آءِ لائيڪ يورپا
هنن فلسطيني، عراقي ۽ شامي عورتن ۾ ڪيتريون ته اڪيليون رهن ٿيون ۽ سندن مائٽ مٽ پنهنجي وطن ۾ آهن. ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجو وطن ۽ مائٽ به ياد اچن ٿا. هڪ ڏينهن رضيه نالي هڪ اهڙي ڪرد مسلمان عورت بس ۾ منهنجي ڀرسان اچي ويٺي. ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته هن کي سئيڊن حڪومت طرفان بيروزگاري جو الائونس ۽ گهر جو خرچ پکو چڱو خاصو ملي ٿو. ايتري قدر جو هوءَ ان مان ٻه هزار رپيا کن هر مهيني پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ کي عراق به موڪلي ٿي.
“اڃان به کين گهڻو موڪليان” رضيه ڪُرد چيو، “ پر سگريٽن ۽ شراب پٺيان سڀ ناس ڪريو ڇڏيان. گذريل ٽن مهينن کان کين اهي ٻه هزار به نه موڪلي سگهي آهيان.”
هن ٻڌايو ته عراق ۾ جتي هن جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا ڪرد مائٽ مٽ رهن ٿا اهو جابلو علائقو آهي. ڪو ٻني ٻارو به گهڻو نٿو ٿئي. ڌنڌو ڌاڙي به ناهي. پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
“مون کي اڃان تائين اها ڏکي زندگي ياد آهي ته ڪيئن روزانو صبح ساڻ آئون ۽ منهنجيون ڀيڻون فجر مهل ميل ٻه جابلو علائقي جا لتاڙي پاڻيءَ سان مٽ ڀري اينديون هيونسين. ان بعد جنڊ ۾ ڪڻڪ پيهي ٿلها ڊڳڙ پچائي کائيندا هئاسين. اَنَ ڪڻا به ڪڏهن گهڻا هوندا هئا ته ڪڏهن پيٽ به نه ڀربو هو.”
صدام جي ظلمن ۽ مار مارا ڪري عراق جا ڪيترا ڪرد ۽ شيعا مارجي ويا. ڪيترا بي گهر ۽ لولا لنگڙا ٿي ويا. پوءِ UNO وارن ڪيترن کي اتان بچائي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پناهه وٺرائي ڏني.
“آئون سال ٻه پشاور ۾ رهيس، ان بعد هتي سئيڊن ۾ رهڻ جي موڪل مليم. امان بابا جن ۽ ڪجهه ٻيا منهنجا مائٽ اڃان اتي ئي آهن. ڪڏهن ڪڏهن کين ڏاڍو ياد ڪريان ٿي.” هن ٻڌايو.
“پوءِ اتان ڇو نٿي چڪر هڻي اچين. مائٽن سان به ملي اچ.”
“نه” رضيه ٺهه پهه جواب ڏنو.
“ڇو-؟” مون سبب پڇيو مانس.
“اتي جي گرمين ۽ تڪليفن ۾ هڪ ڏينهن به رهڻ نٿي چاهيان. سئيڊن ڇڏڻ تي دل نٿي چوي. يورپ جهڙو مزو ڪٿي آهي؟ آءِ لائيڪ يورپا!”
(مون کي يورپ پسند آهي).