اڇي ڏاڙهيءَ جو خيال ڪجي
“منهنجا ڀاءُ! دراصل ڳالهه اها آهي جو پروپئگنڊا اهڙي شيءِ آهي جنهن جي چنبي ۾ سئو مان نوانوي ماڻهو اچيو وڃن،” هن اصل ڳالهه ٻڌائڻ کان اڳ “پروپگئنڊا” بابت ٻڌايو ۽ پوءِ چيو:
“بِلي بٽ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن ڪيترين ئي ڇوڪرين کي ڏٽا ڏيئي هنن سان ڏوهه جهڙا ڪم ڪيا. هن جي رڪارڊنگ ڪمپني آهي ۽ وڏو پئسي وارو آهي. هاڻ پهرين ڳالهه تي هن جو پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي. هن جا پاڪستاني دوست ضرور آهن پر هو ڪشمير جو آهي ۽ پاڻ کي ڪشميري سڏائي ٿو. پر هنن يورپي ملڪن ۾ اهائي پروپئگنڊا ٿيل آهي ته هر اهو ايشين جيڪو لِڪ چوريءَ يورپي ملڪن ۾ اچي ٿو، جيڪو چرس جي سمگلنگ ڪري ٿو، جيڪو هٿيار رکي ٿو، جيڪو جهيڙا جهٽا ڪري ٿو، جيڪو نوڪري ۽ پورهيو ڪرڻ بدران پِن ۽ پراون پئسن تي گذر ڪري ٿو يا ڪو ٻيو غلط ڌنڌو ڪري ٿو اهو پاڪستاني (پاڪي) آهي پوءِ اصل ۾ کڻي هو نيپال، برما يا هندستان جو هجي، سري لنڪا، بنگلاديش يا ڀوتان جو هجي.
“پاڪستاني کڻي ڪيڏو به سٺو هجي، هُن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾- خاص ڪري هتي يورپ ۾- خراب اثر ويٺل آهي. انگلينڊ ۾ ته اسڪول جا ننڍا ٻار به پاڪستاني توڙي بنگالي ۽ انڊين ٻارن کي نفرت مان پاڪي (Paki) سڏين ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته هو گهرن ۾ پنهنجن مائٽن کان ٻڌن ٿا. وڏن جي دماغن ۾ اهوئي ويٺل آهي ته پاڪي-يعني پاڪستاني غلط قسم جا ماڻهو آهن. خبر اٿئي جڏهن ٽي ويءَ تان ڪورٽ جو فيصلو ٻڌائي رهيا هئا ته مون پنهنجي پٽ کان پڇيو ته اهو مجرم ڪهڙي ملڪ جو آهي. هن وراڻيو پاڪستاني آهي.”
“مون ان وقت چيو: پڪ سزا لڳندس ۽ ٿيو به ائين! هن کي ڏوهه سال ٽيپ اچي وئي. هاڻ ان جاءِ تي جي ڪڏهن ڪو جپاني، آمريڪي يا ويندي هندوستاني به هجي ها ته هو بچي وڃي ها. سڀ چون ها ته ڇوريون ڪوڙيون آهن، اڄ ڏينهن تائين ته ڪنهن انڊين اهڙي بڇڙائي ڪئي ڪانه. وغيره. سو ’پروپئگنڊا‘ اهڙي شيءِ آهي جيڪا انصاف يا صحيح فيصلي کان اڳ ئي مقرر ڪيل راءِ لاءِ ميدان هموار ڪريو ڇڏي.”
ڪجهه دير سگريٽ جا ڪش هڻي هن وڌيڪ ٻڌايو:
“ٻي ڳالهه اها ته، ٿي سگهي ٿو، ان ۾ ڪا حقيقت نه به هجي، ڇو جو سڀئي عورتون جن بٽ صاحب لاءِ ڪورٽ ۾ پڪاريو آهي اهي ارڙهن سالن کان مٿي آهن يعني هو عاقل بالغ ۽ سمجهه واريون آهن. ۽ ڪيترا مهينا ماٺ ۾ گذارڻ بعد هاڻ هنن دانهيو آهي. ان لاءِ هو چون ٿيون ته هو ماٺ ۾ ان ڪري هيون جو هنن کي شرم ٿي ٿيو ته سندن مائٽن، دوستن ۽ سوسائٽيءَ ۾ خواري ٿئي ٿا. پر کانئن ڪو پڇي ته “مئو پر، پٽجي هيل” مطابق ڀلا هاڻي ڇو اٿيون آهيو؟ ۽ ٻيو ته انهن مان ڪيترين بٽ صاحب سان ٽي ٽي چار چار ڏينهن لنڊن ۽ ٻين ملڪن جو سير سپاٽو ڪيو. هاڻي هو جيڪڏهن ساڳي آفيس يا ڪاليج يونيورسٽي مان آفيشل ٽوئر تي نڪرن ها ۽ پوءِ بٽ صاحب ڪجهه ڪري ها ته چئجي ها ته هن زوريءَ زنا ڪئي. هتي هڪ هڪ ٿي، پنهنجي رضامنديءَ سان دوست جي حيثيت ۾ هن سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪتي آهي. هوٽل جي ساڳي ڪمري ۾ رهي آهي. پوءِ جي ڪجهه ٿيوآهي ته معنا هڪ ٻئي جي رضا خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي. هتي رضا خوشيءَ سان بالغن جي گڏ گڏ هلڻ، رهڻ، سمهڻ تي ڪابه قانون طرفان جهل پل ناهي. ها ايترو ضرور آهي ته بٽ صاحب جسماني ڏاڍ مڙسيءَ بدران دماغ کان ڪم وٺي کين گشن پتن ذريعي راضي ڪيو آهي ۽ بيوقوف بنايو آهي. جيئن هڪ ڇوڪريءَ ڪورٽ ۾ اهو چيو ته بِلي بٽ هن کي “بلف” ڪيو آهي. کيس هن چيو ته هو کيس رڪارڊنگ ذريعي مٿاهين درجي تي آڻيندو. پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اها عورت پنهنجو پاڻ ان جي حوالي ڪري ڇڏي. بهرحال ڪورٽ کي بِلي بٽ بابت ٻين به ڪيترين جُرمن جا ثبوت مليا آهن. نتيجي ۾ پيريءَ ۾ نه فقط پاڻ خوار خراب ٿي ويو، پر پاڪستان جو نالو بدنام ڪري وڌائين. چاليهن کان ماڻهو مٿي ٽپي ته خراب عادتن واري کي به کپي ته اهي ڦٽيون ڪري ڪجهه نيڪ ٿي هلي. اڇي ڏاڙهيءَ سان پنجاهه کان مٿي عمر واري هڪ مسلمان بابت جنسي ۽ شهواني قصا پڙهي هتي جا سئيڊش توڙي ڌاريان ماڻهو ڇا اثر وٺندا هوندا، اهو پاڻ سوچي سگهو ٿا.”