هندستان جي پليگ ۽ يورپ
يورپ جا ماڻهو هونءَ ئي اسان ايشيائي ڪارن کان پيا پري ڀڄندا آهن. ڄڻ اسان پاڻ سان خوفناڪ بيماريون کڻيو هلون. بس لاري، ٽرين، توڙي سئنيما ٿيٽر ۾ ڪيترن جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته اسان جي ڀر ۾ نه ويهن، پر لڳي ٿو ته اسان جي اٿي وڃڻ تي به ڪيترا ان جاءِ تي ڪا دير نه ويهندا هوندا ته متان اسان جراثيم ڇڏيا هجن ۽ اها Feeling ائين آهي جيئن اسان وٽ ڪو باگڙي ڪولهي جي ڀر ۾ ويهندي ڪيٻائيندو آهي. يا هن جي ٿانو کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندو آهي. ايشيا جي غريب ملڪن ۽ يورپ جي امير ملڪن جي ماڻهن جو روز بروز ائين حساب ڪتاب ٿيندو وڃي جيئن شودر برهمڻ جو. ۽ ويتر جي هن قسم جي بيماريءَ جو ٻڌن ٿا ته اسان جي منهن تي کڻي نه پر پنهنجي منهن اهو ئي اسان لاءِ چون ٿا ته اسين ڪيترو ته گدلا آهيون. جهنگلي ڪوئن، بيمار ڪتن ۽ مکين مڇرن جو به خاتمو نٿا ڪريون.
اسان جي ملڪن ۾ ڀلي کڻي سوات، هنزا، گلگت جهڙا سهڻا نظارا هجن، اسلام آباد ڪراچي جهڙيون وڏيون عمارتون هجن، باغ بستان، کيت فصل هجن، پر يقين ڪريو ته هن پاسي جڏهن به ڪا پاڪستان، مصر، هندستان، برما جي ٽي ويءَ تي خبر ڏيندا آهن ته اسان جي ملڪن جي شهرن جا گندا علائقا ڏيکاريندا آهن ۽ مکين ۽ چيلاٽن سان ڀريل ڀاڄي ۽ ميوا مارڪيٽون، ڇڙواڳ ۽ ڪوڙهه لڳل ڪتن ۽ ٻلن سان ڀريل مڇي ۽ گوشت مارڪيٽون، گهرن اڳيان ٻارن ۽ ڪتن کي هڪ وقت هنگندو ڏيکاريندا آهن، جيئن دنيا کي اهو احساس ٿئي ته ايشيا خاص ڪري مسلم دنيا جاهل ۽ گندي آهي. اڄڪلهه ته هندستان کي به نه بخشيو پيو وڃي. اتي ڪنهن شهر جي مندر ۾ هزارين ڪوئا آهن جن کي ماڻهو پوڄيندا آهن. اڄڪلهه هر وقت هتي جي ٽي ويءَ تي ان مندر جي ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکاري رهيا آهن ۽ ماڻهن ۽ هزارين ڪوئن کي گڏ گڏ کائيندي، پوڄيندي، چميون ڏيندو ڏسي ماڻهوءَ جي دل خراب ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن به ڏوهه يا خرابيءَ ۾ پاڪستان هجي يا هندستان، ذليل ٻئي ٿين ٿا جو ننڍي کنڊ جي سڀني ماڻهن (بنگالين بهارين کان سنڌي پنجابين) جو هڪ ئي نڪ نقشو آهي.
ائين به نه آهي ته يورپي سڄي قوم ڌارين سان نفرت ئي ڪري ٿي. منجهن ڪيترائي نيڪ ماڻهو ۽ ادارا آهن جيڪي هزارين ميل ڏور رهي به ڌارين جو ڏک درد پنهنجو سمجهن ٿا. انهن لاءِ چندا ۽ دوا درملون گڏ ڪري موڪلي رهيا آهن. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن غريب ۽ مصيبت ماريل حقدارن تائين فارين جي امداد پهچي ٿي يا وچ ۾ کڄيو وڃي. جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏن، خاص ڪري منڇر ۽ دادو ضلعي بابت، جي اين مغل جي ڪالم ۾ هو ته ٻوڏ جي غريب ستايلن جي مڪاني وڏيرا يا ڪامورا پاڻ ته مدد نٿا ڪن پر ايڌي ٽرسٽ جهڙا يا ڌاريا ڪا امداد موڪلين ٿا ته اها به کين نٿا رسائين ۽ ان سلسلي ۾ پهرين به هڪ دفعو ڪيترائي مختيارڪار يا اسسٽنٽ ڪمشنر نوڪرين تان لاٿا ويا هئا، جيڪي غريب ماڻهن لاءِ مليل امدادون انهن کي ڏيڻ بدران پنهنجي گهر کڻي پهتا هئا.
پليگ بابت هتي رهندڙ هڪ ٻن ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان بابت ڪجهه اهم ڳالهيون جيڪي نوٽ ڪري سگهيس هن ريت آهن: انڊيا ۾ جيڪا پليگ هلي رهي آهي اها نمونيائي پليگ سڏجي ٿي. ان جو جراثيم ڪوئي جي چڪ سان انسان جي رت ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اڳتي وڌي ڦڦڙن تائين پهچي ٿو. ڦڦڙ تي اثر ٿيڻ سان مريض کي کنگهه ٿئي ٿي ۽ پوءِ ساهه رستي ٻين تائين پهچي ٿو. ڦڦڙن تي اثر ٿيڻ بعد مريض يڪدم مريو وڃي. هن بيماريءَ ۾ مريض ۾ هي علامتون نظر اچن ٿيون. هن کي بخار، کنگهه ۽ تڪڙا ساهه ٿين ٿا. اگر وقت اندر علاج نٿو ٿئي ته ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ٿڪ ۾ رت اچي ٿو ۽ آخرڪار ڦڦڙ ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين. پليگ جي وچڙندڙ بيماري قدرت طرفان انسان ذات تي عذاب سمجهي وڃي ٿي. سڀ کان پهرين هيءَ بيماري سن 542عيسوي ۾ نازل ٿي هئي. هن بيماريءَ جي سڀ کان پهرين وبا جنهن وسيع علائقي کي متاثر ڪيو، اها عرب کا شروع ٿي مصر تائين پهتي. ٻي وڏي وبا چين کان 1333ع ۾ شروع ٿي ۽ سامونڊي جهازن ذريعي يورپ تائين پهتي. چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري پکڙڻ واري هن بيماريءَ جي وبا سڄي يورپ کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ هيءَ ڪاري موت (Black Death) جي نالي سان مشهور ٿي. ٽين وڏي ۽ سخت قسم جي وبا 1892ع ۾ يونان کان شروع ٿي ۽ بمبئي تائين پهتي. هن وبا ۾ فقط بمبئي ۾ ئي انيڪ موت ٿيا.
پليگ جي وبا کي پهرين هڪ مصري طبيب سڃاتو، پليگ جي بيماري تواريخ تي به اثرانداز رهي. پهرين وبا جيڪا Justinian پليگ نالي مشهور ٿي ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي بندرگاهن وارن علائقن ۾ قائم رهي، ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته هيءَ بيماري روم جي سلطنت جي زوال جو سبب بڻي. هيءَ بيماري Byzantine Emperorجي زوال جو پڻ هڪ اهم حصو هئي. مشهور انگريزي شاعر وليم شيڪسپيئر ذري گهٽ هن بيماريءَ مان بچيو. جڏهن هو ٽن مهينن جو هو ته سن 1564ع ۾ هن بيماريءَ ان سڄي علائقي تي گهيرو ڪري ورتو هو ۽ آدمشماري جو ستون حصو اجل جو شڪار ٿيو.
ماتا جهڙين بيمارين مان ته هميشه لاءِ دنيا جو هي گولو آزاد ٿي چڪو آهي پر سائنس جي هيڏي ترقيءَ بعد به هن بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي نه سگهيو آهي. اڃان تائين هن بيماريءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪي خاص قسم جا ٽُڪا ايجاد ٿي نه سگهيا آهن، جيئن ماتا، پوليو وغيره جا آهن. جيڪي سيون لڳايون وڃن ٿيون اهي ڇهن مهينن لاءِ حفاظت Protection ڏين ٿيون.
دنيا ۾ هن بيماريءَ جي پکڙجڻ جو سبب جهنگلي ڪوئا آهن. يعني ڪارا ڪوئا جيڪي پاڻ وٽ موجود آهن. ڪوئن کان علاوه نوريئڙن، ٻلن ۽ ڪتن مان به پليگ ٿي سگهي ٿي. ڪناري وارن ملڪن ۾ هيءَ بيماري انهن ڪوئن مان پکڙجي ٿي جيڪي جهازن ذريعي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جي بندرگاهن ۾ پهچن ٿا.
هن مرض جي اڇت علاج لاءِ Antibodies استعمال ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ٽيٽرا سائيڪلين، اسٽرپٽو مائيسين ۽ ڪلورو مائيسيٽين اچي وڃن ٿيون.