محبوبن جا ڇال ڇڇڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين،
دلبرن جا دلين ۾ الڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
اسين ته هنن جا ازل کان ئي آهيون عاشق،
حسينن جي پيرن جا چمڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
هوءَ جڏهن ڪارا واسينگ زلف ڇوڙي ٿي،
سڄڻ جي ٽِلڻ جا جهٽڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
هُن جون يادون دل کي نهوڙي ڇڏن ٿيون،
منهنجي روئڻ جا اُجهڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
هُو ڪاوڙ ۾ ائين لڳندو آ ڄڻ ڪو اوٿر،
پرينءَ جا ڪاوڙ مان دڙڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
جڏهن پيرن ۾ جهانجهر پائي هلندي آ،
محبوب جي جهانجهر جا ڇمڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
سندس يادون دل کي تڙپائن ٿيون پيون،
پيار جون ساروڻيون سُڏڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
دل چوندي آ محبوبن جا پيرا لڪايان،
مگر ڪوشش ڪندي به ليڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
پرين چپڙن ۾ الائجي ڇاڇا چوندو آهي،
حسينن جا يار اهي ڀڻڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
هو ڪاوڙ ۾ جڏهن هوندو آ، آئون ٽريو وڃان،
سڄڻ جا پاڻ کي ڌڌڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.
”قرني“ ڇو ٿو اوڇنگارون ڏئي تُون روئين،
”هاڻي يار سڏڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.“