طويل غزل
تو سان جيئن مون اک ملائي،
پنهنجي عُمر سڄي مهڪائي.
تو سان پيار ڪيان ٿو آئون،
دنيا کي مون ڳالهه ٻُڌائي.
مون کي پَڪ آ، تون به سچي آن،
مون وٽ تولئه ڪا نه ٻيائي.
تو نه ڪڏهن مون کي موٽايو،
جڏهن جڏهن مون واڳ ورائي.
مون کي سُڌِ هُئي مون وٽ ايندين،
مون لئه آ، راهه سجائي.
تون سُهڻن کان سُهڻو آهين،
تو آڏو دنيا شرمائي.
تو وٽ پياس کڻي آيس مان،
۽ تو منهنجي پياس مِٽائي.
تنهنجي سونهن جو عاشق آهيان،
تنهنجي روپ ۾ آهه سُهائي.
مون کي تنهنجو درشن گهرُجي،
تنهنجي ديد جو مان سودائي.
جڳ سان مون تو ڪاڻ ڦٽايو،
پر تو مون سان ڪانه رهائي.
مان عاشق معشوق تون منهنجو،
مون سان ڇڏ تون هاڻ پڪائي.
ڇڏ هاڻي تون مون سان ماڻا،
مونکي آهي تانگهه سوائي.
ڪيڏو ڏور کان آيو آهيان،
مون سان تو نه رهاڻ رچائي.
ماڻهو پاڳل ڪوٺن مون کي،
مون تو لئه پهچان وڃائي.
سون برابر توکي توريان،
تو لئه سون جي نَٿَ گهڙائي.
ايڏي ڪاوڙ ڪانه چڱي آ،
رَس ۾ ڪيڏي آهه چڱائي.
آءُ ته هَلون ٿا ڪارونجهر تي،
جاٿي روپي جي رعنائي.
تنهنجي ٽور تي مور نچي ٿو،
توتي بادل ٽِڪَ ٽِڪائي.
تو مون کي آ، مَڌُ پياريو،
مون توکي مُنڊي پارائي.
پياڪَنِ کان وِکَ ڪا نه پُڳي پَئي،
رِندن جي ٿي هُئي رُسوائي.
رَقاصه جا ناٽ ۽ نَخِرا،
ڇم ڇم، ڇم ڇم ڇير ڇمڪائي.
ٿر جا مور اُڃارا آهن،
ٿي وئي آهي ٺوٺُ ترائي.
ووڙيان ٿو جهر جهنگ جبل مان،
چنڊ تارن ۾ ديد ٽِڪائي.
تو وَٽِ پُهتس تاسو پياسو،
تو ڇو منهنجي دل ٺڪرائي.
ڪو نه حُسن تي بانور سُونهين،
تو ڇو منهنجي ننڊ ڦٽائي.
ايڏو ڏک نه ڏي تون مون کي،
مون آ، تو ۾ آس لڳائي.
وک وک مون تو ساڻ وفا ڪئي،
پر تو مون سان ڪانه رهائي.
تنهنجي کلڻ سان گل ٽڙن ٿا،
تنهنجي وائي ڀؤنرن ڳائي.
ڪاوا ڪاوا منهنجا رستا،
ماڻهن منهنجي راهه رَنڊائي.
ڪنهن کي دانهن ڏيان دنيا جي،
جنهن ڪئي منهنجي غرق ڪهائي.
بي علمن سان بحث اجايو،
بي عقلن تي خار اجائي.
ڪيڏيون آزيون نيازيون ڪَن هُو،
پر نه اُنهن ۾ آهه سچائي.
منهنجي منٿ کڻي مَڃُ پيارا،
هاڻ ڦِٽي ڪر تون ارڏائي.
ڪين پري ڪر پاڻ کان مون کي،
هڪڙي رات رَهڻ ڏي ڪائي.
دل نه پَلي وَڃُ مون کان پنهنجي،
منهنجي سِڪَ کي ڪر نه توائي.
تنهنجو عاشق آئون اَزل کان،
تو سان منهنجي آهه سچائي.
مسڪينن کي ڪر نه ڪُهڻ جي،
رَکُ پيارن تي مِهر سوائي.
تنهنجو پيار مليو ڊؤُ ٿي ويو،
سالن جي تو بُکَ لَهائي.
پُر پيالو پيار جو پيتم،
پيارن منهنجي اُڃ اُجهائي.
تو جو مون ڏي هَٿُ وڌايو،
مون ڀي تو ڏي دل سِرڪائي.
ميرو ناهي پيار اسان جو،
ميري ناهي پنهنجي وائي.
پاڻ ٿياسين هڪ سَدا لئه،
ڏک ڏهجن کان جان ڇڏائي.
ٻيڙي تي درياهه ڪناري،
ڇولي ڇولي ڏي واڌائي.
آءٌ حُسن سر ڪار جي آڏو،
پنهنجي آهي سيس نِوائي.
تنهنجي خاطر سڀ سان جهيڙا،
تنهنجي خاطر خلق کِلائي.
دَر دَر آئون وتان ٿو ڦرندو،
رانجهو بڻجي بين وڄائي.
دل جو حاتم طائي آهيان،
چاهي کيسي منجهه نه پائي.
مون کي توسان ڪانه شڪايت،
سڪ آ منهنجي کل لَهائي.
منهنجا دشمن توکي پيارا،
اندر ۾ تو آڳ لڳائي.
تنهنجا انگل آر کڻان مان،
تو لئه مون ست مار کڻائي.
چند لِڪي ويو ڪڪرن پويان،
تو ماٿِي بديا چمڪائي.
وار نه ها، ڄڻ ڪاريهر ها،
ڦَڻِ ڦَڻِ تي تو ڦڻي ورائي.
اَبرو ها يا تلوارون ها،
آهه غريان قهر خدائي.
پيار ڏئي دل مٽبي ناهي،
ڇو مون کان تو نظر ڦيرائي.
تنهنجي مون کي ڪانه خبر آ،
مون وٽ تو لئه ناهه ٻيائي.
بُتَ ۾ رَهي سُور ٿو هر دم،
عشق ويو آ، جوڀن کائي.
مستن سان ليکا نه ڪبا هِن،
مستن جي ڪنهن دل نه رنجائي.
تنهنجي رشتيدارن مون کي،
آهه ڪيو اڄ يار توائي.
تنهنجو مٺ گهرو مان ناهيان،
تنهنجو آهيان آئون ثنائي.
مون کي روڳ ۽ سوڳ نه ڏي تون،
عشق آ منهنجي تند تپائي.
آءٌ نه ڄڻان دنيا داري،
عشق کان مونکي واند نه ڪائي.
تنهنجي قُرب ڪَڙي ۾ آهيان،
تو پنهنجي هر ڳالهه مڃائي.
ايڏو ضِدُ چڱو ڪو ناهي،
تنهنجي هوڏ اَٿم دل گهائي.
تو بن منهنجو جيئڻ ڪهڙو،
ماريندي مونکي تنهائي.
ٽوڙ نه منهنجون خوشيون مٺڙا،
تو سان منهنجي آ، سرهائي.
منهنجون مستيون هاڻ مري ويون،
منهنجي ميس اٿئي مارائي.
پنهنجو واعدو پاڙ سِگهو تون،
ڏک کان ڀايان آءٌ رِهائي.
تو سان عشق جو ڍارو اُڇلي،
مون آ، پنهنجي جان وڃائي.
تنهنجي مرڪن ٽهڪن گڏجي،
منهنجي آهي جوت ٻڌائي.
او! دليون چورائڻ وارا،
تو آ منهنجي دل چورائي.
ڪهڙو شاعر ميڙ منجانءِ
موري جو راشد مورائي.
استاد، بشير، نواز سڃاڻين،
صحرائي، پيرل سيتائي.
آءُ ته چنڊ سان ڳالهيون ڪريون،
ڪنهن تارن سان عيد ملهائي.
تون جي ايندين منهنجي اڱڻ تي،
ڀائيندس مان تنهنجي ڀلائي.
جي تو قول نه پاڙيو پنهنجو،
چوندس تو ۾ آهي ڪُپائي.
اڄ مان ڏاڍو خوش خوش آهيان،
تو آ، منهنجي دل پرڀائي.
اهڙن نيڻن جا ڳُڻ ڳايان،
جن ۾ هوندي آ، لالائي.
مان چاهيان ٿو پل نه پري ٿي،
مون کي ماريندي آ، جدائي.
آءٌ ثناگر تنهنجو هڪڙو،
هڪڙو تنهنجو مان سودائي.
پيارن سان هي لاپرواهي،
ايڏي ٺهندي ناهه پڪائي.
صبر جو ڦر مِٺو ٿيندو آ،
محنت جي سڀ آهه ڪمائي.
اڄ جو آءٌ نشانبر آهيان،
منهنجي پيار جي آهه چٽائي.
منهنجي دروازي آئين تون،
منهنجي آ، تو عزت وڌائي.
منهنجي سَهڻ کان ها جي ڳورا،
سُورن کان تو جان ڇڏائي.
آءٌ چمي دل جي دفتر ۾،
تنهنجي آ، هر ڳالهه هنڊائي.
توڏي ڏوهه نه منهنجو آهي،
مون ۾ ڪائي هئي اُڻائي.
آهي ڌڪ لڳو ڪاپاري،
ڪاري چوٽ هان ويٺو کائي.
جنڊي جي کٽ ورتي هُن لئه،
ٽُڪ جي رلي آهه سِبائي.
مَس پرتو آ، منهنجو جاني،
مَس هُن دل منهنجي ريجهائي.
مَس هُن منهنجي ڳالهه مڃي آ،
مَس ڇڏي هُن آهه رُکائي.
گُفتن مان اڄ گل جَهڙن ٿا،
کير ۾ جهڙو کنڊ مٺائي.
مون کي تنهنجي مرڪ جو سَنهن آ،
تو سان منهنجي آهه سچائي.
لکيا جيڪي شعر مون توتي،
تن ۾ ڪائي ناهه ڪچائي.
جيڏا وات ها اوڏيون ڳالهيون،
جن تي ڪئي ڪَن ڍار نه ڪائي.
سارا ڏوهه قبول ڪيان ٿو،
ڪهڙي ڪريان پيش صفائي.
لوڪ جا طعنا تُنڪا سَهبا،
لوڪ جي فطرت آهه اِهائي.
هُن جا ڳُڻ ڳائيندو رهندس،
هُن هر پَل مون ساڻ رهائي.
مان هان وهم سوڙيل ماڻهو،
وهمن کان هُن جان ڇڏائي.
دل ۾ هن مهراڻ جون اُٿلهون،
پيار اسان جو موج دريائي.
پاڻ کي ڇا مان ڇاٿي سَمجهيو،
نظر اسان جي چِتَ وڃائي.
رقاصه جا پير ها قابُو،
پيرن ۾ هئي ڇير ڇمڪائي.
کاڌل هان کَپُرن جو اڳ ئي،
ڇڏيو آهي زهر وڄائي،
کُوريءَ ۾ هَڏُ ماس سَڙي پيو،
ڪنهن نه آ، اهڙي باهه دکائي.
آهن هاڻي ڦول ڦولاريا،
باغ ۾ ڏسجن ٿا باغائي.
تنهنجي اک اِشاري منهنجي،
نانگ جيان آ، ديد نچائي.
تنهنجو روپ نيارو جڳ کان،
جڳ کان تنهنجي سونهن سوائي.
توبن جيون دوزخ جهڙو،
بهشت آ، تنهنجي ٻک ۾ جائي.
تنهنجا خواب ڏسڻ ٿو چاهيان،
تنهنجي يادن ننڊ ڦٽائي.
چاهت ڪَٿَ کان ٻاهر منهنجي،
ٽوين ڪاسن، ڪانه ڀرائي.
منهنجو مول متو هي آهي،
مون وٽ ڪنهن لئه ناهه ٻيائي.
”قرني“ اويس هي سُورن ماريو،
پنهنجي دل هن پاڻ جلائي.