مندرن کي باهيون ڳالهين ڳالهين ۾ خبر ئي ڪانه پئي ته سفر ڪيئن گذري ويو. ڪوچ سامونڊي ڪناري سان گڏ شاهراهه تان هلندي شهري آباديءَ جي ويجهو پهتي ۽ پوءِ کاٻي پاسي هڪ پهاڙيءَ ڏانهن ويندڙ رستي ڏانهن مُڙي جتي وڻن جي قطارن کانپوءِ ڪاٺ جا مندر ۽ ٻيون عمارتون نظر اچي رهيون هيون. ڪوچ مان لهندي ئي ڏڪڻي وٺي وئي. ميزبانن جو خيال هو ته مندر ڀرسان پيچرو وٺي سمنڊ ڏانهن نڪتل پهاڙيءَ ڏانهن وڃي کليل سمنڊ جي ڇولين جو نظارو ڪجي. ڪجهه ساٿي ته تيار ٿي ويا پر مون سميت ڪي دوست پهاڙيءَ تي چڙهڻ کان لنوائيندي بيهي رهياسين. وڏي تعداد ۾ سياح، مرد توڙي عورتون، جيڪي سڀ ڪوريائي هئا، چاڙهيون چڙهي کليل سمنڊ ڏي وڃي رهيا هئا. هڪ ڪوريائي ميزبان اسان کي وٺي فائبر جي ٺهيل هڪ ڪوٺيءَ ۾ وٺي هليو ته ڄڻ موسم ئي بدلجي وئي. اندر وچ ڪوٺيءَ ۾ هيٽر ٻري رهيو هو ۽ چانهه ڪافيءَ جو مڪمل بندوبست هو. اندر هڪ مرد ۽ هڪ عورت موجود هئا جيڪي مندر تي ڪم ڪندڙ پورهيتن منجهان هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته سِيلا گهراڻي Silla Dynacityجي ٽيهين بادشاه جي سفير وائسانگ دائسا Visangdaesa عيسوي سن 676 ۾ هي مندران وقت ٺهرايو هو جڏهن هُو چين ۾ ٻُڌمت جي تعليم پوري ڪري موٽيو هو ۽ ان هنڌ عبادت ڪئي هئائين. گذريل تيرهن سئو سالن ۾ هتي ست وڏيون باهيون لڳيون ۽ هي مندر ۽ ان جي ڀرپاسي جا ٻيلا سڙندا ۽ تباهه ٿيندا رهيا آهن . آخري باهه اپريل 2005 ۾لڳي جنهن ۾ سموري وڻڪاري ۽ مندر سڙي ويا ته حڪومت اٽڪل نَوَ ملين ڊالرن جي خرچ سان انهن کي نئين سر ٺهرائڻ شروع ڪيو ۽ هڪ سال ۾ وڏو ڪم پورو ڪري ورتو. هتي رڳو هڪ مندر ڪونه هو پر اهو مندرن جو ڪامپليڪس هو جنهن ۾ هڪ وڏي مندر جي آسپاس ننڍا ٻيا مندر ۽ پروهتن جي رهائش جا ڪمرا به هئا. هن وقت به هڪ اڌ مندر تي ڪم هلي رهيو هو. *