مور ماڻهو
شاعر پنهنجي پر ۾ ڪجهه نئون ۽ بهتر ڪرڻ جي عشق ۾ رڌل رهي ٿو. شعور جي مٿانهين منزل به انسان تي ڪجهه مٿانهيون ذميواريون رکندي آهي. جن کي ماڻهو پنهنجي هاڪاري عمل ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏي ويندا آهن. جن کي نسلن جا نسل ياد ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي عملي ڪردار ذريعي ٻين لاءِ نوان دڳ ۽ نيون راهون هموار ڪري پنهنجا حوصلا هماليه جيان بلند رکندي اڳتي وڌي بهادري ۽ بي خوفائي سان پنهنجو فرض قرض سمجهي ادا ڪري پاڻ مڃرائي وٺندا آهن.
سنڌ ڌرتي جيڪا نهايت فضيلتن ۽ برڪتن واري ڀونءِ رهي آهي. تنهن مان ڪيترائي هيرا پيدا ٿيا آهن. جيڪي پنهنجي عملي ڪردار سان تاريخ جا حصا بڻجي ويا آهن. اهڙن ماڻهن منجهان محترم اويس قرني به هڪ آهي. هي صاحب پنهنجي هڪ سوچ جو نالو ۽ سنهيو آهي. هن ۾ محبت جو سڏ، سمجهه، سونهن، سنسار، صدا، ساڃاهه، پيار محبت جو سرسري جائزو سراسر سچ آهي. جنهن محبت تي افضل ۽ احسن انداز سان اپٽا رڪئي آهي. جيڪا علم ۽ پيار سان والهانه محبت آهي.
سهڻي شاعري ۾ خوبصورت لفظ سمائڻ ئي سندس مهارت آهي. جيڪي ايندڙ ڊگهي عرصي تائين سندس شاعري ۾ پويل خوبصورت لفظ پنهنجي سونهن وڌائيندا رهندا. اويس قرني صاحب پنهنجي ذاتي زندگي ۾ جيترو مشڪل پسند آهي ته وري ايترو سهل پسند پڻ سندس اسلوب سادو ڪنهن به تڪلف کان آجو، نرالو، يگانو، آزاد ۽ گفتگو جو انداز نرالو. اهڙي خاصيت ڪنهن حقيقت پسند ۽ سيڪيولر ذهن جي عڪاسي ڪري ٿي.
سندس هر شاعري منجهان طبيعت جي نواڻ پسنديءَ جو نمونو نظر اچي ٿو. هن جي شاعري ۾ اجائي ورجاءَ ۽ بي مقصد لفظن يا سٽن جو نالو نشان ئي نٿو ملي. هن جي اندر اڇل لفظن کي زندگي ڏئي ٿي. غور سان پڙهڻ وقت سندس شاعري جي لفظن مان مشڪ ۽ گلاب جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي.
ڪنهن به سٺي شاعر جي خوبين ۾ مشاهدي جي گهرائي جي خوبي وڏي اهميت رکي ٿي. جيڪا هن شعري مجموعي ”وفا جي رڻ“ ۾ موجود آهي. شاعر جو مشاهدو جيترو تيز تر ۽ گهرو هوندو ته اهو پنهنجي شاعري ۾ اوترو ئي گهرا عڪس چٽي سگهندو آهي. هڪ تيز فهم ۽ اجري اک واري، شاعر جو ذهن فطرت جي هر عڪس ۽ اولڙي کي محفوظ ڪري ٿو. هونءُ به هر ماڻهو جو ذهن وهندڙ پاڻيءَ مثل هوندو آهي. پر عام ماڻهو شين، حالتن ۽ محسوسيات کي ائين نٿو ڏسي يا محفوظ ڪري جيئن هڪ شاعر يا مصور پرکي ۽ پروڙي ٿو. شاعر جي اظهار جي سگهه الڳ نموني جي هوندي آهي. جيئن ته فطرت جي حقيقت هر ماڻهو ائين بيان نه ڪري سگهندو آهي جيئن ڪو سگهارو شاعر. ڇو ته شاعر وٽ مشاهدو ۽ شاعراڻو ڏانءُ گڏجي ٿو ته لفظن ۾ اهڙا عڪس ۽ احساس شامل ٿي وڃن ٿا جو اهي هر پڙهندڙ کي ڏاڍا پيارا لڳن ٿا. اويس وٽ به اها مشاهدي جي سگهه ۽ قوت آهي جنهن ڪري ان جي شاعري ۾ عڪسيت جا عجيب جهان نظر اچن ٿا.
هر شاعر وٽ سونهن، محبوبيت ۽ محويت جي حوالي سان خيالن جي تال ميل جدا جدا هوندي آهي. ان حوالي سان اسان جو دوست روايتي انداز ۾ معصوميت جي احساس کي سڏڪندي بيان ڪيو آهي. سندس شعاريءَ جي هر پهلو پاسي کي ائين چٽو ۽ پڌرو ڪري پيش ڪيو آهي. جيئن سج جي اُجري روشني ڪندي آهي. جيڪو پڙهندڙ کي سولو ۽ سرل محسوس ٿئي ٿو. اڄ جي هن نئين دؤر ۾ جڏهن ھيءَ دنيامحبتن، ۽ منافقتن سان ڀرجي وئي آهي. تڏهن اهي ئي مور ماڻهو آهن جيڪي ويسر جي وَرِ چرهي ويل ماڻهن جي ڪٿائن کي ورنائن ٿا.
عباس علي ڪنڀر
ميهڙ