شاعري

وفا جي رِڻ ۾

اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ۽ ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 1881
  • 648
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اويس قرني
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وفا جي رِڻ ۾

سر سسئي آبري

”ڀٽائي جي بيت سان ابتدا ڪجي ٿي“
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
ريس ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪن؟
مارڳ جي مَرَنِ، وڏو طالع تن جو.
ته اهڙي طرح هي محبت جو سفر ڪندي قرني جنهن منزل تي پهتو آهي. اتي ساڻس ڪا، ريس نه ڪرڻ جڳائي، هي عشق جو هڪ عظيم نسب العين آهي. محبت ۽ سڪ سندو سفر اويس قرني جي شاعري ۾ حسن، محبت، قوم پرستي، تصوف، انسان دوستي، انتها پسندي کان نفرت، هڪڙي وسيع ۽ عريض آزاد سماج لاءِ محبت ۽ ان جي خوش آميد نظر اچي ٿي.
ظاهر آهي، اهڙي ماحول ۾ جتي قانون، حق ۽ انصاف نه هجي، جتي روزگار لاءِ جان جي بازي لڳائڻي پوي. جتي دهشت جو راڪاس رقص ڪري اتي سماج جي حسين ترين جذبن جو ٽڪو ملهه نه آهي. هي سپنا سڀ نئين نظام ۽ انقلاب جي نويد آهن. تنهنڪري جي چئجي ته قرني انقلابي شاعر آهي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. هونءَ به سماج جي غير معمولي ماڻهن جو سماجي ورتاءُ Social conduct غير معمولي هوندو آهي. جنهن جي اويس جي شاعري ۽ ادبي سفر مان ڀلي ڀت حصو عشقيه شاعري، صوفياڻي شاعري ڏاڍي ڪمال سان لکي اٿس. غزل شاعري جو ڏاڍو خوبصورت عنوان آهي. جنهن تي تمام وڏن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. اتي اويس وٽ به سڄو ڪتاب موجود آهي. باقي جيتريقدر علم و فن ۽ هنر جو سوال آهي ته مون لاءِ ته هڪ سٽ لکڻ به ڏاڍي ڏکي آهي. اتي اويس جي هي ڪاوش ڏاڍي سُٺي اهي. وڏن شاعرن کان اصلاح به ڪرائي اٿس. اويس جي فڪر ۾ بغاوت به ملي ٿي ته ماري ڪردارن لاءِ ڀرپور نفرت به، جيڪا ڳالهه سماج جي تبديلي جي فڪر جي عڪاس آهي.

سنڌ جو سرواڻ آ سرمست،
موج سندو مهراڻ آ سرمست.
*-*-*
سنڌ مٿان پروان هيو راشد مورائي،
محبتون ونڊڻ ۾ مهان هيو راشد مورائي.
جيڪڏهن ائين چئجي ته علم سماج جي تبديلي جو درس ڏيئي ٿو ته پوءِ اسان ان ڳالهه چوڻ ۾ حق بجائب هونداسين ته اويس ترقي پسند تبديلي جو علمبردار آهي، اويس وٽ سڀئي باغي ڪردار علامتون آهن. جنهن پنهنجي دؤر Status quo رسم ۽ رواج ۽ ظلم سان ٽڪر کاڌو. اڄ جي دؤر ۾ انهن ڪردارن ۽ ڪرڀ جهڙن ماڻهن کان شديد نفرت ۽ انهن جي ڪُلي انڪار جي ضرورت آهي.
اسان وٽ اهڙي روايت سان ادب گهٽ سرجي ٿو. اويس وٽ اها روايت ڏاڍي صحتمند آهي. آئون هن کي غزل جهڙي نفيس موضوع تي لکندي هي سڀ ڳالهيون لکي وڃڻ تي آفرين ٿو پيش ڪريان. احساس ۽ سونهن تي به زبردست لکيو اٿس، درد تي به گهرو لکيو اٿس، اويس واقعي احساسن جو شاعر آهي. زمان ۽ مڪان جا معاملا به ڏاڍا خوب نڀايا اٿس. ٻولي به ڏاڍي سهڻي استعمال ڪئي اٿس. باقي ڀَلي ڀَلي جو ڇيهه ڪونهي. اهڙي طرح سڀئي دوست هڪجهڙا غزل پسند ڪو نه ڪندا، هر ماڻهو پنهنجن سوچن سان مطابقت رکندڙ غزل پسند ڪندو. اهڙي طرح منهنجي به پسند آهي، ڪِن غزلن کي مون وڌيڪ پسند ڪيو آهي.
تو سان پيچ پيار جا منهنجا پختا آهن پيارا،
نيڻ توکي ڏسڻ جي لئه آتا آهن پيارا.
*-*-*
سونهن ۽ سچ جو سردار آ سهڻو سچل،
هر پانڌيئڙي جي روح جو قرار آ سهڻو سچل.
*-*-*

خوشبوءِ تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،
روح ٽنگيل ئي رهيو ڏسڻ جي آس ۾.
*-*-*
راهه ۾ هلندي رستا ڳالهائن ٿا،
پيار پنهنجي جا قصا ڳالهائن ٿا.
*-*-*
تڙيو آدم بهشت مان، آدم جو خدا حافظ،
ملي دل، دل سان آهي، ماتم جو خدا حافظ.
*-*-*
رات جو پويون پهر تنهنجي جدائي ۾ ڪيم جاڳ اِلا،
ساري رات هئي آڪاس ۾ چندرگفَايو ماجي آڳ الا.

هو سونهان ڪين ڪي هئا، رڻ ۾ رُليا ساري رات،
مڌپي ايڏو مست ٿيا جو وسري وَيُنِ ماڳ الا.

جهاڳي جهاڳيندي آئي هن جيون ۾ زندگي پوري،
ڪيترائي سمونڊ اُڪاري زندگي اُجهاڳ اَلا.

نيٺ ته وڃي پهتس مان ڪلالن جي ڪوءِ ۾،
تڙپي تڙپي وڃي پهتا منهنجا ڀاڳ اَلا.
*-*-*

هن چيو ته ڏاڍو ڪو رولاڪ آهين،
چيائين وري منهنجي عشق ۾ بي باڪ آهين.
*-*-*

تو منهنجي زندگي اجاڙي آهي صنم،
تو ڪهڙي ڳالهه دل ۾ تاڙي آهي صنم.

هن دلِ نادان کي تو ستايو آ ڏاڍو،
رقيبن اڳيان منهنجي دل تو ساڙي آهي صنم.
*-*-*
سهڻو اچي اڱڻ سرهاڻ ڇو نه ڪجي،
سڄڻ جي سونهن جي واکاڻ ڇو نه ڪجي.
*-*-*
سدائين ساٿ تنهنجو ۽ حوصلو گهرجي،
تنهنجو مونکي پرڪشش سلسلو گهرجي.
*-*-*
سورن جي انبارن سان جنگ جوٽي رکڻي آ،
ڊوڙي ڊڪي هي زندگي به ڪٽڻي آ.
*-*-*
پرين تو سان منهنجو پيار پڪو آ ستارن کان پڇجانءِ،
ڪندو توکي سدائين پيار آهيان لال ليارن کان پڇجانءِ.
*-*-*
اچي هو جڏهن اڱڻ تي تنهنجي،
پيار جي آجيان ڪرڻ آهي زندگي.
*-*-*
هاڻي هي خوبصورت ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. مون وٽ Appreciation لاءِ ڦوٽو ڪاپي جي صورت پهتي. اوهان لاءِ هِن ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. جيڪو اوهان جي توجهه ۽ وقت لهڻي ٿو. شاعر کي اهو ئي ڪجهه گهربو آهي. بهرحال مان پنهنجي لکڻي جي باري ۾ ايترو چوندس ته جيئن شيخ سعدي جي ڪتاب ”گلستان سعدي“ ۾ هڪڙي حڪايت آهي ته تجربو پرکڻ لاءِ هڪ بادشاهه پنهنجي تير اندازن کي گهرايو ۽ پري هڪ ڇلو رکي ان جي وينڊ ۾ تير ٽپائڻ لاءِ چيو. سڀئي تير انداز ناڪام ٿي ويا. نشان باريڪ ۽ پري هو. هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو جيڪو پاسي واري عمارت تي لغر اڏائڻ لاءِ آيو هُيو ۽ هُن جي بغل ۾ ٻاراڻي ڪماڻ هئي. هُن نشان وٺي تير اڇلايو ۽ اهو تير ڇلي جي وينڊ مان ٽپي ويو.
بادشاهه ان ڇوڪري لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو. جڏهن ته ان ڇوڪري جي پيءُ پُٽ کي هدايت ڪئي. هُن ڇوڪري اها ڪماڻ ڀڃي ڇڏي ۽ آئنده اهڙو ڪو به ڪم نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو.

ساجد علي ”ساجد“
ميهڙ