واپسيءَ جو سفر هوائي اڏو اچي چڪو هو، مسٽر لِي مون کي اندر آخري منزل تائين پهچائي واپس هليو ويو. مان باقي وقت لائونج ۾ گهمندي گذاريو جو ان کانپوءِ دبئيءَ تائين ڏهه ڪلاڪ لاڳيتو جهاز ۾ سفر ڪرڻو هو. ٻارهين وڳي جڏهن جهاز اڏاڻو ته مان به لت کوڙي سمهي پيس جو خبر هئي ته ڪوريائي کاڌو وڻندو ڪونه. دبئي هوائي اڏي تي پهتاسين ته اتي به اڃان فجر جو وقت هو ڇوته اسان اوڀر کان اولهه ڏانهن سفر ڪيو هو جتي سج اڀرڻ ۾ اڃان گهڻي دير هئي. دبئي ڊيوٽي فري مال ۾ گهمندي ٽي ڪلاڪ گذاري وري ڪراچيءَ لاءِ سفر شروع ڪيوسين ۽ نيٺ صبح جو ڏهين وڳي اچي ڪراچيءَ پهتاسين. ننڊ ۽ ٿَڪُ ذهن تي سوار هئا تنهنڪري سمهڻ پي چاهيم پر سچ ته ايئن پي لڳو ڄڻ هاڻ خواب ڏسي اٿيو آهيان ۽ خواب ۾ مان ڪوريا گهمي آيو آهيان. مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ايندڙ سال وري خوابن جي اها ڌرتي گهمڻ جو موقعو ملندو. *