فُٽپاٿي پامسٽ، فقير ۽ پراڻن ڪتابن جي بازار
اسان جو خريداري ڪرڻ جو ڪو خاص مُوڊ ڪونه هو پر تڏهن به هر دڪان تي مختلف شيون ۽ انهن جون قيمتون ڏسندا اڳتي وڌندا پي وياسين. قيمتون ڪوريائي ڪرنسيءَ جي حساب سان هزارن ۾ لکيل هيون. مثال طور ڏهه هزار، پندرهن هزار، ويهه هزار وَون،جن کي پڙهي ڏڪي پيا وڃون پر اصل اندازو تڏهن پي ٿيو جڏهن انهن کي ڊالرن ۾ مٽائي حساب پيا ڪريون. ان وقت هڪ ڊالر ۾ هڪ هزار وَون هئا جنهن جو مطلب ته ڏهه هزار وَون جا ڏهه ڊالر پي ٿيا. پاڪستاني اسي رُوپيا هڪ ڊالر ۾ هئا ۽ ان حساب سان قيمت بيٺي ٿي اٺ سئو رُوپيا. مون کي سوکڙين جي هڪ دڪان تي ڪوريائي ثقافتي نموني جو وِنڊ چن پسند اچي ويو جنهن جي قيمت هئي ڏهه هزار وَون. مون دڪاندار مائيءَ کي گهڻوئي چيو ته قيمت گهٽائي پر نه مڃيائين. نيٺ هڪ طريقو سوچيم ۽ وڃي پنهنجي ٽيم جي ڪوريائي ميزبان ڇوڪريءَ مِس گرم ليءَ Miss Garam Lee کي وٺي آيس ته اها ڪوريائي ٻوليءَ ۾ هن سان سوديبازي ڪري. سندس اچڻ سان فائدو ٿيو ۽ اها شئي اَٺ ڊالرن ۾ ملي. گرم لي نوجوان، پڙهيل لکيل خوبصورت ڇوڪري هئي، جيڪا اسان جي سفر جا سمورا ڏينهن صبح جو سوير کان رات جو دير تائين هلچل ڪندي هئي پر ڪڏهن به سندس منهن تي ٿَڪُ يا بيزاري ڏسڻ ۾ نه آئي. مان ۽ منهنجا هندستاني دوست اڪثر ساڻس ڀوڳ ڪندا هئاسين ۽ هوءَ هميشه کلندي ۽ مرڪندي رهندي هئي. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ گرم جو مطلب آهي ندي پر کيس ٻُڌايو هو سين ته سنڌي،اردو يا هندي ٻوليءَ ۾ گرم جو مطلب ڇا آهي. انهيءَ تي به کلندي چيو هئائين:
Oh! really?
هندستاني دوست پرمود ماٿر چوندو هو ته سندس پٽ به جوان آهي ۽ جيڪڏهن گرم لي راضي هجي ته ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيان.
گهمندي گهمندي سج لهڻ وارو هو. اسان هڪ مقرر پوائنٽ تي پهچي باقي ساٿين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين جو اتان گڏجي وري رات جي مانيءَ لاءِ وڃڻو هو. اها پوائنٽ انهيءَ ڪمرشل ايريا جو ڇيڙو هو. ان هنڌ انتظار ڪندي اوچتو منهنجي نظر ڀر واري روڊ تي پئي جنهن جي فُٽ پاٿ تي هڪ شخص ليٽيو پيو هو ۽ سندس ڀر ۾ خيرات لاءِ ڪجهه رکيل هو. ڪوريا جي گذريل ۽ هاڻوڪي دوري دوران مون کي اهو پهريون فقير ڏسڻ ۾ آيو هو. مزي جي ڳالهه ته ڪلاڪ اڌ مان اتي موجود هئس ۽ لاڳيتو ان تي نظر رکندو رهيس پر ان وچ ۾ نه ڪنهن راهگير کيس ڪا خيرات ڏني ۽ نه ئي هن فقير پاڪستاني فقيرن وانگر راهگيرن کي چنبڙي ڇتو ڪري پنڻ جي ڪوشش ڪئي.
اسان کي ٻُڌايو ويو ته اهو سمورو علائقو خريداريءَ جو وڏو مرڪز آهي. خاص ڳالهه ته ان ساڳي علائقي ۾ پراڻن ڪتابن جي بازار به هئي جيڪا اسان کي گهمڻ جو موقعو نه ملڻ سبب ڏسي نه سگهياسين. چون ٿا ته ان بازار ۾ پراڻن ڪتابن جا ٻه سئو دڪان هوندا هئا پر هاڻي انهن جو تعداد گهٽجي پنجاهه ٿي ويو هو. پراڻن ڪتابن جي بازار جو ٻُڌي سوچيم ته رڳو اسان پاڪستان وارا ئي پراڻن ڪتابن جا خريدار ناهيون. مون کي ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ ۽ گلشن اقبال وارين بازارن سان گڏ لاهور جي انارڪلي بازار جي مُهڙ وٽ هر آچر تي لڳندڙ بازار ياد آئي. مون کي ياد آهي ته 2004 ۾ لاهور ۾ رهڻ دوران پنهنجي عادت موجب پراڻن ڪتابن جي ڳولا ۾ انارڪلي گهمي رهيو هئس ته پراڻن ڪتابن جي ڍيرن ۾ شاه جو رسالو به پيل نظر آيو هو جيڪو سکر جي ڪنهن پبلشر جو ڇپرايل هو ۽ ڪتاب تي ڪنهن سنڌي عورت جو نالو ۽ صحيح ٿيل هئي، جنهن جو تعلق ڪنهن سومرا خاندان سان هو.
لاهور جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ وڌيڪ دلچسپ ڳالهه ٻُڌائيندو هلان. هڪ ڏينهن هڪ پنجابي وڪيل رانا منيرالحسن سان آفيس جي معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ ويس. پُراڻي انارڪليءَ جي مُهڙ وٽ عمارت ۾ سندس آفيس هئي. عمارت جي ٻاهران وڪيلن جي نالن جا بورڊ لڳل هئا. رانا منير پنهنجي نالي جي بورڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو: سائين اهو بورڊ غور سان ڏسو. مون ڏٺو ته سندس اُردوءَ ۾ لکيل نالي جي مٿان خالص سنڌي لکت ۾ لکيل هو: ڀلي ڪري آيا. رانا منير ٻُڌايوته هُو آهي ته ڪماليه پنجاب جو پر سندس ڀيڻ سيوهڻ جي سيدن ۾ پرڻيل آهي ۽ هن پاڻ به مئٽرڪ کان پوءِ باقي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي، ايل ايل بي حيدرآباد مان ڪئي، ڪجهه وقت نوڪري ۽ وڪالت به سنڌ ۾ ڪئي جنهنڪري کيس سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي. سندس آفيس ۾ شاه جو رسالو به رکيل هو.
*