ڪهڙي شام ٿي ڪهڙي نما شام
چئي اچي ڦاٿس. عمر سخت مشغول ماڻهو، روز وسريو وڃيس. ياد ڏياريانس.
“او آئي ايم ساري! منهنجي دوست وٽ جام کوکا پيا آهن. اڄ ئي کڻي ايندس.”
وري ٻئي ڏينهن اهڙي جو تهڙو. فون ڪرينس ته گهر ۾ موجود نه. سامهون دريءَ مان ايندو ڏسانس. جيسين ٻاهر نڪرڻ لاءِ سئيٽر، ڪوٽ ۽ وڏو ڪوٽ پائي ست ماڙيون (لفٽ ۾ ئي سهي) لهي وري سندس گهر جيڪو ٽماڙ تي بنا لفٽ جي آهي، ان جون ڏاڪڻيون چڙهي پهچان ته سندس زال کان معلوم ٿئي ته هو انهي پيرين موٽي ويو. چاٻي کڻڻ آيو هو يا ڪو فائيل ٿي کتس. اهو کڻي اجهو اهو پيو وڃي.
نيٺ ٻئي کان کوکا وٺي سامان بند ڪيم ۽ کائنس پڇڻ ڇڏي ڏنم. ٻن يا ٽن ڏينهن بعد شهر جي هڪ دڪان ۾ سندس مونتي پري کان نظر پيئي، مينهن واءُ ڪندو سڌو مون ڏي آيو.
“الطاف! آئي ايم ويري ساري! اڄ دوست وٽان کوکا کڻي ايندس. تون به مونسان هلجانءِ. ان دوست وٽ ڪافي به پيئنداسين. واندو آهين نه شام جو؟” هن مون کان پڇي پڪو پروگرام ٺاهڻ چاهيو ٿي.
“ها. بلڪل واندو آهيان. شام جو تيار ٿيو ويٺو هوندس.” مون وراڻيومانس.
هاڻ پاڪستان جي شام معنا جنهن وقت سج جي تپش گهٽجي وڃي. يعني پنج ڇهه يا وڌ ۾ وڌ سج لهڻ جو وقت ست وڳا. پر هتي سئيڊن ۾ شام ڪٿان کان ڪٿي سمجهجي، سو به سياري جي مند ۾؟ جڏهن ته سج صبح کان ئي نظر نٿو اچي! ڪو خوش نصيب ڏينهن هوندو جنهن ۾ ڪلاڪ ٻه کن اس نظر ايندي. سا به لڳاتار نه. پنج منٽ ڪنهن وقت ته ڏهه منٽ ڪنهن وقت ۽ اهو سڀ وقت ملائڻ سان جي جملي ڪلاڪ به ٿيو ته اهو ڏينهن سٺو ڏينهن ٿيو. سني ڊي (Sunny-Day) ٿيو. ۽ هنن ٿڌ ۽ پارن جي ملڪ ۾ “سـَني” معنا سهاڻو ڏينهن. ٻارن کي به لاڏ مان سڏين سـَني! ڀلي سڏين. پر اسان وٽ الائي ڇو پيار مان ٻار کي Sunny ٿا سڏين! اسان وارو سـَني-ڊي سج وارو ڏينهن معنا جيئري جهنم. پوءِ اسان ڇو اهڙي نالي کي سٺو سمجهون. اڃا به جهڙ، ڪڪر، بادل، ماڪ، هير، شبنم جهڙن نالن سان دل ٺريو وڃي. ۽ هتي اتر يورپ جي ماڻهن لاءِ اهڙا نالا معنا ڪچي گار.
سئيڊن جي شام جي ڳالهه پئي ڪئيسين. هڪ ته هتي سج اڀري لهيو وڃي پر گهاٽن ڪڪرن، ڌنڌ، مينهن ۽ برفباري ڪري نه اس نظر اچي ۽ نه سج جو ديدار ٿئي. اسان وٽ ڪهڙو به جهڙ هجي ته به سج جي خبر پئجي ويندي آهي ته آسمان ۾ ڪهڙي هنڌ آهي. هو ڪڪرن پويان هوندو آهي ته به آسمان تي ٽيوب لائيٽن ۽ مرڪري بلبن جي روشني هوندي آهي، ڇو جو هڪ ته اسانجهڙن خط استوائي ۽ ٽراپيڪل ملڪن ۾ سج جي تپش ۽ روشني گهڻي ٿي ٿئي ۽ ساڳي وقت ڪڪرن جا تهه ۽ ٿولهه ايتري گهڻي ناهي جو ان روشنيءَ کي روڪين. سج ته ڇا پر ڪڏهن ڪڏهن چنڊ جي به خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙي ڪبوتري ڪڪر پويان رمندو وڃي. پر هنن اتر يورپ جي قطبي ملڪن ۾ اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي. ڪئلينڊر ۽ جنتريءَ مان سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت پڙهي پوءِ پنهنجي واچ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هينئر ڏينهن آهي. جيئن اڄ ڪلهه نائين بجي ڌاري سج اڀري ٿو ۽ ٽين بجي ڌاري لهي ٿو. سو ان حساب سان ڏينهن فقط ڇهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو- جيڪو ايندڙ مهيني اڃا به ننڍو ٿيندو.
سو سياري ۾ نه فقط ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو پر سڄو ڏينهن هڪ جهڙو نرم، ٿڌو ۽ جهڙالو ٿئي ٿو. هاڻي اهڙي صورت ۾ ڏينهن کي حصن ۾ ڪيئن ورهائي چئجي ته هي صبح ساجهر آهي ۽ هي وڏو صبوح. هاڻ سج مٿي چڙهي چڪو آهي ۽ هيءَ ڪچي ٻپهري آهي. هي ٽاڪ منجهند آهي ۽ هاڻ اڳينءَ جو وقت هلي رهيو آهي. هي ٽپهري آهي ۽ هيءَ شام ۽ وڏي پيشين آهي. هيءَ نما شام ۽ سانجهي ٿيڻ واري آهي. سو اسان وٽ شام معنا ڇهه وڳا کن جنهن وقت سج جي تپش ڪجهه گهٽجي ٿي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت گهڻي گرمي محسوس نٿي ٿئي. پر هتي سئيڊن ۾ اهو عالم صبح کان وٺي آهي.