اويس قرني- مثالي شاعر
هن ڪتاب ۾ جذبن جي جدت به آهي ته شدت به آهي. هن ڪتاب جي ٻولي نهايت آسان ۽ نواڻ سان ڀرپور آهي. هي ڪتاب ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ۽ دوستن کي تحفي طور ڏيڻ جهڙو آهي.
هن ڪتاب ۾ محاورا، تجنيس حرفي ۽ اهي سمورا لوازمات شامل آهن، جيڪي سٺي شاعريءَ ۾ موجود هجڻ گهرجن. اويس قرنيءَ جو فن ۽ فڪر ڏکيون منزلون طئي ڪري ان مقام تي پهتو آهي، جتي تمام ٿورڙا شاعر پهچي سگهندا آهن.
”وفا جي رڻ ۾“ طويل غزل سان گڏوگڏ ٻيا غزل به معنيٰ جي موتين سان ڀرپور آهن.
شهر ۾ ڏاڍو گوڙ ۽ گمسان هيو،
هر هڪ ماڻهو هتي ڏاڍو پريشان هيو.
ڇو ٿا ڪيو رڙيون ۽ ڪوڪون اڄ،
ڇا هتي ٿيڻو ڪنهن جي دردن جو درمان هيو.
منهنجي دلي دعا آهي ته سندس شاعريءَ ۾ اڃا وڌيڪ نکار ايندو رهي ۽ سندس شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي.(آمين)
سوا تنهنجي جڳ ۾ جيئڻ اڪيلو ڏاڍو ڏکيو آ،
جدائي جهوري ٿي تنهنجي، مونکي ماريو تنهائي آ.
جيئن تون مرڪندو آهين، گلابن جون پتيون ڇڻن ٿيون،
پرين تنهنجي مرڪڻ سان جرڪي زمين، مند مهڪي آ.
حڪيم پريم چاندواڻي (ڏوڪري)