رات جو پويون پَهر، تنهنجي جدائيءَ ۾ ڪيم جاڳ اَلا،
ساري رات هئي آڪاس ۾ چندرما جي آڳ اَلا.
هُو سونهان ڪين ڪي هئا رڻ ۾ رُليا ساري رات،
مڌ پي ايڏو ته مست ٿيا جو وِسري وين ماڳ الا.
جهاڳي جهاڳيندي آئي هن جيون ۾ زندگي پوري،
ڪيترائي سَمونڊ اُڪاري زندگي اُجهاڳ اَلا.
نيٺ ته وڃي پهتس مان ڪلالن جي ڪُوءِ ۾،
تڙپي تڙپي وڃي پهتا منهنجا آهن ڀاڳ اَلا.
موکي تون نه ماندي ٿيءُ، تو تان رند گهور وڃن،
ڏي امرت اوتي رندن کي ته جاڳن تنهنجا ماڳ الا.
هِن وِلهه ۾ ڇيڙ تون پنهنجا هي سارا سُر،
نيٺ ڀڙڪي اُٿندا تنهنجا هي راڳ اَلا.
سسئيءَ سان ڏيرن ڪيو ههڙو ڌوڪو هڪ رات،
جبل ۾ ڳوليندي رهي پنهنجو سهاڳ اَلا.
”قرني“ منهنجي آسڻ ايندا، رهندا مون وٽ رات،
خوشيون اڱڻ تي اينديون، واري اينديون واڳ اَلا.