سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

مانهاءِ وليج ڏانهن سفر

سيئول کان سام سنگ تائين اسان ڏکڻ ۾ سفر ڪيو هو جنهن کانپوءِ Suwon وارو علائقو ڇڏي اسان کي اُتر اوڀر ۾ ايڪسپريس وي Expressway تي روانو ٿيڻو پيو. اسي سيڪڙو جابلو ملڪ هئڻ ڪري اڪثر هنڌن تي جبل کي ڪٽي سرنگهون Tunnels ٺاهيون ويون هيون. وڏي مهارت سان ٺاهيل ايترين سرنگهن مان لنگهندا رهياسين جو مون ته ڪوريا کي سرنگهن واري ملڪ جو نالو ڏئي ڇڏيو.
سئو کن ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کانپوءِ وري هڪ هنڌ فريش ٿيڻ لاءِ بيٺاسين. اها هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ ۽ اسٽور تي مشتمل عمارت هئي جنهن جي آڏو وسيع پارڪنگ ايريا هئي. عمارت جي ٻاهران هڪ ٻه اسٽال لڳل هئا جن تي اُوني ٽوپين کان ويندي اليڪٽرانڪ جي سامان تائين مختلف شيون رکيل هيون. ڪوچ کان ٻاهر نڪرڻ تي خبر پئي ته اهي ٻن سوزوڪي پڪ اپ گاڏين تي گشتي اسٽال هئا. اهڙا اسٽال ڪوريا جي شاهراهن تي ريسٽورنٽن جي ٻاهران هر هنڌ نظر آيا.
کليل علائقو هئڻ جي ڪري هتي بي انتها ٿڌ هئي. ڪوچ مان نڪرڻ جي پنج منٽن اندر منهنجو مٿو وٺجي ويو. ان مهل گشتي اسٽال ڪم آيا جتان مون هڪ اُوني ٽوپي چئن ڊالرن ۾خريد ڪئي جيڪا اسان وٽ وڌ ۾ وڌ پنجاهه روپين ۾ ملي پر هتي ان جي قيمت تڏهوڪي ڊالر جي اگهه مطابق ٽي سئو روپين برابر بيٺي. اها ٽوپي بعد ۾ سموري سفر ۾ ڪارائتي ثابت ٿي. ايئن سمجهو ته بس رات جو سمهڻ مهل لاهيندو هئس.
شام جو پنجين وڳي اسان جي گاڏي شاهراهه تان مڙي هڪ برساتي نديءَ جي پل پار ڪري خوبصورت ور وڪڙ رستن تان ٿيندي هڪ جبل جي دامن ۾ چار ماڙ عمارت جي پارڪنگ ايريا ۾ هلي بيٺي. ميزبانن اسان کي ٻڌايو ته سيئول کان اٽڪل اڍائي سئو ڪلوميٽر پري اهو مانهاءِ وليج آهي. اسان چوڌاري نهاريو پر پري پري تائين ڪٿي به ڪو ڳوٺ نظر ڪونه آيو سواءِ شاهراهه جي پاسي کان ۽ آس پاس پهاڙين تي ٺهيل خوبصورت گهرن جي.
شام جو پنجين وڳي سج لهڻ وارو هو تنهنڪري تڙ تڪڙ ۾ عمارت جي ٻاهران ڪجهه فوٽو ڪڍي اندر گهڙياسين. اها عمارت مانهاءِ اِن Manhae Inn هئي ۽ ڪنهن به طرح 3-Star هوٽل کان گهٽ ڪانه هئي. خوبصورت لائونج، رسيپشن، ڪانفرنس هال، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، لفٽون، جديد سهولتن سان آراستا بيڊروم وغيرهه. ڪمري جي چاٻي وٺي وڃڻ لڳاسين ته اسان کي چيو ويو ته ساڍي پنجين وڳي ڊنر لاءِ ڊائننگ هال ۾ گڏ ٿبو. مقرر وقت تي رات جي مانيءَ لاءِ هال ۾ پهتاسين پر مان حيران هئس ته ايترو جلد رات جي ماني ڇو؟ ايترو سوير ماني کائڻ کانپوءِ رات جو دير سان ننڊ اچڻ تائين ته آنڊا وٽجي ويندا. استقبالي ڪائونٽر تي بيٺل ڪوريائي شخص کان پڇيم ته ٻڌايائين ته هن مسافرخاني ۾ گهڻوڪري ٻُڌمت جا ماڻهو اچي رهندا آهن جيڪي سوير ئي ماني کائي رات جو ڏهين وڳي سمهي پوندا آهن ڇوته اَسر جو ٽين يا چئين وڳي سندن عبادت جو وقت هوندو آهي.
ڊائننگ هال ڪنهن جديد مسافرخاني جهڙو هو جنهن ۾ نفيس لوهي ٽيبلن جي ٻنهي پاسن کان ڪاٺ جون بينچون پيل هيون. کاڌو ڏيڻ لاءِ خواتين موجود هيون پر ان لاءِ اسان کي اسٽيل جي ٽري کڻي قطار ۾ بيهڻو هو. مختلف کاڌن جي وڏن اسٽيل جي ديڳڙن مان هر ماڻهو پنهنجي پسند جو کاڌو وٺندو اڳتي وڌندو پي ويو. منهنجي نظر ٻين شين تان ڦرندي اڇن چانورن ۽ گوشت جي ٻوڙ تي پئي ته خوش ٿي ويس. پڪ ڪرڻ لاءِ وري به هڪ مائيءَ کان پڇيم ته اهو واقعي بيف آهي؟ته هن به ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي. مون جيئن ئي ٻوڙ ۽ چانور وٺي اڳتي وڌڻ جي ڪئي ته پٺيان هڪ ساٿي ڪوريائيءَ روڪي ورتو ۽ ٻڌايائين ته اهو Pork يعني سوئر جو گوشت آهي. شڪر ڪيم ته بر وقت خبر پئجي وئي پر ڏک به ٿيو ته هاڻي رڳو رُکن چانورن تي گذارو ڪرڻو پوندو ۽ ٿيو به ايئن ئي. چانورن جا ٽي چار گرهه کائي سڀني کان اڳ واندو ٿي ويهي رهيس بلڪه هتان جي روايت موجب ٿانوَ به کڻي وڃي واش بيسن ۾ رکيم. اوچتو انسٽنٽ ڪافيءَ جي پڙين تي نظر پئي ته پيٽ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو.
رات جي مانيءَ کان هڪدم پوءِ چيو ويو ته، ساڍي ڇهين وڳي ڪانفرنس هال ۾ گڏ ٿيڻو آهي. ڪمري تي وڃي سگريٽ جا سُوٽا هڻي وري هيٺ لهڻو پيو. گڏجاڻي ٻه اڍائي ڪلاڪ هلي جنهن ۾ مون ۽ ٻاهران آيل ٻين دوستن پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ صحافت ۽ صحافين سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين بابت رپورٽ پيش ڪئي. وچ ۾ چانهه ۽ ڪافيءَ جو وقفو به ٿيو پر ان وقت حيران ٿي ويس جڏهن ڪوريائي مايون لاهوري گجرن جا ٻه ڊش ڀري کڻي آيو ن. ڀاٽيا ۽ منهنجي ته ڄڻ عيد ٿي وئي. اسان نه رڳو ان مهل گجرون کاڌيون پر رات جو دير سان ڪمري ۾ کائڻ لاءِ به کڻي وياسين.
ڪانفرنس کانپوءِ هر ڪو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. مون ڪمري تي پهچي ٽي وي جا چئنل ڦيرائڻ شروع ڪيا پر سواءِ ڪوريائي ٻوليءَ جي ٻيو ڪوبه چئنل ڪونه هو. منهنجي بيڊروم جي مهاڙ سڄي شيشي جي هئي جنهن مان سامهون سانت سان ڀرپور جبل ڪر کنيون بيٺو هو. مان دير تائين سانت جي اونهائين ۾ رُلندو نيٺ سمهي پيس پر اَسُر ڌاري منهنجي اک کلي وئي. سڄي ڏينهن جي ٿڪ کانپوءِ ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ ٿي هوندي پر ان وقت مون پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. منهنجي آڏو وري اهو ئي جبل هو جيڪو ڏينهن جو ته ساوڪ سان جنجهيل هو پر رات جو ڄڻ مٿس ڪاري چادر چڙهيل هئي. سانت ۽ سڪون جو اهڙو احساس مون کي اڳي ڪڏهن محسوس نه ٿيو هو. يقين ٿي ويو ته ٻڌمت جا پوڄاري ڇو اچي هتي پوڄا ڪندا آهن . ڪير ڪهڙي به مَت جو هجي پر هتي هرڪو هن ڌرتيءَ ۽ انسانن جي خالق جي وڏي ذهني يڪسوئيءَ سان عبادت ڪري سگهندو
*