يتيم يتيم- نڌڻڪا نڌڻڪا
مڪاني وزيرن ۽ ڌارين ملڪن جي اهم نمائندن جي حفاظت لاءِ سٽي هال ٻاهران ڪافي پوليس جون گاڏيون ۽ گارڊ بيٺل هئا. آئون پنهنجو دعوت نامو کڻي نه آيو هوس پر پوءِ يونيورسٽي طرفان مليل سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري اندر گهڙيس. اندرين دروازي تي ڊنر لاءِ آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري همراهه ڊائننگ روم ۾ وڃڻ جو نقشو ڏنو جيڪو ڦڻيءَ جي شڪل جو هو. يعني هڪ تمام ڊگهو ٽيبل جنهن تي چاليهه پنجاهه کن ماڻهو ويهن ۽ ان سنا گڏ ڦڻيءَ جي ڏندن وانگر ڪيترائي اٺن اٺن ماڻهن جي ويهڻ جا ٽيبل هئا. منهنجو نالو هال ۾ گهڙڻ سان پهرين پاسيري ٽيبل تي هو. ڀر ۾ هڪ پاسي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي جو سئيڊش پوڙهو پروفيسر ارڪسن هو ۽ ٻئي پاسي مصر کان آيل ڊاڪٽر پروفيسر احمد منصف هو. پروفيسر ارڪسن منهنجي ٿيسز جو سپروائيزر هو، پاڻ سئيڊن جي مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن جو رٽائرڊ ڊائريڪٽر جنرل آهي ۽ ڳپل عرصو اڳ بين الاقوامي اداري IMO جو سيفٽي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر منصف هن يونيورسٽي جي شروع وارن ڏينهن ۾ هتي پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهي چڪو هو ۽ هتي جا ڪافي ماڻهو سڃاتائين ٿي.
ٽيبل جي سامهون وهندڙن ۾ هڪ ته ايران جو وزير مواصلات محمد مدد هو جيڪو ايران جي بندرگاهن ۽ جهاز رانيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهي چڪو آهي. بلڪل سامهون نائيجيريا جو ڪميونيڪيشن سيڪريٽري مسٽر اوموتايو هو. نائيجيريا جو سفير پڻ اسان واري ٽيبل تي ڪنڊ تي هو.
ڊائننگ روم ۾ گهڙڻ کان اڳ ڪلاڪ کن رسيپشن روم ۾ غير رسمي کيڪار کڙي ۽ ڪچهري هلندي رهي. پيئڻ لاءِ ڇهه ست ميزبان عورتون ٽري ۾ هڪ اڇي رنگ جا جام جهلي بيٺيون هيون. ايران جي وزير مسٽر مدد سافٽ ڊرنڪ لاءِ پڇيو.
“ان لاءِ بندوبست ته ضرور هوندو،” مون کيس ٻڌايو، “هونئن ته کڻي نه ڪن پر هنن کي خبر آهي ته سندن مهمانن ۾ وڏو تعداد مسلمان ملڪن جو آهي. جن ۾ ڪيترا الڪوحل نٿا واپرائين.”
پڇڻ تي معلوم ٿيو ته شراب پيش ڪندڙ عورتن مان هڪ وٽ Non Alcoholic ڊرنڪ آهن. کانئس اسان گلاس گلاس ورتو. ان بعد سعودي عرب جي ڊائريڪٽر جنرل علي جبراه غابان پڻ گلاس کنيو. کين مون ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ 120 کن ملڪن جا جيڪي 200 شاگرد پڙهن ٿا انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ مسلمان ملڪن جا آهن ۽ انهن جو خيال رکي، يونيورسٽيءَ وارن هاسٽل، ميس توڙي يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ سوئر جي گوشت ۽ شراب جهڙين شين جي واهپي تي بندش وڌي آهي. جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ کي ڪمرن جي سخت کوٽ آهي ان هوندي به هڪ ڪمري کي مسجد ٺاهيو اٿن ۽ ان ڳالهه تان ڪيترن غير مسلم شاگردن اعتراض ورتو آهي ته يونيورسٽيءَ جي اندر فقط مسلمانن جو عبادتگاهه ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ ائين ته پوءِ عيسائي، يهودي، هندو، سِک، ٻڌ شاگرد به رهن ٿا. مالمو شهر ۾ ته وري به ٻين مذهب جي ماڻهن لاءِ ڪليسا گهر، Synagogue، مندر ۽ مسجدون آهن، پر جپان، چين، ٿائلينڊ، برما ۽ سريلنڪا جي ٻڌ شاگردن لاءِ ويجهي ۾ ويجهو پگوڊا به اسٽاڪهوم ۾ آهي. بهرحال اهڙن اعتراضن تي يونيورسٽي جي انتظاميا شروع کان ڪن لاٽار ڪندي اچي. بقول ڪنهن جي ته يونيورسٽي ۾ گهڻا شاگرد ترقي پذير ملڪن جا اچن ٿا جن ۾ گهڻائي مسلمانن جي آهي. ٻي ڳالهه ته يونيورسٽي کي پئسي جي کوٽ آهي. ڏينهون ڏينهن ڪامن ويلٿ، UNDP، جپاني ڪمپني ساسا ڪاوا جهڙا ادارا شاگردن لاءِ اسڪالرون (Fellowship) ڏيڻ گهٽائيندا وڃن. اهڙي صورت ۾ سعودي عرب ۽ ايران جا شاگرد يونيورسٽيءَ لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿا جو سندن ملڪ هر شاگرد لاءِ 30 هزار کن آمريڪي ڊالر- يعني ڏهه لک رپيا ڪئش ڏئي ٿو. ان ڪري ٻين ملڪن مان هڪ يا ٻه شاگرد گهرايا وڃن ٿا پر ايران جهڙي ملڪ مان _ جنهن کي انگلينڊ يا آمريڪا پنهنجي ملڪ جي تعليمي درسگاهن ۾ داخلا نٿو ڏئي، پر هي يونيورسٽي وارا بنا تعداد مقرر ڪرڻ جي کين داخلا ڏين ٿا، جيئن سندن گهڻي کان گهڻي ڪمائي ٿئي. اسان واري سال ۾ چار سعودي ۽ ڇهه ايراني شاگرد آهن ۽ اسان کانپوءِ واري سال ۾ ايران جا يڪا يارنهن شاگرد آيا آهن ۽ يونيورسٽي وارن لاءِ جهڙو هڪ شاگرد تهڙا ويهه وڌيڪ. فقط ڪلاس روم ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبل وڌائڻا پون ٿا. پروفيسر جهڙو ويهن شاگردن اڳيان ليڪچر ڏيندو تهڙو ٽيهن اڳيان، سو هو مسلمان شاگردن کي خاص ڪري سعودي عرب ۽ ايران وارن کي هر طرح سان خوش رکڻ چاهين ٿا.
پر منهنجي ڀر ۾ بيٺل ايران جو هي وزير سئيڊن وارن تي، خاص ڪري سئيڊن جي اميگريشن کاتي تي سخت ناراض هو.
“هو ايراني شاگردن کي سندن زالون ۽ ٻار گهرائڻ وقت ويزا ڏيڻ ۾ دير ڪن ٿا. يونيورسٽيءَ جي پرنسپال کي کپي ته ان معاملي ۾ شاگردن جي مدد ڪري. هن يونيورسٽيءَ جا شاگرد ننڍا ٻار ته نه آهن جو ٻه سال اڪيلا رهن.”
مون کيس ٻڌايو ته هتي جي حڪومت اهو قانون سڀني ملڪن سان لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اسان کان اڳ جي آيل شاگردن جي فئملين کي هفتي اندر ڪراچيءَ مان ئي ويزا ملي وئي ٿي, پر اسان جي فئملين کي ويزا جي لاءِ اسلام آباد انٽرويو ڏيڻو پيو. نه فقط زالن کي پر ٻارن کي به وڃڻو پيو.
“اهو دلشڪستو ڪرڻ وارو سلسلو سئيڊن حڪومت کي بند ڪرڻ کپي, جو هيءَ يونيورسٽي سئيڊن حڪومت جي نه آهي پر يونائيٽيڊ نيشن جي آهي ۽ جڏهن سئيڊن حڪومت ان کي هلائڻ لاءِ مهمانوازيءَ جا حق ادا ڪري ٿو ته ان کي چڱي طرح ادا ڪري.” ايران جي وزير چيو.
گذريل ٽن ڏينهن کان ڏسان پيو ته ايران کان آيل هي وزير توڙي سعودي عرب جو ڊائريڪٽر جنرل، هر وقت يونيورسٽي جي انتظاميا سان ميٽنگن ۾ آهن يا پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهن ٿا. ننڍي عمر جا آهن. امير ماڻهو آهن. چاهين ته هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ عياشي ڪري سگهن ٿا پر نه. هنن کي پنهنجي ملڪ توڙي ماڻهن جو فڪر سڀ کان اول آهي ۽ هو جنهن ڪم لاءِ آيا آهن, ان کي پهرين فرض سمجهي نڀائيندا اچن. انهن ڳالهين تي غور ڪجي ٿو ته جواب مليو وڃي ته، سائنسي ڄاڻ توڙي تعليم ۾ گهٽ هي عرب ۽ ايراني، پئسي ۾ گهٽ ڪيترا آفريڪي ملڪ، ترقيءَ جي Dوڙ ۾ اسان جهڙن ملڪن کان اڳتي نڪرندا وڃن. اهڙن ملڪن جي اڳواڻن توڙي واسطيدار عملدارن جي دلچسپي ڪري سندن ماڻهن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ هوڏانهن اسان جهڙا به ڪيترا آهن، جيڪي ڀلي نمبر کڻن، مقابلي ۾ سڀ کان اڳيان نڪرن، ته به جهڙا يتيم يتيم، نڌڻڪا نڌڻڪا.