ڊالر ڙي ڊالر
مونکي تازو ئي آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽيءَ جي طرفان بهترين رپورٽنگ جي ايوارڊ سان گڏ ست هزار رپيا مليا هئا. ايتري ئي رقم عبدلواحدآريسر وٽ هئي. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسان کي ويزا بلڪل ان ڏينهن ملي جنهن ڏينهن فلائيٽ رواني ٿيڻي هئي. اسان کي ڪراچيءَ مان انڊين ايئر لائين رستي دهلي وڃڻو هو ۽ جيئن ته صبح جو سوير ڪابل روانگي هئي تنهنڪري رات جا ڪجهه ڪلاڪ دهليءَ جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي ئي گذارڻا هئا. اسان کي چيو ويو ته وقت وڃائڻ بدران سڌو گهر وڃي بيگ کڻي هوائي اڏي پهچون ۽ اتي ئي بينڪ مان ڊالر مٽائي وٺون. انهن هدايتن تحت مان پنجين وڳي شام جو گهران نڪري پيس. هوائي اڏي تي آريسر ۽ مون بينڪ مان ڊالر وٺڻ چاهيا ته جواب مليو ته ڊالر ناهن. بينڪ وارن صلاح ڏني ته انڊين ڪرنسي وٺون جيڪا دهلي ايئر پورٽ تي ڊالرن ۾ مٽائي سگهبي. اسان الله تي رکي سمورن پئسن جي انڊين ڪرنسي وٺي ڇڏي.
اسان ته پنهنجي مقرر وقت تي هوائي اڏي پهچي ويا هئاسين پر جهاز نائين وڳي رات جو اڏاڻو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ دهلي هوائي اڏي تي لٿو. ان مهل هندستاني وقت مطابق رات جا يارهن ٿيا هئا. اميگريشن جي ظابطن مان فارغ ٿي اسان ٽرانزٽ لائونج ۾ وڃي ويٺاسين. حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر نڪتو هئس. دهلي هوائي اڏي جو ماحول ڏسي وات ئي ڦاٽي ويو. يورپ جهڙو ماحول هو. جينس جي چڍين ۽ بريزيئر بنا ٽي شرٽس ۾ گوريون مايون بي ڌڙڪ ٽيلارا ڏئي رهيون هيون. اڪثر يورپي ماڻهن کي اسان ڊيوٽي فري شاپ تان وسڪي خريد ڪندي ڏٺو. دل ته اسان جي به لوڏو کاڌو، پر ان مهل اسانکي چانهه جي طلب محسوس ٿي تنهنڪري هڪ اسٽال تان چانهه وٺڻ وياسين پر ان مهل وٺجي وياسين جڏهن هنن انڊين ڪرنسي وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڊالر گهريائون. اسان سڌو بينڪ ڪائونٽر تي وڃي ڊالر گهريا ته هنن به ٺپ جواب ڏنو. اسان جا ته پگهر نڪري آيا. ماٺڙي ڪري وڃي هڪ صوفا تي ديرو ڄمايوسين. حيرت ٿي ته هندستان ۾ هندستاني ڪرنسي ڪانه پئي هلي. ان حالت ۾ جڏهن چانهه پيئڻ مشڪل هو تڏهن وسڪيءَ جي خواهش ڪيئن ڪريون ها. ويٺي ٻين کي کائيندي پيئندي ڏٺوسين. وقت گذارڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. رات جو جاڳندي جڏهن بک دٻيو تڏهن زهوب، بلوچستان جي پاسي جو هڪ پٺاڻ شاگرد بادشاهه خان ڪم آيو جيڪو ڪابل کان ڪنڌار وڃڻو هو جتي يونيورسٽيءَ ۾ سندس داخلا هئي. هن پاڻ سان ٻه مٺا لولا آندا هئا جيڪي اسان کي آڇيائين. اهڙي وقت مٺا لولا اسان جي لاءِ غنيمت هئا. اُڃ اجهائڻ لاءِ في الحال لائونج ۾ رکيل واٽر ڪولر پي ڪم آيو پر اڳتي هلي اهو به خالي ٿي ويو. پوءَ ته اُڃ ۾ به برو حال هو.
ايئن اوجاڳي ۽ ساڻائيءَ ۾ صوفا تي منهنجي اک لڳي وئي. ٿوري دير کانپوءِ جاڳيس ته آريسر ٻڌايو ته هڪ گوري رن وسڪيءَ جي بوتل کڻي ڀر واري صوفا تي اچي ويٺي ۽ وسڪيءَ جي آڇ ڪيائين پر هن انڪار ڪيس، جنهن کانپوءِ هوءَ اٿي وئي ۽ ٻيو پارٽنر ڳولي ان سان پيئڻ ۽ چٽ چم ڪرڻ لڳي. مون چيومانس ته، “يار اسان بک ۾ بصر به ڀلو وانگي جڏهن انٽرنيشنل هوائي اڏي تي ويهي مٺو لولو کائي سگهون ٿا ته چڍي پاتل گوري رن سان وسڪي پيئڻ ۾ ڪهڙو حرج هو؟ “
اها سڄي رات اسان بک ۽ اڃ تي گذاري. شڪر هو ته جهاز مان ٿوري گهڻي ڊنر ٿيل هئي نه ته بک ۾ لاهه پٽجي وڃن ها. هندستان ۾ اتان جي ئي ڪرنسي نه هلڻ تي هڪ سک به حيران هو. ساڳي سک ٽوائليٽ ۾ بلب نه ڏسي چيو هو،” هيڏو سارو هندستان ۽ هتي بلب ڪونهي”. ان تي اتي موجود ڀنگيءَ وراڻيس،”هندستان هتي نه، ٻاهر آهي”.
اسان جي بدقسمتي جو ڪابل جي لاءِ جهاز صبح جو ستين وڳي بدران ڏهين وڳي اڏاڻو. جهاز ۾ جڏهن ايئر هوسٽس اسان کي جوس پيئڻ لاءِ ڏنو تڏهن وڃي اسان جي جان ۾ جان آئي. ڪابل پهچڻ شرط مون پهريون ڪم اهو ڪيو هو ته هڪدم ڪرنسي مارڪيٽ وڃي هندستاني رپين مان جان ڇڏايم. آريسر ڪجهه افغاني ڪرنسي ورتي ۽ هندستاني رپيا به بچائي رکيائين. منهنجا ورتل ڊالر وري به ڪم آيا جو واپسيءَ ۾ دهليءَ ۾ انڊين ايئر لائين لاهور جي ٽڪيٽ لاءِ انڊين ڪرنسي وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ نيٺ ڊالر ڏئي ٽڪيٽ وٺڻي پئي.
ان تجربي کانپوءِ مون هميشه پرڏيهي سفر تي وڃڻ کان اڳ ڊالر وٺڻ کي ٻين ڪمن تي ترجيح ڏني ۽ ڪوريا لاءِ به ايئن ڪيم.
*