ڪينڊل لائيٽ ڊنر
سانجهيءَ ڌاري اسان سڀ هڪ لانچ ۾ روانا ٿياسين ۽ پندرهن ويهه منٽن جي سفر کانپوءِ هڪ ٻيٽ تي پهتاسين جتي ڪينڊل لائيٽ ڊنر جو انتظام هو. هتي وزير ثقافت احمد علي سواد ۽ نائب وزير ثقافت شعيب محمد Thoyyib Mohamed اسان جا ميزبان هئا. ٻيٽ جو نالو ڪلب فاروُ Club Faru هو جتي سمنڊ ڪناري اهڙي هنڌ بار بي ڪيو جو انتظام هو جو سمنڊ جي ڇولي اچي پئي ته پاڻي اسان جي پيرن کي ڇُهي واپس پيو وڃي. پُر خمار ماحول ۾ هرڪو چوڪڙيون ٺاهي ڪرسين تي ويهي رهيو. مون کي مالديپ جي ٻنهي وزيرن ۽ يونائيٽيڊ نيشنس ڊيولپمينٽ پروگرام UNDP جي آفيسر اَروُن ڪشياپ جي ڪچهري ملي جيڪو اصل ماريشس جو هو ۽ اُتان جو وزير به رهي چڪو هو.
هيءُ ٻيٽ مشڪل سان هڪ ڪلوميٽر ڊگهو هو جتي بيشمار ايئرڪنڊيشنڊ هٽ، ٻه اعليٰ درجي جون خوبصورت ريسٽورنٽس ۽ گفٽ شاپ ٺهيل هئا. هٽس ۾ يورپي سياح عياشيءَ لاءِ ترسيل هئا. وزير ثقافت احمد علي سواد ٻُڌايو ته هر ٻيٽ تي پاڻي ۽ بجليءَ جا پلانٽ لڳل آهن ۽ هڪ منٽ لاءِ به بجلي نه ويندي آهي. مون کيس ڪونه ٻُڌايو ته اسان وٽ ڪيڏي بدترين حالت آهي، پر بعد ۾ جڏهن بنگلاديش جي خاتون تهمينا رحمان سان ڪچهري ٿي،جيڪا واپسيءَ ۾ مون سان دبئيءَ تائين گڏ هئي، تنهن ٻڌايو ته سندس ملڪ ۾ روزانو ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي ته مان ماٺ نه رهي سگهيس ۽ چيومانس ته اسان ٻنهي جا ملڪ ان معاملي ۾ برابر آهن.
وزير ثقافت ٻُڌايو ته سياحت سندن ملڪ جي آمدنيءَ جو مُکيه وسيلو آهي ۽ انهيءَ ڪري سياحت کي اڃا ترقي وٺرائڻ لاءِ ٻيٽ پنجاهه ورهين جي ليز تي پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڏئي رهيا آهيون ته جيئن اهي هتي سيڙپ ڪن.
رات جو يارهين وڳي کانپوءِ ٻيٽ تان واپسي ٿي. مان واپسيءَ ۾ سمنڊ جي سانت، پري کان نظر ايندڙ ٻيٽن جي روشنين جي رومانس ۽ سُرور ۾ ٻُڏل رهيس. ڪي دوست جن ۾ امبر جنيد به شامل هئي، مون کان هڪ ڏينهن اڳ پهتا هئا ۽ ان رات هنن هڪ ٻئي ٻيٽ تي ڊنر ڪئي هئي. مون کي افسوس ٿيو ته اهو ٻيٽ نه ڏسي سگهيس پر مجبوري هئي جو فلائيٽ اڳ نه ملي سگهي هئي.
*