سنڌ واسين جو سرواڻ آ، سرمست،
موج سندو مهراڻ آ، سرمست.
سچل سارو سَچُ آ، مٺي اٿس ٻولي،
حقيقت جو اهڃاڻ آ، سرمست.
سندن شاعري مان اچي خوشبو،
سچائيءَ جي سرهاڻ آ، سرمست.
فقيري جي رنگ ۾ ٿا رنڱجن پانڌيئڙا،
سڀن صوفين جو اڳواڻ آ، سرمست.
هفت ٻولي ۽ حافظ قرآن آهي،
هيرن ۽ موتين جي کاڻ آ سرمست.
پنهنجي پانڌيئڙن سان ويهي صحن تي،
ڪندو روح رهاڻ آ، سرمست.
کڻي آس هر سال ايندو آ، ”قرني“،
پڄائيندو هو پاڻ آ، سرمست.
پرين تو سان منهنجو پڪو پيار آ ستارن کان پڇجانءِ،
ڪندو توکي سدائين ياد آهيان مان، لال ليارن کان پڇجانءِ.
جو ڪوئي ڀي توکي ڏَسُ پَتو نه ڏي ته پوءِ منهنجو،
ڪارونجهر جي حَسين سهڻن آبشارن کان پڇجانءِ.
تنهنجو وڃڻ ٿئي ڪڏهن سنڌو درياهه تي،
ته پوءِ سنڌوءَ جي قديم پراڻن، ڪنارن کان پڇجانءِ.
تنهنجي ئي ڪري وتان ٿو هن ڪائنات ۾ رُلندو،
جي پڇين ته منهنجو ڪنهن، ڌرتيءَ جي ريگذارن کان پڇجان.
اگر جي ڏسين تون آسمان تي ڪونجن جو ولر ته پوءِ،
منهنجو انهن ڪونجن جي، تون ڪوڪارن کان پڇجانءِ.
مان ٿر جي ڪا، اوساٽ ته آهيان، او! منهنجا پرين.
منهنجو ٿر جي مارن بي وس ٻارڙن اُڃارن کان پڇجانءِ.
توکي روئندي روئندي، ٿو ياد ڪيان مان او! جاني،
تون منهنجي روئڻ جو حال انهن سِتارن کان پڇجانءِ.
ويٺو هان تنهنجي ئي ڪري مئخاني ۾ مان، اَڄُ،
پرين، منهنجو موکي ۽ مئخاني جي متارن کان پڇجانءِ.
اويس ”قرني“ تنهنجو آ، تنهنجو ئي رهندو سدائين،
پرين منهنجو تون سرنهن جي پيارن ڦولارن کان پڇجانءِ.