کنڊڙي وڃان موتين جيان ته پوءِ سَهيڙي ڇَڏ،
تنهنجي ڳچيءَ جو هار آهيان مونکي ميڙي ڇڏ.
تو سان ساڻ هلندس، اِي منهنجا يار سڄڻ،
نه پير سان ٿُڏي هيڏي هوڏي هر گز نه ٿيڙي ڇڏ.
جو سونهن وارن جو سلامي آ، ان کي آ سلام،
ظالمن سان سدائين جنگ ۽ جهيڙو تون جهيڙي ڇڏ.
اماوس جي راتين ۾ شمشيرن جيان سَلَ ڪڍي،
ٿي ڏيئا ۽ ڏيئاٽون روشنيون وک وک پکيڙي ڇڏ.
ڏينڀن کي ڀينڊ هڻڻ سٺو سؤڻ ناهي پيارا،
مست موالي ۽ رندن کي زمانا، تون نه ڇيڙي ڇڏ.
گذريل وقت کي دل تان وساري ڇڏ تون پرين،
ڇُٽل ڦٽ فراق جا، تون منهنجا مِٺا نه اُڊيڙي ڇڏ.
”اويس“ پنهنجي پيار جا، هي ساوا سلڙا تون، مگر،
ٻين جي چوڻ تي يار، ڪين تون اکڙي ڇڏ.