منهنجا تاثرات
مون کي الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ هڪ ڪشش محسوس ٿيندي هئي. ننڍپڻ ۾ اڻڏٺل دنيا جون هي اڻٻڌل ۽ اڻ سوچيل ڳالهيون جادو نگريءَ جيان لڳنديون هيون. مون ته اڃا ڪراچيءَ وارو سمنڊ به نه ڏٺو هو.
ذهني پختگيءَ سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ مون کي طلسمي ماحول کان وڌيڪ حقيقت نظر اچڻ لڳي. دلچسپي ٿيڻ لڳي ته ٻين ملڪن جي تاريخي اوسر، جاگرافيائي حالت، رهڻي ڪرڻي. تهذين ۽ تمدن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهان. ان کوجنا ۾ ٻئي ادبي مطالعي سان گڏ الطاف شيخ جا سفرناما به منهنجي ذهني اوسر کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.
الطاف شيخ جا سفرناما پڙهندي مان هميشه ان تجسس ۾ رهيس ته ان سفر ۾ سندس زال ڪٿي آهي؟ هوءَ ان کانسواءِ ڪيئن وقت ٿي گذاري! جي گڏ آهي ته ان سيلاني زندگيءَ کي هوءَ ڪيئن ٿي ڏسي ۽ سفرنامي ۾ ڀلجي به سندس ذڪر الطاف شيخ نه ڪيو آهي. فهميده حسين جي لکيل پيش لفظ مان خبر پئي ته ها ٻيلي ان جو ڪو وجود آهي ته سهي .... وري قمر شهباز جي لکيل پيش لفظ جي هڪ جملي مان خبر پئي ته هو ٻارَ سفر ۾ ساڻ وٺي ويندو آهي.
هڪ مئگزين ۾ پس منظر جي شخصيت جي سلسلي ۾ انٽرويوز ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين مون کي شيخ اياز ۽ الطاف جي گهر وارين جو خيال آيو هو. ڏسجي ته ان پس منظر جي شخصيت سان ڪڏهن ٿي ملاقات ٿئي.
هن وقت اسان وٽ سفرناما ۽ ڪالم لکڻ جي صنف فيشن جو روپ اختيار ڪري وئي آهي. اڳي اسان هروڀرو اهو سمجهندا هئاسين ته سفرنامو لکڻ لاءِ سرحد پار ڪرڻ ضروري آهي. اڄڪلهه ته گهر جي چانئٺ ٽپڻ سان ئي سفرنامو لکجي وڃي ٿو. ڪنهن به ادبي محفل يا سيمينار ۾ وڃو، اتي ڪا به عورت توهان کي شڪل ۾ چڱي لڳي ۽ يقيناَ ڪا نه ڪا ته ضرور لڳندي. بس هٿ ڌوئي ان جي پويان لڳو. ڏند ٽيڙي کلو. دوستن سان ان بابت ايئن ڳالهايو ڄڻ ڪڙهائي گوشت جي پيا ڳالهه ڪيو. جي هوءَ توهان سان مرڪي ڳالهائي ته پوءِ هوءَ هڪ آزاد عورت آهي ۽ جي اگنور ڪري ته پوءِ هوءَ بي حس بي نياز آهي. ٻيو ڀيرو هن جي شهر ۾ وڃي سندس در جي خاڪ چپٽي نشاني طور کڻي اچجو. ان بابت به چڱا پنا ڪارا ڪري سگهجن ٿا.
ڇاڪاڻ ته توهان اديب آهيو، ان ڪري توهان جي هر ڳالهه وڏي آهي. توهان کي يا توهان جي دوستن کي نڇ اچي يا اوٻاسي ٿي اچي ته ضرور لکو، جو توهان جي هر چرپر تاريخ جو حصو ۽ سنڌي ادب جو جياپو آهي سو اسين پنهنجن ڪيترن مشهور اديبن جا اهڙا ڇسا ۽ هلڪڙائپ واري سوچ تي ٻڌل سفرناما پڙهون ٿا. جن ۾ هر هنڌ عورت هن کي هڪ ڊش وانگر لڳي ٿي ۽ هو ان جي ذائقي جو تصور ڪندي چاٻا ڏيندي، سفرنامو لکي ٿو. هڪ اديب جڏهن آمريڪا وڃي ٿو، صبح جو هوٽل جي ڪمري جو پڙدو هٽائي ڏسي ٿو ته عورتن کي سئمنگ ڪندي ڏسي، سندس عقل دنگ رهجي ٿو وڃي. انهن جون گلابي سٿرون، اسان جي شاعرن جي ذهن ۾ لطيف جذبا پيدا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هو لکت ۾ آڻي اسان کي ان ڪري ٻڌائي ٿو ته جيئن اسان به سندس جمالياتي ذوق مان لاڀ حاصل ڪري سگهون.
الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ عورتن متعلق سندس اهڙا خيال نه پڙهي، عورتن کي اگهاڙو نچندي ڏسي به سندس اندر ۾ جمالياتي ذوق پيدا ٿيندو نه ڏسي- سندس ڪتان جا پيش لفظ لکندڙ اسان جا ليکڪ/ ليکڪائون الطاف شيخ جي ذهني حالت بابت شڪ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. چون ٿا ته “هو پنهنجي بابت ڳالهه سچي نه ٿو ڪري”، “جهاز ۾ گهڙڻ شرط شرافت جي ٽوپي پائي ٿو ڇڏي”، ڪلب ۾ گهڙندي يا عورت جو ذڪر ايندي، ڳالهه ئي بدلائي ٿو ڇڏي، وغيره. الطاف شيخ جا جيترا سفرناما مان پڙهي سگهي آهيان ته کيس ذاتي طور نه سڃاڻندي به سندس باري ۾ اهو اندازو لڳائي سگهي آهيان ته جهڙي طرح اسان جي سماج جون ڪي ڪي عورتون سيڪس جي معاملن ۾ ائبنارمل ٿين ٿيون ته اتي ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي مرد الطاف شيخ وانگر نارمل به ٿين ٿا. هو عورت کي پنهنجي وندر جو ڪو رانديڪو سمجهي مزو وٺڻ بدران ان عورت جي سماجي ڍانچي مطابق سندس نفسياتي جائزو پيش ڪندي، انهيءَ ملڪ جي قائدن قانونن ۽ ريتن رسمن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو.
الطاف شيخ هن سفرنامي ۾ “ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن” ۾ ڪڙيون ۽ سچيون حقيقتون کڻي اسان اڳيان آنديون آهن. هن ڀيري کلائيندي کلائيندي اسان کي روئاري به ڇڏيو اٿائين- ذهني طور جهنجهوڙڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿائين.
ايشيا جي غريب ملڪن لاءِ يورپ وارن وٽ جيڪا مت ڀيد ۽ ڌڪار آهي – اها ڳالهه انهن کي وڌيڪ دل سان لڳندي جيڪي ڪجهه عرصو ٻاهر رهي آيا آهن- جيڪي ٻاهر وڃڻ جا خواب ڏسن ٿا ته انهن جي ذهن ۾ ناگوار تاثر اڀرندو.
پاڪستان جي ماڻهن جو ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڻ کي ۽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ شرمندگي جي ڳالهه آهي، پر اسين ڪيستائين شرمندا ٿينداسين. اسان جو ايندڙ نسل پڻ ان ماحول ۾ اک کولي ٿو. جتي سياست ڪڪڙن جي ويڙهه يا گهوڙن جي ڊوڙ وانگر آهي. گولين وسڻ جي مند ٻارهن مهينا ٿي آهي. ان حال ۾ ڪير مري وڃي ته حادثو ۽ بچي پئي ته معجزو آهي. تعليم اسان وٽ چواٽي تي بيٺل ٻير جو وڻ آهي، جنهن کي جيتريون “ڊگريون” وڻن وڃي پٽي جهول ڀري. هر فرد چئي ٿو ته پنهنجي سِـرَ تان مٿي سج اڀري يا نه اڀري. الطاف شيخ ۽ عبدالحميد قاضي، برازيل ۽ گئاٽا مالا جي دوستن اڳيان پنهنجي ملڪ جا رپيا، جن تي پان جا ڳاڙها نشان لڳل آهن، ڏيکاريندي شرمندا ٿا ٿين، پر اسان جي شهرن جا روڊ ۽ رستا جيڪي روز رت سان ڳاڙها لڳا پيا آهن اهي دنيا اڳيان ڪيترو لڪندا.
الطاف شيخ ۽ محمد علي ڏيپلائيءَ سان ڊئنمارڪ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه اسان جي تمام گهڻن ماڻهن کي پسند نه ايندي. جي اسان کي اهي سموريون ڳالهيون سمجهه ۾ اچي وڃن ته سمورا سياستدان واندا ٿي وڃي گهر ويهي رهن ۽ اديبن کي ڪالم لکڻ لاءِ مواد ڳوليو نه لڀي. سندن پڙهندڙ تمام ٿورا رهجي وڃن – اخبارن جو وڪرو گهٽ ٿي وڃي. ڪيسٽي شاعرن ۽ ڳائڻن جو ڌنڌو بند ٿي وڃي- اسان جو سماج پاڻ پڻي جي ان ٿنڀ جي ٽيڪ تي ٻيٺو آهي- جهڙي طرح مسلمان کي اها پڪ آهي ته ڪلمي پڙهڻ جي ڪري نيٺ هو بخشيو ويندو ۽ جنت ۾ ويندو. سو اسان سنڌين کي به اها پڪ آهي ته موهن جي دڙي جي عظيم الشان تهذيب سبب اسين بس هر حال ۾ هميشه هڪ عظيم قوم آهيون – هن ڳالهه ٻولهه کي الطاف شيخ جيئن جو تيئن پيش ڪيو آهي، ان ڪري ٻٽا لفظ ۽ گرامر جون غلطيون نظر اچن ٿيون.
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي ڏنل معلومات ۽ پنهنجي سماج جي ٻين ملڪن جي سماج سان ڀيٽ ۽ حقيقت تي ٻڌل تجزيو خاص طرح اسان جي نئين ٽهي ۽ شاگردن لاءِ نهايت اهم آهي. هي سفرنامو به اڳين سفرنامن جيان سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو۽ ممڪن آهي ته اسان جي نوجوان نسل جي ذهن ۾ مثبت سوچ جا ڪي ڪرڻا اڀارڻ ۾ به ڪامياب وڃي.
عطيه دائود