محمد علي ڏيپلائي ڊينمارڪ ۾
پوري هفتي بعد، شام جو گهر ويٺو هوس ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ محمد علي مختصر رسمي کيڪار بعد شروع ٿي ويو:
“ابا هي ڊئنمارڪ آهي، هي ڪوپن هيگن آهي؟”
“ڇو ڀلا خير ته آهي؟” مون پڇيو.
“اسان تنهنجي ڪتاب ۾ هن پاسي جو احوال پڙهي پنهنجي هيڏانهن بدلي ڪرائيسين. هتي اونداهه ۽ سيءَ جي، ٻيو ته ڪجهه به ناهي! ڪوٽن ٽوپن ۾ به ڪلفي پيا ٿيون.” محمد عليءَ شڪايت ڪئي.
محمد عليءَ سان آئون بيحد فري آهيان. هو پاڪستان ايمبسيءَ ۾ قونصلر (ٽريڊ ڪمشنر) ٿي ڪوپن هيگن ۾ ٽن سالن لاءِ آيو هو.
“يار ڳالهه ته ٻڌ! اهي جيڪي منهنجا شروعاتي سفرناما آهن اهي مون تو پارن اديبن، دانشورن، نيڪ ۽ ذهين سرڪاري آفيسرن لاءِ نه لکيا آهن، اهي لکڻ مهل منهنجي ڌيان ۾ نوجوان رهيا ٿي جيئن اهي مختلف ملڪن جون چَٽپٽيون ڳالهيون پڙهي، اسان جي مرچنٽ نيوي ڏي رخ رکن. ظاهر آهي جي رڳو اهي حقيقتون لکان ها ته سمنڊ تي طوفان آهن. جهاز ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. ڏينهن رات سخت ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. بندرگاهه ۾ به تيل هاڻي انجڻ رو۾ ۾ گرمي ۾ مشينون ٺيڪ ڪرڻيون پون ٿيون ته ڪير هيڏانهن رخ رکي ها؟ پر هاڻ ته گذريل ڏهه سالن کان جتي پاڻيءَ جا جهاز گهٽبا وڃن اتي هر جهاز کي هلائڻ لاءِ ماڻهن جو تعداد به ٿوري کان ٿورو ٿيندو وڃي. نتيجي ۾ ڊاڪٽري انجنيئري وانگر مرچنٽ نيويءَ جو به اهو اسڪوپ نه رهيو آهي.”
“بس ادا اسان کي به ڪو کٽيءَ کنيو جو اچي هتي نڪتاسين جتي ڏينهن جو به رات لڳي پئي آهي.” محمد عليءَ چيو.
“دل وڏي ڪر،” مون کلندي چيومانس، “غلط مند ۾ آيو آهين. ڪجهه مهينن بعد رات جو به ڏينهن نظر ايندئي.” محمد علي ڦوهه سياري ۾ آيو هو ۽ اهي مهينا هن پاسي جو سيءُ الله ڏئي ۽ بندو سهي، وارو حساب هوندو آهي. ان کان علاوه راتيون وڏيون ۽ ڏينهن بنهه چند ڪلاڪن جا ٿين ٿا ۽ اهي ننڍڙا ڏينهن به اونداها ٿين، جو سڄو ڏينهن سخت جهڙ، ڪوهيڙو ۽ ڌنڌ هوندو آهي يا برف باري. سياري جي هنن مهينن ۾ ماڻهو ته ماڻهو جانور به ڇپ هڻي ڪنڊ پاسو وٺي رهن. باقي Migratory پکي جن کي نه هوائي جهاز جي ٽڪيٽ جي ضرورت نه پاسپورٽ جي پابندي، سي پنهنجا پرڙا هڻي فرانس، اسپين، پورچوگال جهڙن گهٽ ٿڌن ملڪن ڏي روانا ٿي ويندا آهن. اتي هنن کي سک نصيب ٿيندو آهي ۽ جن کي کُٽي کڻندي آهي، اهي سنڌ جو رخ ڪندا آهن، جتي اسان جا مڪاني ماڻهو توڙي امير عرب، بندوقون تاڻي هنن پکين جو انتظار ڪندا آهن.
محمد علي ڏيپلائي مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو فرزند آهي. والد جو لکڻ پڙهڻ جو ورثو محمد علي ۽ سندس ڀيڻ ثريا سوز ۾ ڪافي آيو آهي. محمد علي جي سڄي زندگي محنت ۽ مفاڪشيءَ جي ڪهاڻي آهي. جن ماڻهن لاءِ “Self Made” چيو ويندو آهي محمد علي انهن مان آهي. هن ننڍي هوندي کان وٺي پڙهائيءَ سان گڏ پورهيا پڻ ڪيا. والد مرحوم جي پريس ۾ ڪم ڪرڻ کان وٺي خانگي نوڪريون ڪيون، پاڻ ايران ۽ سعودي عرب ۾ به ڪافي عرصو نوڪريون ڪري چڪو آهي ۽ اهي نوڪريون هن سفارش تي نه پر پنهنجو قدر مڃرائي حاصل ڪيون. اڄڪلهه هو گورنمينٽ سروس ۾ آهي. ڪجهه وقت هو پاڪستان سيڪيورٽي پريس ۾ ڊائريڪٽر فنانس ٿي رهيو، هاڻ اسان جي ڀرواري ملڪ ڊئنمارڪ۾ ڊپلوميٽ جي حيثيت ۾ آيو آهي.
“يار مس مس تنهنجو فون نمبر مليو آهي، هاڻ جلد هيڏانهن مون وٽ اچ ته ڪچهري ڪريون.” هن مون کي ڪوپن هيگن اچڻ جي دعوت ڏني.
“في الحال مشڪل آهي. فون تي پيا خبرون ڪنداسين.” منهنجي پاسپورٽ تي ڊئنمارڪ جي Visa ختم ٿي چڪي هئي ان کي Renew ڪرائڻ هفتي جو نسخو هو ۽ ان کان علاوه ههڙي سيءَ ۾ يونيورسٽي ئي ويندي مشڪل لڳو ٿي. ٻين جي خبر نه اٿم ته انهن لاءِ هي سيءُ رحمت آهي يا راڪاس پر مون جهڙي همراهه لاءِ جيڪو سنڌ جي تتل وارياسن علائقن ۾ ڄائو نپنو ۽ ننڍپڻ گذاري، هي ڪاٽو نَو ڊگريون سيءُ ۽ طوفاني هوائون ائين آهن جيئن رستو وڃائيندڙ جهازي لاءِ اونداهي رات.
منهنجو ڇوٽ ۾ انڪار ڪرڻ تي محمد علي چڙي پيو ۽ مون کان سبب پڇڻ بنا چيائين: “ادا فيريءَ جي ٻه سئو ڪرونا ٽڪيٽ آئون ڏيندوسائين. بندرگاهه تان گهر تائين وٺي به آئون ايندوسائين. توهان هالا ۽ مٽيارين جا شيخ ۽ ميمڻ اهڙا ڇو ڪنجوس ٿيا آهيو؟”
“آئون هالا جو آهيان، ۽ هي هالا سان گڏ غريب مٽياريءَ جو ڪهڙو ڏوهه!”
بهرحال پوءِ محمد علي ڪري اسان لاءِ ڊئنمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن ڄڻ ڳوٺ ٿي پيو. هونءَ ڪوپن هيگن وڃبو هو ته سج لهڻ کان اڳ ڀڄڻ جي ڪبي هئي ته متان رات ٽڪڻي نه پوي ۽ هنن ملڪن جي هوٽلن ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم آهي؟ پر محمد عليءَ ڪري رهائش ۽ مانيءَ جو به مسئلو حل ٿي ويو. جيستائين محمد علي ڪوپن هيگن ۾ هو، اسان ڏاڍا چڪر ڪيا. ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ساندهه وڃي رهياسين ٿي. سڄو سڄو ڏينهنهڪ ٻئي جي آمهون سامهون رکيل ڪوچن تي ويهي ادب ۽ تاريخ کان سياست ۽ ڪلچر تي بحث ڪندا هئاسين. پوءِ ٿڪجي پوندا هئاسين ته ڳرا ڳرا ڪوٽ مٿان چاڙهي سندس گهر جي در کان بس اسٽاپ تائين اڌ ميل کن جو مفاصلو هلندي بحث ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن به نه سجهيم جو ٻئي گڏجي شهر جي چڪر تي نه نڪتا هجون.