سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

گوتم ٻُڌ جي بُت کي سجدو

جيستائين اسان جا ساٿي سمنڊ جو نظارو ڪري موٽيا، اسان نه رڳو ڪافيءَ جا ٻه ٽي دور ڪري چڪا هئاسين پر مندرن جي باري ۾ به کوڙ ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هئي. هاڻي مندر گهمڻ جو مرحلو هو. مندرن ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ وڏي گيٽ مان لنگهڻو هو جنهن جو نالو هو اِل جُو مَم Ilju mum جنهن جي معنيٰ جي خبر ته ڪانهي پر گيٽ تي اَوه بانگ سن ناڪسن سا Ohbangsan Naksan-sa نالو اُڪريل هو جيڪو هن مندر جو نالو هو.ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نالن پٺيان “سا” اکر لکيل هوندو آهي جنهن جو مطلب پڇڻ جو خيال ان وقت ڪونه آيو، پر مونکي پڪ آهي ته انهيءَ “سا” لفظ جو اڄ ڪلهه هندستاني ٽي وي ڊرامن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ “بابا سا” ۽ “چاچا سا” سان ڪو تعلق ڪونهي.
گيٽ ٽپڻ سان ئي مٿانهينءَ تي وڏو ڪارو گهنڊ، نغارو ۽ ڪاٺ جي رنگ برنگي ڊريگن مُنهين مڇي نظر آئي. مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اهي ٽئي شيون ٻُڌمت ۾ عبادت لاءِ اهميت رکن ٿيون پر هتي خبر پئي ته مڇيءَ کي وڄائڻ جو مطلب مانيءَ جو وقت ٿي وڃڻ جو اطلاع ڏيڻ به آهي.
مٿانهين تي ئي مُکيه مندر هو جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪوريائي مرد ۽ عورتون گوتم ٻُڌ جي وڏي شاهي سونهري بُت جي آڏو دعا گهرندي نظر آيا. قد بُت، نقش، لباس ۽ ٻوليءَ جي فرق جي باوجود ترقي يافتا ۽ صنعتي قوم سڏائيندڙ اهي ڪوريائي مون کي بلڪل اسان ۽ توهان جهڙا لڳا جيڪي من جي شانتي ۽ مُرادون پوريون ٿيڻ جي لاءِ مسجدن، مندرن، پِيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي حاضريون ڀري دعائون گهرندا آهيون. انسان ڪيترو به ترقي ڪري وڃي ۽ پاڻ کي ڪيترو به سگهارو سمجهي پر هُو اندر ۾ کوکلو آهي ۽ من جي شانتيءَ لاءِ کيس پنهنجي خالق جو سهارو کپي بس معرفت جي ڳالهه آهي سو هي ڪوريائي به ٻُڌمت جي ذريعي حقيقي خالق کان دعائون گهرن ٿا.
مندر اندر هڪ پروهت اسان جو استقبال ڪيو ۽ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ مندر بابت ٻُڌائڻ لڳو جنهن جو ترجمو هڪ ميزبان انگريزيءَ ۾ ڪندو ويو، جيڪو پاڻ به ٻُڌمت جو پوئلڳ هو. پروهت اسان کي ٻُڌمت تحت عبادت جو طريقو به ٻُڌائڻ لڳو. سندس خواهش هئي ته اسان سندس ٻُڌايل طريقي موجب عمل ڪيون. اسان کي عجيب ته لڳو پر تجربي خاطر اسان سندس پٺيان ٿي بيٺاسين. اسان مان هر هڪ جي پيرن هيٺان هڪ ڪُشن هو. پروهت پيش امام وانگر اسان جي اڳيان ۽ سندس منهن گوتم ٻُڌ جي بُت ڏانهن هو تنهنڪري اسان جو رُخ به اُن بت ڏانهن هو. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ هو جيڪو ڪجهه پڙهندو ويو، اهو ٻُڌئون پيا پر سندس ٻي حرڪت نظر نه آئي جو اسان جون نظرون هيٺ جهڪيل هيون. اوچتو هو هيٺ جهڪي سجدي ۾ ويو ته سڀئي سندس پٺيان سجدي ۾ هليا وياسين. دماغ مان ٺڪاءَ نڪري ويا ته ٻيلي هي ماڻهو ٺڳيءَ سان اسان کي هڪ بُت آڏو سجدو ڪرائي رهيو آهي. مون هڪدم پنهنجي رب کان ان خطا جي معافي گهري ڇو ته الله کانسواءِ ڪنهنجي آڏو سجدو ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. مان دير تائين دل ئي دل ۾ الله وٽ وضاحتون ڪندو رهيس ته ان سجدي کي ڪنهن بُت آڏو سجدو نه سمجهي پر ٻين مذهبن ۽ عقيدن کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ هڪ غلطي ليکي. اسان هڪدم سجدي مان اُٿي کڙا ٿياسين. ڀاٽيا صاحب کي به اها حرڪت خراب لڳي هئي ڇوته هو هندو ڌرم جو پوئلڳ هو.
سڌارٿ يا گوتم ٻُڌ، جنهن ڇويهه صديون اڳ نيپال ۽ هندستان جي ملندڙ علائقي ۾ جنم ورتو ۽ زندگي، موت ۽ وجود جي حقيقتن کي پرکيندي ڪنهن منزل تي پهتو جو کيس ٻُڌ (هنديءَ ۾ ٻڌي) Enlightened جو نالو مليو، تنهن سوچيو به ڪونه هوندو ته اڳتي هلي سندس پوئلڳ کيس سجدو ڪرڻ لڳندا. هونئن به جيئن ٻين مذهبن ۾ ڪيتريون ئي بدعتون شامل ٿي ويون آهن تيئن ٻُڌمت ۾ به ٿيو آهي ۽ گوتم ٻُڌ جي بت کي سجدو ڪرڻ به انهن بدعتن مان هڪ آهي. نه رڳو اهو پر ٻُڌمت ٻين مذهبن وانگر فِرقن ۾ ورهايل آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو ئي ڪارڻ هو جو مشهور پروهت مانهاءِ، جنهن جو ذڪر مان مٿي ڪري چڪو آهيان، ٻُڌمت ۾ سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي هئي. چون ٿا ته هن وقت دنيا ۾ ٻُڌمت جا پنجٽيهه ڪروڙن کان وڌيڪ پوئلڳ آهن ۽ اسلام، عيسائيت ۽ هِندومت کانپوءِ دنيا جو اهو چوٿون وڏو مذهب آهي. ٻين مذهبن وانگر اِهوبه مختلف فِرقن ۾ ورهايل آهي پر اُن جا ٻه مکيه فرقا آهن . مهاتما گوتم ٻُڌ ڪرم (عمل)، ڌرم (حقيقتن کي پرکڻ جي سڌي واٽ) ۽ نِرواڻ (نئين جنم) جا نظريا ۽ عقيدا ڏنا ۽ پنهنجي پوئلڳن کي ڀرپور نموني همٿايو ته هو پاڻ پنهنجي لاءِ مشعلِ راهه بڻجن. سندس چوڻيءَ جو هي انگريزي ترجمو اڄ به مشهور آهي ته Be a lamp onto yourself .
خير، اهو وڏو موضوع آهي. ڪنهن مذهب تي ڪجهه جملن سان تبصرو نٿو ڪري سگهجي. چون ٿا ته ٻُڌمت جو جائزو وٺڻ سان اُن ۾ ڪيتريون ئي بنيادي ڳالهيون هندومت مان ورتل محسوس ٿينديون.مان سمجهان ٿو ته ان ۾ گهڻي حد تائين سچائي به آهي جو ٻُڌمت جو جنم ۽ واڌ ويجهه انهيءَ علائقي ۾ ٿي آهي جتي هندومت ڇانيل هئي ۽ ان وقت نه عيسائيت ۽ نه ئي اسلام جو نزول ٿيو هو. مون گذريل ڏينهن بائڪدام مندر جي وڏي پروهت سان ملاقات ۾ کائنس ٻُڌمت ۽ صُوفي اِزم ۾هڪجهڙائيءَ بابت پڇيو هو ته هن هڪدم ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو هو ته، ٻُڌمت ڪنهن به ٻئي مذهب يا نظرئي مان ڪا شئي نه وٺندو آهي. اهو سندس پنهنجو خيال هو ۽ مان ان سان سهمت ڪونه هئس. اسان سنڌ ۾ صوُفي سوچ رکندڙ پاڻ کي ٻُڌمت جي گهڻو ويجهو سمجهندا آهيون جو ٻنهي نظرين ۾ڪافي هڪجهڙائي لڳندي آهي.(هي سفرنامو لکندي هڪ ڏينهن هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي سائين امر جليل کي چوندي ٻُڌم ته هو ٻُڌمت جو پوئلڳ آهي). حقيقت هيءَ آهي ته صُوفي اِزم مذهبن جي اِسرارن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو ئي نالو آهي جنهن کانپوءِ ئي سچائي ۽ سنئين واٽ نظر اچي ٿي. گوتم ٻُڌ به پنهنجي پوئلڳن کي اهو سبق ڏنو ته هر ڳالهه کي سمجهو، پرکيو ۽ پوءِ عمل ڪريو. مان گوتم ٻُڌ جي ئي تعليم تي عمل ڪندي سندس ڪوريائي پوئلڳن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ۽ مون محسوس ڪيو ته جيئن مُلان، پادرين ۽ هندو پنڊتن پنهنجي پنهنجي مذهبن جي شڪل بگاڙي آهي يا وقت گذرڻ سان گڏ سماج جون مختلف ڳالهيون ۽ بدعتون مذهبن ۾ شامل ٿي مذهب جو حصو ٿي ويون آهن، تيئن هتي ٻُڌ پروهتن ۽ ڪوريائي سماج به ساڳيو ڪردار ادا ڪيو آهي. هونئن به ٻُڌ مت هن وقت ٻٽيهه فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ هر فرقي جا الڳ پوئلڳ آهن.
*