سئنڊوچ گهران کڻي اچو
مانيءَ وقت آئون، ڀر ۾ ويٺل مصر جي پوڙهي پروفيسر ڊاڪٽر احمد منصف سان ئي ڳالهائيندو رهيس. مختلف قسمن جا پهرين شراب پيش ٿيندا رهيا. “نه-پيئڻ” وارن جي اڳيان پاڻي ٿي رکيائون، پوءِ ٻه يا ٽي دور هلڻ بعد مس مس ميزبان عورتون هر هڪ لاءِ ڌار ڌار کاڌي جي پليٽ کڻي آيون. سامهون ويٺل نائيجيريا جي همراهه اوموتايو ان کي پورڪ (خنزير) سمجهي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته ڀر ۾ ويٺل سئيڊش ٻڌايس ته مڇي آهي _ يعني کائي سگهين ٿو. مون ان گول نرگسي ڪوفتي جهڙي بال کي ڪپ سان ٻه اڌ ڪيو. اندر بٽير (تتر) جو بيضو هو جنهن مٿان ڪوفتي وانگر مڇيءَ جو ٿلهو تهه چڙهيل هو. مڇيءَ ۾ ککاڻ گهڻي هئي ان کان علاوه اهو مرچ مصالن بنا فروزن هو _ يعني برف وانگر ٿڌو هو. آئون هاڻ ٻي ڊش اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ان وچ ۾ شهر جي ميئر تقرير ڪئي. پوءِ کاڌو کارائيندڙ عورتون نمودار ٿيون ۽ سڀني اڳيان خالي پليٽون ميڙڻ لڳيون. ان بعد ڪا دير هو نظر نه آيون. پوءِ مس مس ڪچن جو در کليو ۽ خدمتگار عورتون نڪتيون پر کين هٿن ۾ کاڌي جي خومچن بدران وري شراب جون بوتلون هيون. وري سائين شراب جو دور هلڻ لڳو. ان دوران سئيڊن جي وزير تقرير ڪئي. پوءِ مس مس اوٻاريل پٽاٽن جا ڀريل ٻه ڊش هر هڪ ٽيبل تي اچي رکيائون ته اهي اسين پاڻ ئي کڻون. باقي تريل بدڪ جا ڊبل روٽيءَ وانگر ٿيل پترن مان ٻه ٻه، هر هڪ اڳيان هو پاڻ رکڻ لڳيون. مون پٽاٽن جو ڍير پنهنجي پليٽ ۾ وڌو ڇو جو سئيڊن ۾ ڏيڍ سال کن رهي، هاڻ هوشيار ٿي ويو آهيان ته پٽاٽا مليا ته اهو ئي گهڻو ڪجهه آهي. پوءِ ڊبل روٽيءَ يا چانورن جو آسرو نه ڪرڻ کپي. سٺي ۾ سٺو ۽ اهم ڊش اها بدڪ هئي. اسان جي سامهون ويٺل نائيجيريا جي ڪميونيڪيشن سيڪريٽري مسٽر اوموتايو کي اها شايد نه وڻي ۽ ٽڪرو چکي پري ڪري ڇڏيائين. پٽاٽا وڌيڪ کڻڻ لاءِ چيومانس پر اهو به هڪ ٻه کڻي خبر ناهي ته ڇا چيائين ته وائي آهن يا بادي. پوءِ اهو ٿيو جيڪو ٿيڻو هو. يعني مٺو اچڻ لڳو. معنيٰ جهڙا ميڙا جت تهڙا ميڙا تت. چيومانس،”تو صفا نه کاڌو آهي، ڪسٽرڊ يا جيڪا به مٺي شيءِ ٺاهي اٿن، اها ٻيڻي وٺي کائجانءِ.”
چوڻ لڳو:”ڊائبٽيس جو مريض آهيان، مٺو کائڻ کان منع اٿم.” ان بعد وري شراب اچڻ لڳا.
“منهنجي خيال ۾ ڊنر ختم ٿي؟” اوموتايو مون کان آهستي پڇيو.
“بلڪل صحيح خيال اٿانو.” وراڻيو مانس.
ڀر مان لنگهندڙ خدمتگار عورت کي سڏي چيائينس:”پيئڻ ۾ ڪجهه ٻيو ملي سگهندو؟”
هن ٻن ٽن وڌيڪ شرابن جا نالا ورتا.
“نه منهنجو مطلب آهي ڪافي يا چانهه ملندي؟” اوموتايو پڇيو.
“ڪوشش ڪريان ٿي.” عورت وراڻيو.
“مهرباني ڪري مون کي بنا کنڊ جي چانهه جو ڪوپ آڻي ڏي.”
۽ پوءِ چانهه اچڻ تي ٻه چار ڍڪ ڀري مون کي چيائين: “هن پاسي جون عجيب دعوتون آهن.اسان وٽ ڪو غريب دعوت ڪندو ته به هڪ ئي ٻوڙ پر چڱيءَ طرح کارائيندو.”
مون کلندي چيومانس: “اهو به شڪر ڪجي، جو هنن ڪجهه کارايو. نه ته هتي جي دعوت ۾ ميزبان اڪثر اڳواٽ نياپو ڪندا آهن ته کائڻ لاءِ هرڪو پنهنجي پسند جي سئنڊوچ پنهنجي گهران ٺهرائي کڻي اچي.”