پاڪستاني نوٽ
پهرين ڏينهن ئي ڀرواري ڪمري ۾ رهندڙ سينٽ لوسيا ٻيٽ جي همراهه پنهنجي ملڪ جا ٻه ٽي نوٽ ڏئي پاڪستان جي نوٽن جي گهر ڪئي.
مون کي پڪ هئي ته اهڙن هنڌن تي پاڻ سان پنهنجي ملڪ جون ٽڪليون ۽ نوٽ کڻي وڃجن. سو ٻئي سامان سان گڏ هڪ رپئي، ٻه رپئي ۽ پنجين رپين جا ڪيترائي نوٽ بيگ ۾ وجهي ڇڏيا هيم. ايئرپورٽ پهچي آخري لمحي تي باقي سئو ڏيڍ سئو رپيا جيڪي هيم انهن جا پڻ مٿيان ننڍا نوٽ مٽائي اهي ٻٽونءَ ۾ وڌا هئم. هاڻ جڏهن هن همراهه پاڪستاني نوٽن جي گهر ڪئي ته يڪدم هائوڪار ڪري کيسي مان ٻٽون ڪڍي ان مان نوٽ ڪڍڻ لاءِ اڃان هٿ وڌم ته يڪدم ڪو خيال اچي ويو ۽ ٻٽونءَ کي يڪدم بند ڪري چيومانس.
“آءِ ايم ساري! بئگ ۾ نوٽ رکيا اٿم جيئن ئي اڄ سڀاڻ ۾ سامان ٺاهيندس ته توکي ڏيندس”.
“بهرحال توهان اسان جي ملڪ جا نوٽ رکي سگهو ٿا. آئون سڀني کي ڏيندو اچان” ۽ پوءِ هو پنهنجي ننڍڙي ٻيٽ جا چمڪندڙ نوٽ منهنجي ٽيبل تي ڇڏي ٻاهر نڪري ويو. ڪا دير آئون انهن نوٽن کي ڏسندو رهيس. توهان شايد اهو سوال پڇو ته ٻٽونءَ ۾ موجود هوندي مون هڪ، ٻه يا پنجن جا خصيص نوٽ هن کي ڇو نه ڏنا.
مون هن کي نوٽ بلڪل ڏنا ٿي ۽ پرس به ان نيت سان کوليو پر جيئن مون نوٽ ڪڍيا ٿي ته ڏسان ته هر هڪ نوٽ تي پانن جون ڳاڙهيون پِڪون لڳل هيون ۽ هوڏانهن هڪ غريب ۽ ننڍڙي ٻيٽ نما ملڪ جي نوٽن سان پنهنجا نوٽ ڀيٽي، ڏيڻ کان هٿ کڻي ڇڏيم. نوان نوٽ ته هن جا به نه هئا، پر انهن تي ائين پانن جون ٿڪون لڳل ته نه هيون. ان ڪري في الحال هن کي ترسڻ لاءِ چيم جو بئگ ۾ پڻ ڪجهه نوٽ آندا هيم، جن مان ضرور ڪيترائي سٺا ۽ صاف سٿرا هوندا.
ان تان مون کي ياد آيو ته گهڻو اڳ جپان ۾ ڪنهن مون کان نوٽ گهريا ۽ جهڙو ڏنامانس ته يڪدم واپس ڪري چوڻ لڳو “هنن تي رت لڳو پيو آهي.” جپان، ٿائلينڊ ۽ ڏور مشرق جي ڪيترن ملڪن ۾ رت لڳل شيءِ کي اگرو ۽ خراب سمجهيو وڃي ٿو.
ڪجهه ڏينهن بعد سينٽ لوسيا ٻيٽ جو همراهه وري اچي نڪتو، ساڻس گڏ برازيل ۽ گئاٽمالا ملڪن جا همراهه پڻ نوٽ بدلائڻ آيا هئا. مون کين وڏي هاڪار ڪري ڪرسين تي ويهاريو ۽ پڇٽيءَ تان بئگ لاهي ان جي خاني ۾ بند ٿيل لفافو ڪڍي کوليو. ٻه ٽي پنجن جا نوٽ صاف سٿرا هئا پر افسوس جو هڪ۽ ٻن جي ويهارو کن نوٽن مان هڪ به پان جي چُن ۽ ڪَٿي يا پڪ کان بچيل نه هو. ان جو پورائو ڪرڻ لاءِ مون کين ڪجهه سڪا ۽ ڪجهه ٽڪليون ڏنيون. موڪلائڻ وقت هو پنهنجي پنهنجي ملڪ جا نوٽ ڏئي ويا. آئون آرام سان ويهي انهن کي غور سان ڏسي رهيو هوس ته ايتري ۾ مون کان هڪ سال اڳ هتي آيل عبدالحميد قاضي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. منهنجي هٿن ۾ ٻين ملڪن جا نوٽ ڏسي يڪدم چيائين:
“يار ڪجهه نوٽ اٿئي؟ تون تازو پاڪستان کان آيو آهين، پنهنجو ٻٽون کولي ڏس ته ڪو هڪ ٻه نوٽ هجنئي ته مون کي ڏي ته آئون هڪ پورچوگالي سان چينج ڪرايان.”
“هڪ ٻه ڇا ڍير اٿم” مون وراڻيو مانس، “پر سڀني تي پانن جون ڇاپون لڳل آهن، سو اهڙا نوٽ ڏيڻ سان پنهنجي ملڪ جي ناموس بدران بي عزتي ٿيندي.”
قاضيءَ مون سان تاڙي ملائيندي چيو: “واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، نوٽ ته مون وٽ به پيا آهن پر اهڙا گدلا ۽ Smelly آهن جو ڪنهن کي ڏيڻ تي دل نٿي چوي.”