پاڪستانين سان مقابلو نٿا ڪري سگهون
هي ٻئي “شام” ملڪ جي شهر “دمشق” جا آهن. عربيءَ کان علاوه انگريزي پڻ اچين ٿي پر جيئن ته اسان ۾ عربي ڳالهائڻ وارو مبارڪ موجود آهي، ان ڪري هنن کي مبارڪ سان پنهنجي مادري زبان ڳالهائيندي مزو اچي ٿو. هر وقت مبارڪ جو پڇندا رهن ٿا پر پوءِ جڏهن هو نٿو ملين ته اسان سان به ڳالهائڻ لاءِ آتا هوندا آهن. پاڻ واپار جي سلسلي ۾ آيل آهن پر منجهن اها واپارين واري هوشياري ۽ تيزائي نه آهي. هن پاسي جي ملڪن ۾ پهرين به اچي چڪا آهن، پر فنلئنڊ جي هن شهر Helsinki ۾ سندن هي پهريون دفعو آهي.
پاڻ پراڻين يا رد ٿيل ڊيزل انجڻين جي ڳولا ۾ آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ موڪلي اتي انهن کي ٿورو گهڻو صحيحڪري پوءِ وڪڻندا.
“انهن جي خريداري ڪيئن ڪريو؟” مون پڇيو مان.
“هتي بئنڪ اڪائونٽ کولي پئسا ان ۾ گهرايا اٿئون. روز لک سوا کيسي ۾ وجهي سودي لاءِ نڪرندا آهيون. پوءِ جنڪ-يارڊ، موٽر گئراجون، فئڪٽريون جتي خبر پوندي آهي اتي پهچي ويندا آهيون. اتي جو اتي سودو طئي ڪري پئسا ڏيندا آهيون. آئون ڏيتي ليتي، امپورٽ ايڪسپورٽ جي طريقن ۽ قانون کان واقف آهيان ۽ هي منهنجو پارٽنر انجڻين سڃاڻڻ جو ماهر آهي. هو جانچي ڏسندو آهي ته آيا سٺي ڪنڊيشن ۾ آهي يا نه. مرمت بعد وڪڻڻ تي چار پئسا بچائي ڏيندي يا نه. هيستائين ڏيڍ ڪنٽينر جيترو مال گڏ ڪري چڪا آهيون. جيئن ٽن دٻن جيترو مال ٿيندو ته مال موڪلڻ واري ڪمپنيءَ کي چونداسين. جيڪي سڀني هنڌان مال ميڙي ڪنٽينرن ۾ وجهي پاڻي رستي روانو ڪندي.” هنن ٻڌايو.
“ڀلا توهان جي ملڪ شام ۾ امپورٽ ايڪسپورٽ جا طريقا ۽ قاعدا قانون سولا آهن يا مونجهاري وارا-؟” مون پڇيومانس.
“سولا به آهن ته پيچيده به. ڪڏهن ڪڏهن ڪسٽم وارا يا سرڪاري آفيسر اجايو رولڙو به پيدا ڪن ٿا.”
“ههڙي مهانگي ملڪ ۾ هوٽل ۾ رهائش جو خرچ، سامان ڍوئراڻي، هر هڪ ڪنٽينر جو “شام” تائين هڪ هڪ لک رپيا کن ڀاڙو. پنهنجي ملڪ ۾ پهچي ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻ، ان بعد انجڻين کي صحيح ڪرائڻ تي خرچ ۽ Risk ڇا اهو سڀ ڪجهه هوندي به سمجهو ٿا ته فائدو ٿيندانو؟” مون پڇيومان.
بس الله ۾ آسرو آهي. واپار آهي ئي توڪل تي. بزنيس از بزنيس. پنهنجي حساب سان ته پوري ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن هر شيءِ سستي پوي ۽ خرچ گهٽ اچي. اتي پهچي هڪ طرف ٻين دوڪاندارن جي مقابلي ۾ سستي وڪڻجي جيئن مال جو جهٽ نيڪال ٿئي ۽ ٻئي طرف ڪجهه فائدو به ٿئي ته جيئن گاڏي اڳتي هلي سگهي ۽ واپار لاءِ وري نڪري سگهون. الله خير ڪري وڏا نقصان اسان جهڙن سيکڙاٽ واپارين جون چيلهيون ڀڃيو ڇڏين.”
هن کان اڳ هو سبيل ڪپڙن جو واپار ڪندا هئا.
“پر ان ۾ توهانجا پاڪستاني زور آهن،” هنن ٻڌايو، “نه فقط ڪپڙي ۾ پر هر شيءَ ۾! پاڪستانين کي سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندن هم وطن، عزيز، دوست رهن ٿا، جيڪي هنن پاران اڳهين مال ڳولي ٻولائين ٿا. پوءِ پنهنجن کي ان ملڪ ۾ سڏائي خريداري ڪرائين ٿا. پر اسان کي هر شيءِ هتي پهچي پوءِ ڳولڻي ۽ سوچڻي پوي ٿي ته آيا خريد ڪجي يا موٽي وڃجي.”
هنن ٻڌايو ته پاڪستانين ۾ Adoptability به ڏاڍي آهي. هو وڏي توڙي ننڍي هوٽل ۾ رهيو وڃن. دوستن جي گهرن ۾، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پٽ تي به چادر تاڻي سمهيو رهن. کائڻ جي معاملي ۾ به گوشت مليو ته ڇا دال ۽ رٻ ملي ته ڇا. ٺلهي چانهه روٽي يا بک تي به هليو وڃن. ساڳي وقت اس هجي، جهڙ هجي، سيءُ هجي گرمي هجي، گاڏي هجي، پنڌ هجي، هر ڳالهه ۾ پاڪستاني ڪم جو مڙس ماڻهو ۽ عقل وارو آهي.
“ٿي سگهي ٿو پاڪستاني واپار وڙي ۾ انڊين يا چينيءَ کان گهڻو تيز نه هجي پر اسان عربن کان ته هر صورت ۾ مٿي آهي. سادگيءَ ۾ رهڻ ڪري، جنهن کي واپار ۾ Per Head Expenditure چئجي، اهو هنن کي گهٽ پوي ٿو. جڏهن ڪا شيءِ بنهه سستي پوي ته پوءِ ماڻهو بي الڪو رهي ٿو. ٿوري اگهه ۾ وڪامڻ تي به فائدو ٿئي ٿو. دمشق ۾ ڪجهه پاڪستاني همراه چانور، ڪڻڪ ۽ دالين جا واپاري آهن، هو جنهن ريزڪي اگهه ۾ وڪڻن ٿا ان ۾ ته اسانکي ٻڌو مال گهر ۾ به نٿو پوي. نتيجي ۾ اسان هنن جو مقابلو پنهنجي ملڪ ۾ به نٿا ڪري سگهون.”
دمشق ۾ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني هنن جا به سڃاڻا آهن، جن جا هو نالا وٺندا رهيا ٿي. ٻه منهنجا به واقفڪار نڪتا. هڪ کي اتي گئريج آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ اسان وٽ جهازن تي هو ۽ ٻيو عنايت سهاڳ جيڪو ڪنهن زماني ۾ سکر جي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ۾ هو ۽ اسانجي ڳوٺائي، نواب شاهه جي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال حميد شهيد ميمڻ جو ڪليگ هو. هڪ ڪامن سڃاڻو نڪرڻ ڪري نه فقط هنن کي پر مونکي به تعجب لڳو ته هيءَ دنيا ڪيتري ننڍڙي آهي.