ايئرپورٽ تي خواري
صبح جو وري ٻيو نظارو ڏٺوسين جڏهن ڪابل وڃڻ لاءِ قطار ۾ لڳاسين ته هڪ افغان جوڙي کي خوار ڪيو ويو. زال مڙس پڙهيل لکيل ٿي لڳا. هنن ويچارن هڪ ناريل ورتو هو جنهن تي انڊين اميگريشن وارن کي اعتراض هو. افغان جوڙو حيران هو ته ناريل کڻڻ تي هنن کي اعتراض ڇو آهي؟ افغان جوڙو ناريل ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو ۽ انڊين اسٽاف کين اجازت ڏيڻ کان بنهه انڪاري هو. نيٺ انڊين عملي ٻنهي کي ڌڪا ۽ گاريون ڏئي اهو ناريل کسي ورتو. افغان ايئر لائين جي جهاز ۾ به عجيب روش ڏٺي سين. مسافرن کي الاٽ ٿيل سيٽن جي نمبرن کي نظرانداز ڪري يورپي ۽ ٻين گورن باشندن کي جهاز جي اڳئين حصي ۾ ۽ باقي سمورن مسافرن کي پُٺيان ويهاريو ويو.
اهڙو ئي منظر ڪابل مان واپسيءَ تي ڏٺوسين جڏهن انڊين اميگريشن عملي افغان مسافر مردن توڙي عورتن کي ڌڪن ۽ گارين جو وسڪارو لائي ڏنو. سندن روش مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ افغان ٽئين درجي جا شهري ۽ سندن غلام هجن.
نيپال جي گادي کٽمنڊوجي هوائي اڏي تي وري نئين قسم جي خواري هوندي آهي. کٽمنڊو مان روانو ٿيندڙن جو سامان گاڏين ۾ کڻي جهاز کان پرڀرو اچي اڇلائيندا آهن ۽ پوءِ هر مسافر کي پنهنجو سامان سڃاڻي هٿ رکڻو آهي. ان کان پوءِ ئي اهو سامان لوڊر کڻي جهاز ۾ رکندا. ان مرحلي دوران مسافرن سان نيپالي سڪيورٽي عملي جو رويو پاڪستاني جيلن ۾ قيدين سان پوليس جي سلوڪ جهڙو هوندو آهي. (هاڻي اهو سلسلو بند آهي)
هن ڀيري ڪراچي هوائي اڏي تي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ کانپوءِ سڪيورٽي چيڪ مهل هر مسافر جا جوتا، موبائل فون، کيسن ۾ پيل هر شئي ويندي پينٽ جو پٽو به لهرائي مشين مان گذاريو ويو. سڪيورٽي چيڪ جو اهو طريقو آڪٽوبر 2007 کان شروع ڪيو ويو هو ۽ نه رڳو اتي پر دبئي هوائي اڏي تي به ساڳيو حال هو، سواءِ ڏکڻ ڪوريا جي. ڪراچي هوائي اڏي تي اهو سلوڪ خراب لڳو پر دبئي ۾ گورن ۽ ڪارن سان، مردن توڙي عورتن سان ساڳي جٺ ڏسي مان ته ڪنهن جي چوڻ کان اڳ ئي ڪارروائي شروع ڪري پيو ڇڏيان. هونئن به اسان رڳو پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهيون. ملڪ کان ٻاهر اسان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه قانون جو فرمانبردار ڪونه هوندو آهي. اهڙي سخت چڪاس کانپوءِ سچ ته رڳو گنجي ۽ ڪڇو پائي سفر تي نڪرجي ته بهتر آهي.
*