ڇا پيا سوچيو؟
“تون اٺين وڃين پيو، هفتو کن اڳ ئي ڇو ٿو فون ڪٽرائين؟” هنن پڇيو.
“پوءِ آخري ڏينهن تي ڪٿي پيو فون ڪٽڻ جي درخواست ۽ بل ڏيندس.” مون چيو مان.
“آخري ڏينهن تي جڏهن آخري فون ڪري بس ڪرين ته اسان کي رڳو فون ڪري ڇڏجانءِ ته اسان ڪٽي ڇڏينداسين.” ملائيشيا جي ٽيليفون آفيس واري انچارج ٻڌايو.
“۽ ڀلا انهن ستن ڏينهن جي بل جو ڇا ٿيندو؟” مون پڇيو مان، ڇو جو اهو ته هر حال ۾ Consumer کي ڏيڻو آهي ۽ جي ڏيڻ بنا هليو ويندس ته پٺيان مون سان گڏ منهنجي ملڪ جي به بدنامي ٿيندي.
“ان جو به بندوبست آهي. گهر ڇڏڻ کان ڪلاڪ اڳ فون ڪجانءِ ته اسان جو ماڻهو بل اچي ڏئي ويندو. جيڪو ايئرپورٽ تي يا پنهنجي ملڪ مان پوسٽ ذريعي موڪلجانءِ”. هن مون کي ٻڌايو، ان بعد کيس ئي ڌيان آيو ته منهنجي گهر ۽ ايئرپورٽ جي وچ ۾ته ٽيليفون آفيس آهي سو هن يڪدم صلاح ڏني.
“هيئن ڪجو. گهران نڪرڻ مهل ٽيليفون پيس پاڻ سان کڻي نڪرجو ۽ هتان آفيس وٽان لنگهندي اسان کي در تي ئي ڏئي وڃجو ۽ توهان جو بل به تيار هوندو.”
گهر ڇڏڻ وقت ٽيليفون پيس کڻي ٽيليفون آفيس وٽ آيس، جنهن آفيس ۾ اٺ سال اڳ فون لڳرائڻ لاءِ فارم ڀرڻ آيو هوس. در تي بيٺل ڪلارڪ مون کان ٽيليفون پيس ورتو. ٽيليفون بل جنهن تي PAID جو ٺپو لڳل هو، يعني پئسا ڀريا ويا ۽ ان سان گڏ 75 ڊالر هئا.
“هي ڇا جا-؟” مون پڇيو.
“سائين فون هڻائڻ مهل ياد نه اٿانو ته سئو ڊالر ورتا هئاسين _ بانڊ طور؟ توهان جو هي هفتو فون استعمال ڪرڻ جو بل پنجويهه ڊالر آيو آهي ۽ باقي توهان جي امانت پنجهتر ڊالر حاضر آهن.”
پئسا ۽ بل وٺي کيسي ۾ وڌم، ملئي ڪلارڪ سان هٿ ملايم. هڪ دفعو ٽيليفون آفيس جي بلڊنگ ڏي نهاريم ۽ پوءِ چوڌاري هن سرسبز سائي ملڪ ڏي جنهن ۾ اٺ سال گذاري هاڻ پنهنجي وطن وڃي رهيو هوس. اڄ کان اٺ سال اڳ جڏهن هن آفيس ۾ فون لاءِ اچي رهيو هوس ته منهنجي دل ۾ عجيب وسوسا هئا ته فون لاءِ الائي ڪهڙا جهد پٽڻا پوندا. ڇو جو پنهنجي ملڪ جا سور سجهيا ٿي. اڄ اٺ سال هن اداري جون خدمتون ماڻي واپس به وڃان پيو. اٺن سالن ۾ ڪڏهن فون خراب نه ٿيو، ڪڏهن بل غلط نه آيو. ڪڏهن ڪنهن پريشان نه ڪيو.
“ڇا پيا سوچيو-؟” ٽيليفون آفيس جي ڪلارڪ پڇيو.
“توهان ۽ توهانجو ملڪ”، مون چيو مانس، “ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ماهر آهي، اسان کي توهان کان سکڻو آهي.”
هي اهو جملو هو جيڪو ان ڏينهن کان اٺ سال اڳ ان ملڪ ملائيشيا ۾ پهچڻ تي منهنجي ملئي باس ڪئپٽن حمزه نور مون کي چيو هو. جنهن مون کي سندس ملڪ جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ سيکارڻ لاءِ ملائيشيا سڏايو هو ۽ اڄ آئون هنن کي چئي رهيو هوس.