڄڻا الڳ دهليءَ تائين سيٽ وٺون. اسان جي چوڻ تي عماد ايئر لائين جي آفيس ويو ۽ شام جو ٻُڌايائين ته ٻنهي جون سيٽون ڪنفرم ٿي ويون آهن پر ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن فلائيٽ رواني ٿيندي. دهليءَ ۾ کٽن ڀاڳ، اُتان وري پنهنجي طور ڪراچيءَ لاءِ سيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪبي.
فلائيٽ نه هجڻ جو خاص سبب هو موسم جي خرابي. ان ڏينهن به صبح کان مينهن وسي وهيو هو، جنهن ڪري ٿڌ به تمام گهڻي وڌي وئي هئي ۽ اسان جو ٻاهر وڃڻ نه ٿيو. رات جو وزيرِ سرحدات سليمان لائق اسان سان ملڻ آيو . هُو تمام گهڻو نياز نئڙت وارو شخص هو. اچڻ شرط چيائين: حالتون خراب هجڻ ڪري مهمان نوازيءَ ۾ ڪوتاهي ٿي هجي ته معاف ڪجو. توهان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ اسان کي روايت موجب اُٺ قربان ڪرڻ کپي ها پر اسان ايئن نه ڪري سگهيا آهيون جنهن لاءِ معافي گهران ٿو.
سليمان لائق گهڻي دير تائين اسان سان ويٺو رهيو ۽ افغانستان جي حالتن تي وڏي تفصيل سان ڳالهايائين. هن چيو: “جنگ جي ڪري افغانستان جي اقتصادي حالت تباهه ٿي وئي آهي. افغان ڪرنسيءَ جو مُلهه ڪري چُڪو آهي. اڳي هڪ ڊالر ۾ چاليهه افغاني هئا ۽ هاڻي 6 سئو. گوشت به هندستان مان گهرائڻو پوي ٿو. رستا تباهه ٿي ويا آهن. ڏهه لک ايڪڙ زمين سُڪي برباد ٿي چُڪي آهي. گذريل سال مانيءَ ڳڀي لاءِ ماڻهن جون قطارون لڳل هيون.”
سليمان لائق چيو:”دنيا ۾ جيترو افغان انقلاب جي مخالفت ٿي آهي، ڪنهن ٻئي انقلاب جي نه ٿي هوندي. سڀ رُجعت پسند افغان انقلاب جي خلاف متحد آهن . پئسو عربن جو، هٿيار آمريڪا جا ۽ تنظيم ۽ جنگ ڪرائيندڙ پاڪستان آهي. انهن جا ٻيا رُجعتي ساٿاري ملڪ به سندن مدد ڪري رهيا آهن . اسپين ۾ جمهوري انقلاب جي مدد لاءِ دنيا جا ترقي پسند ويا هئا پر هتي معاملو اُبتڙ آهي. سوويت يونين مدد لاءِ آيو ته سڄي دنيا واويلا ڪئي. نيٺ اسان ان کي چيو ته واپس وڃو، اسان پاڻ انقلاب جو دفاع ڪنداسين. هڪ ڀيري آفريڪا ويندي ڪويت ۾ ٿورو ترسڻو هو. هوائي اڏي تي اختياريءَ وارن کي جڏهن معلوم ٿيو ته مان افغان انقلاب سان لاڳاپيل آهيان ته منهنجي ايتري بيعزتي ڪيائون جو مان حيران ٿي ويس. دل چيو ته کانئن پُڇان ته ڇا سندن اسرائيل سان جهيڙو ختم ٿي ويو آهي؟
نجيب جي هن ساٿيءَ جا سنڌين لاءِ تاثرات هن ريت هئا:
“پشتونن کان وڌيڪ سنڌين جو قدر ڪريون ٿا ڇو ته اهي سُجاڳ آهن ۽ جدوجهد ڪري رهيا آهن . جي ايم سيد کي پراڻي وقت کان سُڃاڻون ۽ سندس مضبوط قومپرست نظرئي سبب کيس پنهنجو به رهبر سمجهون ٿا. پنهنجي پيرسنيءَ جي باوجود هو جڏهن دهليءَ ويو هو ته مان سندس دليري ۽ همت کان متاثر ٿيو هئس. هُو واقعي سچو سنڌي آهي. اسان سنڌين سان سندن جدوجهد ۾ گڏ آهيون. غلاميءَ جون زنجيرون ضرور ٽٽنديون.”
29 مارچ تي سڄو ڏينهن مينهن وسندو رهيو. سج جو نالو به ڪونه هو. صبح جو ڏهين کان ٻارهين وڳي تائين شهر جو چڪر هنيم ۽ جنرل پوسٽ آفيس مان دهليءَ وينا شرنگيءَ کي ٽيليگرام موڪليم ته31 مارچ تي پهچي رهيو آهيان. باقي ڏينهن ڪچهرين ۾ گذريو. رات جو ماني کائي ڪمري ۾ وياسين ته آريسرجلدي سمهي پيو ۽ مان ويٺس ريڊيو جي سُئي گهمائڻ. اوچتو آڪاشواڻي جوڌپور تان سنڌي ڪلام شروع ٿيا. وري جو ڦيرايم ته خيرپور ريڊيو جو بلڪل صاف آواز آيو . سنڌ مان سنڌي آواز ٻُڌي دل خوش ٿي وئي. وڌيڪ مزو تڏهن آيو جڏهن سينگهار علي سليم جو ڳايل ڪلام “آءٌ وريو نٿي وران” ۽ عابدا پروين جو ڳايل”ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن ريجهايان توکي، ڏس ڪو ڏي” ٻُڌم. ان کان پوءِ محمد يوسف جو ڪلام”سُڌ نه سورن جي ڪل ڪا مون کي” ٻُڌم.
30 مارچ تي صبح جو سج ڏسي آٿت ٿي ته موسم بدلي آهي ۽ جهاز جي اُڏام ۾ ڪا رنڊڪ نه پوندي. سڄو ڏينهن وري به ڪچهرين ۽ وي سي آر تي فلم ڏسڻ ۾ گذريو. رات جو عماد سان ڊگهي ڪچهري ٿي جنهن دوران مان کانئس افغانستان جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن بابت سوال پُڇندو رهيس.
عماد، جيڪو اصل ۾ وزارتِ سرحد جو عملدار هو، تنهن ٻُڌايو ته نجيب حڪومت زرعي سڌارا آندا جنهن تحت “کيڙي سو کائي” واري پاليسي اختيار ڪري هر هاريءَ کي ٽيهه جريب زمين ڏني وئي. هارين تي ڇاڪاڻ ته جاگيردارن جو ڊپ ويٺل هو ته متان اهي کين مارائي ڇڏين، تنهنڪري هاري به هتان ڀڄي ملڪ ڇڏي ويا. ان ڪري زمينون ويران ٿي ويون ۽ زرعي پيداوار ختم ٿي وئي. هاڻي صدر نجيب قومي مصالحتي پاليسيءَ تحت سرمائيدارن کي ڪارخانا هڻڻ جي اجازت ڏني ۽ پرڏيهي سرمائيدارن کي به سيڙپ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. حڪومت سرمائيدارن کي ڪارخانا هڻڻ لاءِ قرض به ڏئي رهي آهي. ان سان گڏ حڪومت ۽ سرمائيدار گڏيل سيڙپ به ڪري رهيا آهن .ملڪ ۾ چينيءَ جو سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا،سائيڪلن ٺاهڻ جا ڪارخانا، ڪوڪا ڪولا، اسپيئر پارٽس، ٽيڪسٽائل صنعتون، زيتون جو تيل ٺاهڻ جو ڪارخانو، جُوس ٺاهڻ جا ڪارخانا وغيره ٺهي چُڪا آهن . صنعتي مزدور صبح جو اٺين کان منجهند جو ڏيڍ وڳي تائين ڪم ڪن ٿا. سندن علاج مفت ٿئي ۽ اٽو ۽ گيهه به مفت ملين. ٻيو سامان بازار مان رعايتي اگهه تي کين ملي ٿو جنهن لاءِ حڪومت طرفان مزدورن کي ٽوڪن مليل آهن . بازار ۾ رعايتي اگهه ان حد تائين گهٽ آهن جو هڪ ڪلو چانهه جي پتي، جنهن جي عام قيمت پندرهن سئو افغاني آهي، اها پورهيتن کي ٽي سئو ۾ ڏني ٿي وئي. هارين ۽ پورهيتن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ تنظيم سازمانه انقلابي زحمت ڪشان افغانستان Revolutionary Organization of Toiling People of Afghanistan به ٺاهي وئي هئي. هارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حزبِ عدالت دهقانان به قائم ڪئي وئي هئي. شُوراءِ زنانه افغانستان جي نالي سان عورتن جي تنظيم به قائم هئي جنهن جي اڳواڻ ايران ۾ اڳوڻي سفير معصومه عصمتي وردڪ هئي.
هن ٻڌايو ته اڳي مذهبي معاملن بابت هڪ کاتو هوندو هو پر هاڻي هڪ مڪمل وزارت قائم آهي.
اسلامي علوم يونيورسٽيءَ تائين وڌايا ويا هئا ۽ هڪ ڌار اسلامي يونيورسٽي به قائم ڪئي وئي هئي. حڪومت ڪيتريون ئي مسجدون به ٺهرايون آهن ۽ مولوين کي به باقاعدا پگهار ملندي آهي.
افغانستان ۾ عام ملازم جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار افغاني هئي جڏهن ته اوور ٽائيم الڳ ملندو هئن. فوجين جي پگهار سِول ملازمن کان وڌيڪ هئي.
جنگ جي ڪري آبپاشي نظام تباهه ٿي چُڪو هو پر بارشن، چشمن ۽ درياهه مان ڪئنالن ڏانهن پاڻي ڇڪي ڪجهه زمين سيراب ڪئي ٿي وئي جنهن تي ڪڻڪ، جوئر، چقندر ۽ ٻيا فصل پوکيا ٿي ويا. ڪينُو، نارنگيون، انگور، گدرا، هنداڻا، ڏاڙهون، شفتالو، زردالو وغيره هتان جا خاص ميوا آهن.
عماد ٻُڌايو ته انقلاب کان پوءِ روزانو رات جو ڪرفيو لاڳيتو جاري آهي. وچ ۾ ٻن سالن لاءِ ڪرفيو ختم ٿيو پر جنوري 1989 ۾ سوويت فوجون واپس ويون ته ڪرفيو وري شروع ڪيو ويو. پارٽي ميمبر فوجي لباس پائيندا آهن جڏهن ته اهي دفاعِ خُودي (پنهنجي حفاظت پاڻ) تحت پنهنجي پاڙن ۾ سڪيورٽيءَ جو انتظام ڪن ٿا جنهن لاءِ حڪومت کين پاڻ هٿيار ڏنا آهن . پارٽيءَ جا ميمبر رات جو پاڻ ڊيوٽي ڪندا آهن ۽ هر ميمبر لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن مقرر آهن.
31 مارچ افغانستان ۾ اسان جو آخري ڏينهن هو. صبح کان ئي واپسيءَ جو انتظار هو. نيرن ڪري مان ۽ آريسرپاڪستان مان تازو آيل افراسياب خٽڪ سان ملڻ وياسين جيڪو انهيءَ ريسٽ هائوس ۾ رهيل هو جتي مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جلاوطنيءَ دوران رهندا هئا ۽ اتي ئي افغان ڇوڪرين سان پرڻيا هئا. افراسياب وٽ پاڪستان جي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر به آيل هو.
منجهند جو افغان نائب وزير آغا نورالله الوداعي ملاقات لاءِ آيو جنهن کان پوءِ مهماندار آفيسر عماد سان گڏ هوائي اڏي ڏانهن روانا ٿي وياسين. پوڻن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ جڏهن دهليءَ جي اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي لٿاسين ته وينا شرنگيءَ جو ڀاءُ اسان کي وٺڻ لاءِ پهتو هو پر هتي به اسان جيئن ته افغان حڪومت جا مهمان هئاسين تنهنڪري افغان سفارتخاني جي آيل عملدار سان گڏ هوٽل تي هليا وياسين جتي اسان جي رهائش جو انتظام هو. وينا شرنگي ۽ لڇمڻ ڀاٽيا سان ٻئي ڏينهن پهرين اپريل تي ملاقاتون ٿيون جنهن جو احوال اڳ ئي ڏئي چُڪو آهيان. ٽئين ڏينهن 2 اپريل تي هتان لاهور لاءِ روانا ٿياسين جتي رات جو ئي ڪوچ ۾ چڙهي سڄي رات ۽ ڏينهن سفر ڪري 3 اپريل تي شام جو ڇهين وڳي سکر پهتاسين ۽ اتان چوٿين اپريل تي ڪوچ ذريعي ڪراچيءَ پهچي سفر جي پڄاڻي ڪئي سين. ڪراچيءَ پهچڻ شرط پهريون ڪم صحافيءَ واري ذميداري پوري ڪرڻ هو، تنهنڪري هڪدم ڪابل جي دوري ۽ خاص طور افغان صدر سان ملاقات جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇاپيم. مون کي حيرت ٿي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جماعتي اُردو رسالي تڪبير ۾ اها سموري رپورٽ ترجمو ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ منهنجي خلاف زهر ڀريل جملن جو واڌارو ڪري شايع ڪئي وئي جنهن جي هيڊنگ هئي: پيپلز پارٽي ڪي دانت دِکاني ڪي اور، کاني ڪي اور.
ان رسالي 1988 ۾ به منهنجي خلاف لکيو هو جڏهن عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کٽي رهي هئي. مان ان وقت پاڪستان ٽيليويزن جي چونڊن واري نشريات ۾ ڪراچي سينٽر تان ميزبان هئس ۽ مرحوم علي احمد بروهي مهمان هو. اڌ رات کان پوءِ جڏهن لاڳيتو پ پ پ جي اميدوارن جي ڪاميابيءَ جا اطلاع اچڻ لڳا هئا ته مون بروهي صاحب کي چيو هو ته هاڻي صورتحال ڪافي دلچسپ ٿيندي پئي وڃي. منهنجو اهو اکر تڪبير رسالي وارن کي وڏي تڪليف پهچائي ويو ۽ هنن اڌ صفحو منهنجي خلاف مضمون سان ڀري ڇڏيو هو.
*