شاعري

وفا جي رِڻ ۾

اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ۽ ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 1918
  • 656
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اويس قرني
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Wafa Jy Ren Mein

مهاڳ

[b] خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾[/b]
اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي. غزل تي اڄڪلهه جا نوجوان ڏاڍا نوان نوان تجربا ڪري رهيا آهن. جن ۾ هو ڪامياب به ويا آهن اهڙن نوجوانن ۾ اويس قرني به شامل آهي. اويس پنهنجي غزل ۾ ڪافي خوبصورت سٽون لکيون آهن. جيئن:
خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،
روح ٽنگيل ئي رهيو ڏِسڻ جي آس ۾.
شاعري اها سُٺي جا عام فهم ۽ سولي هجي جنهن ۾ اجائي ڊيگهه ۽ ڀاري لفظ نه هجن ڳورا ڀاري لفظ شاعريءَ کي اهو رس چس نه ٿا ڏئي سگهن جيترو سادا لفظ ڏيندا آهن.
اويس قرنيءَ جي شاعريءَ ۾ به سولا لفظ سمايل آهن جن جي ڪري هن جي غزل ۾ ميٺاڄ آهي.
مان ڇا تعريف ڪريان هُن جي،
ڄڻ هوءَ ڪا مون لئه مهجبين آ.
اويس قرنيءَ جي شاعري ۾ سنڌ سان بي پناهه محبت جا اولڙا پُڻ مِلن ٿا. سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آهي جنهن سان محبت ڪرڻ ڄڻ ته انهن عهدن وفائن کي پاڙڻ آهي جيڪو اسين ماءُ جي پيٽ ۾ سنڌ ڌرتي سان ڪندا آهيون، اويس قرني سنڌ سان محبت جو اظهار هن نموني ڪري ٿو.

اي سنڌ تنهنجي سونهن کي سلام آ،
ڇا ڪيان تعريف تنهنجو اونچو مقام آ.
اويس سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو کي جنت جي خوشبوءَ سان ڀيٽا ڪري ٿو. اها ثابت ٿي ڪري ته اسان جو اڄ جو نوجوان سنڌ سان ڪيڏي محبت ڪري ٿو.
تو ۾ خوشبو جنت جي ٿي اچي،
سنڌ جنت جو مليل نقد انعام آ.
شاعري پوءِ اها ڪهڙي به صنف ۾ ڪئي وڃي گيت هجي، وائي هجي توڙي غزل اُن ۾ جيڪڏهن تشبهه نه هوندي ته اِها ٻُسي ۽ بي جان هوندي آهي، اويس به پنهنجي غزل ۾ خوبصورت تشبيهون استعمال ڪيون آهن. جنهن سبب هن جي شاعري انوکي محسوس ٿئي ٿي، جيئن هن بند ۾ چئي ٿو.
انهن ڪارن ڪارن نانگن کي نه کول ڪِٿي ڏنگي نه وجهن،
متان سائل به سِرُ ڏيڻ لئه تو مٿان منصور ٿي نه وڃي.
ڪتاب جو عنوان پنهنجي ئي غزل جي بند مان کنيو اٿس جيڪو سُٺو شگون آهي.
توکي ڏسڻ لئه مان رُلندو رهيس وفا جي رڻ ۾،
ڪِٿي آهين توکي ڳوليندو رهيس وفا جي رڻ ۾.
ثقافت ۽ تهذيب سڀني معاشرن جي نشاندهي ڪندي آهي سنڌ جي ثقافت ۾ صدين جي صدا جا نقش سمايل آهن، جنهن سان محبت عين عبادت بڻجي پوندي آهي، اويس هن شعري مجموعي ۾ ثقافت لاءِ به عقيدتن مان شاعري ڪئي آهي.
ٽوپي اجرڪ پائي اچجو،
پاڻ سينگاري ٺاهي اچجو،
پٽڪو مٿي تي ڪهاڙي هٿن ۾،
هَٿُ هٿ سان ملائي اچجو.

اويس جيجل ٻوليءَ تي پُڻ هي خوبصورت بند چيو آهي.
سنڌي ٻولي سڃاڻ اسان جي،
سنڌ سان ساٿ نباهي اچجو.
هڪ ٻي هنڌ سنڌ جي امرتا جي ساک ڀريندي لکي ٿو،
سنڌ منهنجي امر آ امر ئي رهندي،
منهنجي لئه بس ثمر آ، ثمر ئي رهندي.
سنڌ جي دشمن کان اويس نفرت ڪري ٿو اهو فطري عمل آهي ڇو ته جيڪو انسان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪري ٿو موٽ ۾ جيڪڏهن ان کي محسوس ٿئي ته سنڌ سان ڪو نفرت ڪري ٿو ته فطري عمل آهي ته حساس شاعر ان تي قلم کڻي.
جيڪي منهنجي ڀونءِ جا ويري ٻُڌن
سنڌ منهنجي لئه امر آ، امر ئي رهندي.
محبتن ڀرئي اويس پنهنجي شاعري ۾ محبوب ۽ ان سان محبت جو ذڪر ڏاڍين اُتاهن لفظن ۾ ڪيو آهي.
سڄڻ منهنجو ڏاڍو حسين آ،
منهنجي دل کي پَڪو يقين آ.
پنهنجي پرين کي ايڏو ته قريب ٿو محسوس ڪري جو هن کي پنهنجي دل ۾ ئي سلهاڙيل سمجهي ٿو.
رهندو آهي منهنجي دل اندر هو،
پرين دل جي جهروڪي ۾ مَڪين آ.
سنڌ جا ماڻهو قلندر لال شهباز سان نوسئوسالن کان وٺي محبت ڪندا اچن ٿا روايتن ۾ آيل آهي ته قلندر لعل شهباز دهلي تي حڪمران خاندان جي دؤر ۾ وچ ايشيا جي شهر مرو مان چنگيزين جي حملي سبب هجرت ڪري افغانستان آيا اُتان ملتان ۽ آخر ۾ سيوهڻ کي پنهنجو مسڪن بڻايو پاڻ ڪِن روايتن ۾ هڪ سال هت رهيا ته ڪن روايتن ۾ ڇهه سال سيوهڻ ۾ رهي وفات ڪيائون لال شهباز وڏو عالم انسان هو جنهن جا ٽي ڪتاب گرامر تي ڪلهوڙن جي دؤر تائين سنڌ جي مدرسن ۾ پاڙهيا ويندا هئا قلندر شهباز سنڌ ۾ قلندري طريقو متعارف ڪيو جنهن ۾ دمال هنئي ويندي آهي اويس قرني قلندر شهباز سان جيڪا عقيدت هن غزل ۾ ڏيکاري آهي اها ڄڻ ته سنڌي ماڻهوءَ جي نوسئو ساله محبت جو تلسل آهي.
سونهاري سنڌ جو شان آ، عثمان مروندي،
هِندُ ۽ سنڌ جو مان آ، عثمان مروندي.
آذر بائيجان جي مروند شهر کان ڪهي آيو،
سيوستان ٿيو سيوهڻ مهمان آ عثمان مروندي.
شاهه سائين سنڌ جي عظمت جو نشان آهي شاهه لطيف جنهن سنڌ جي ازلي محبت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي اويس لطيف کي به هن شعري مجموعي ۾ ڏاڍي سهڻي غزل جي بند ۾ ياد ڪيو آهي. اهو اويس جو شاهه سان محبت جو ثبوت آهي.
شاعرن جو سرموڙ شاعر آ، مرشد گهوٽ لطيف،
رهبر سنڌ صفا ظاهر آ، مرشد گهوٽ لطيف،
ڏنائين درس مارن کي محبت ۽ انسانيت جو،
ساري انسانيت لئه وسيلو واهر آ، مرشد گهوٽ لطيف.
اويس سچل کي به شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏِني آهي، سچل جيڪو سچ جو علمبردار شاعر آهي جنهن جي شاعري سراپا سچ آهي سچل کي هينئن ڀيٽا ڏي ٿو.
سونهن ۽ سچ جو سردار آ، سهڻو سچل،
هر پانڌيئڙي جي روح جو قرار آ، سهڻو سچل،
ڏيندو هو سچ جو درس هر دم سائين،
ڪوڙن جو مٿان وار آ، سهڻو سچل.
اويس قرنيءَ جو مون سمورو هي شاعري جو مجموعو ”وفا جي رڻ ۾“ پڙهيو آهي، مان محسوس ڪيان ٿو ته اڄ جو نوجوان ڏاڍي محنت ڪري ٿو آءٌ اويس قرنيءَ کي صلاح ڏيندس ته اڃا وڌيڪ محنت ڪري مطالعو ڪري ملڪي غير ملڪي شاعري ۽ ادب کي پڙهي ته اڃا شاعريءَ ۾ وڌيڪ نکار ايندس منهنجي دُعا آهي ته رب سائين کيس وڏي ڄمار ڏي وقت سر ٻه اکر لکي ڪو نه سگهيس جو ملڪ کان ٻاهر آمريڪا ويل هوس واپس آيس ته هي ٻه اکر لکيا اٿم تڪڙ ۾ شايد اوترو نه لکيو هجيم جنهن جي تمنا اويس قرني کي هوندي پر وقت جي تيزي ۽ ڪنهن گهڻائي انسان کي مصروف ڪري ڇڏيندي آهي.
جتي ماڻهو بيوس ٿي پوي ٿو. هنن ٻن اکرن جي پُڄاڻي اويس جي ئي غزل جي بند سان ڪيان ٿو:
تنهنجي ساهن ۾ جو ڏاڍو هڳاءُ آهي،
تنهنجي نيڻن ۾ نور جو وڏو شعاعُ آهي.

ع. غ. تبسم (نئوديرو)