شاعري

وفا جي رِڻ ۾

اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ۽ ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 1918
  • 656
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اويس قرني
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Wafa Jy Ren Mein

پنهنجي پاران

وقت انسان جو حقيقي استاد آهي. وقت پنهنجي وهڪري ۾ گهڻو ڪجهه سيکاري ويندو آهي جنهن ۾ احساس، انسانيت، خلوص، محبت، همدردي، حياءُ داري، جان نثاري، تعبيداري ۽ تلقين جهڙا بيشمار جذبا آھن، انهن ئي اصولن پٽاندڙ سماج بڻجي ٿو. ادب سماج جو آئينو ٿيندو آهي. اديب، عالم ۽ شاعر قومن جا اهي ڏاها آهن، جيڪي پنهنجي قلم ذريعي سماجي جيوت جي هر رخ کي گهرائيءَ سان پرکي پروڙي حساس دل ۽ فڪر جي نظر مان عام جي اڳيان آڻين ٿا.
شاعر جذبات ۽ احساسات جي اڻ ڏٺي ۽ اڻ ڪٿي دنيا آهي، جيڪو پنهنجي فني ۽ فڪري اظهار ذريعي بيان ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيڪڏهن وٽن فڪري ۽ فني قوت سچي ۽ سگهاري آهي ته پوءِ سندن قلم سان ازخود هڪ لافاني ادب وجود ۾ اچي وڃي ٿو. شاعري اهڙي دنيا آهي جيڪا رڳو خيالن جي جُوءِ مان پسبي آهي شاعري جذبن جي زبان ٿيندي آهي جيڪا انسان جي جبلتن جي سچاين کي ڏيکاريندي آهي، شاعر ڪنهن به سماج جي چُڀندڙ ڳالهه جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ڪوئي به شاعر پنهنجي فڪري ۽ فطري صلاحيتن کان علاوه مطالعي مشاهدي ۽ ماحول مطابق ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ائين ئي چئجي ته شاعر سماج جو آئينو به آهي ته اثرائتو عڪس چٽيندڙ ڪلاڪار به آهي. شاعر معاشري جو ماهر سرجن به آهي ته سرجڻهار به آهي. جيڪو حقيقت جي چير ڦاڙ ڪري ٿو شاعر زندگيءَ ۾ حسناڪيون تخليق ڪرڻ جي لاءِ حسناڪيون پيدا ڪندو آهي دنيا ۾ جتي ڪا، قوم يا ڪو سماج ظاهر ٿيو ۽ ٻولي سندس اظهار جو ذريعو بڻي تڏهن جيڪابه ساهت جي رچنا ٿي، سُر ۾ هئي. شاعريءَ ۾ جذبي جي سچائي سُرَ عڪس، اهڃاڻ، علامتون، استعارا، تجنيسون ۽ ترڪيبون ٿينديون آهن، جن ۾ حسن ۽ لطافت پيدا ڪندڙ هڪ ڏاهو شاعر ئي ٿيندو آهي.
شاعريءَ جو تعلق لفظن سان آهي، اُھي ئي لفظ آهن، جيڪي مسيحائي به ڪندا آهن ته مرهم به بڻجندا آهن اِهي ئي لفظ آھن، جيڪي شاعر جو سرمايو به ٿيندا آهن. لفظ ئي ٻولي ٺاهيندا آهن ۽ شاعر ئي انهن کي سونهن بخشيندا آهن.
مون به پنهنجي فهم ۽ ”ذڪي نگاهه“ سان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته چئو طرف مايوسي ۽ پريشاني ڏٺي بيزاري نفرت ۽ نفاق ڏٺو اجڙندڙ امن امان ڏٺو هن معاشري ۾ روشن خيال ماڻهن لاءِ قيامت کان گهٽ منظر نه آهي.
مون هِنَ ڪتاب ”وفا جي رڻ ۾“ جو نانءُ تبسم صاحب جي هن غزل کان متاثر ٿي ڪري کنيو آهي.
اڻ واقفن جون وستيون آواز اجنبين جا،
هُر کُر حيات واري امتحان دوستين جا،
”تبسم“ وفا جي رڻ ۾ رلندي عمر گذاري.
(ع.غ. تبسم)
هر هنڌ مڪر فريب جهيڙي ۽ نفرت جا نغارا وڄي رهيا آهن. انهن بابت جيڪي ڪجهه سيني ۾ سمايو سو سڀ ڪتاب جي سٽن ۾ سميٽيو پنهنجي تخليق ۾ اهڙي هڪ سٽ به بنهه نه لکي آهي، جيڪا منهنجي روح جي گهراين مان چيرجي نڪتي نه هجي، ڌرتيءَ سان پيار محبت فطرت سان پيار محبت ۽ آزاد فڪر جي حمايت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آهي. هونءَ به ماڻهن ۾ ذات، پات، فرقي، طبقي، مَسلڪ ۽ عقيدي جي موجودگيءَ کي ڪا به اهميت ڪانهي سڀ انسان برابر آهن، لھر ۽ بحر اصليت هڪ ئي آهي، ان ئي عقيدي تي ايمان هجي ته محبت جو بنياد روحن جي اتحاد تي ٻڌل ڏسبو، هن وقت به ڪيترائي اهڙا املهه انسان موجود آهن، جيڪي محبت پيار سچ ايمانداري انصاف بهادري شرافت شجاعت ۽ ساڃاه جا مجسما آهن. بيشمار نيڪ گُڻن سان انسانيت جو فخر ۽ ماڻهپي جو مان ۽ شان آهن، ڪنهن ڏاهي چواڻي مٺا ٻول زبان جي سونهن، سٺا ٻول ٻڌڻ ڪنن جي سونهن آهن، دليون کٽڻ ۽ ڪنهن کي نه رنجائڻ ئي ماڻهپو آهي، جيئين ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل سان سڃاتو ويندو آهي، اهڙيءَ ئي ريت مون به انسان جي اهميت ۽ فضيلت جي عظيم آدرش جو درس ڏئي پاڻ سڃاڻڻ جو گس ڏنو آهي، ته جيئن ماڻهو جهالت جي دور مان نڪري علم ۽ عرفان جهڙي روشن سوچ ڌاري منزلون ماڻي سوڀارو ٿي سگهي. منهنجي هن ڪتاب ”وفا جي رڻ ۾“ جو مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر، اديب محترم سائين عبدالغفار ”تبسم“ صاحب لکيو آهي ان جو آءٌ ٿورائتو آهيان ۽ منهنجي هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ منهنجي پياري دوست عاشق علي ڪلهوڙو، حڪيم پريم چاندواڻي، ذوالفقار گاڏھي، انيت ڪمار مورپاني، ارشاد علي جويو، سائين پروفيسر عبيدالله لاکير صاحب، عباس علي ڪنڀر، سنتوش ڪمار ۽ سهيل عباسي، ڪامل امداد جتوئي، هدايت بلوچ، ساجد علي ”ساجد“ مدد ڪئي جن، جو پڻ ٿورائتو آهيان ۽ منهنجو هي ڪتاب پنهنجي نظر مان ڪڍي پنهنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

اويس قرني
”سينڌل مهيسرميهڙ“