اسلام ۾ ڪو عيب ناهي
ڪنهن مسلمان کي يورپ پسند آهي يا نه. ڪو شراب پيئي ٿو يا سگريٽ پٺيان پئسو وڃائي ٿو، اها هن جي پنهنجي مرضي آهي. ان ذاتي پسند يا ناپسند ۾ جيڪو کيس نقصان يا فائدو رسي ٿو ته ان جو ذميوار هو پاڻ آهي. پر رات جو ڏهين يارهين کانپوءِ فل آواز تي ٽي وي ريڊيو هلائي پاڙي وارن جو سُکُ ڦٽائڻ، پنهنجن پراون سان راهه ويندي جهيڙا ڪرڻ، چوريون چڪاريون ۽ نشا پتا ڪرڻ ۽ ٻين کي اها غلط راهه ڏيکارڻ، صحيح طرح ڊيوٽي نه ڪرڻ، ملڪ جي قاعدي قانون جو احترام نه ڪرڻ، سامان سڙي کان وٺي انسانن جي سمگلنگ ڪرڻ ۽ ان مٿان هر وقت اهو راڳ آلاپڻ ته “اسين مسلمان آهيون ان ڪري هن ڪافر ملڪ جي پوليس ۽ اميگريشن تنگ ٿي ڪري”، هڪ سلجهيل ماڻهوءَ لاءِ شرم جي ڳالهه آهي. اسلام اهڙين ڳالهين جي ڪڏهن به همت افزائي ته ڇا، اجازت به نٿو ڏئي.
شايد اهڙن مسلمانن جا اهي لڇڻ ڏسي هن پاسي جا غير مسلم تعجب کائيندا آهن ته ڇا اسلام مذهب اهڙو آهي! هڪ اهڙي يورپي باشندي جون اسلام بابت غلط فهميون دور ڪندي، ايران جي ڪئپٽن غلام رضا ايماد فارسيءَ جي هڪ شعر جو ترجمو ڪري کيس ٻڌايو:
“اسلام به ذات خود ندارد عيبي
هر عيب که هست از مسلماني ماست”
(اسلام ۾ بذات خود ڪوبه عيب ناهي، عيب آهي ته اسان جي مسلمانيءَ ۾ آهي).
اسلام هر سٺي ڳالهه لاءِ چوي ٿو.اسلام ۾ ڪابه خامي خرابي ناهي. پر اسان جا اڄ جا مسلمان جيتوڻيڪ اسلام جا Follower سڏائين ٿا پر جيڪي اسلام چوي ٿو ان تي عمل نٿا ڪن. سو ان صورت ۾ مسلمانن جا غلط ڪم ۽ عيب ڏسي اسلام تي ڏوهه نٿو ڏيو سگهجي. ڪو مسلمان کي هن جي ڏوهن ڪري غلط چئي سگهي ٿو، پر اسلام کي نٿو چئي سگهجي.
مصر جو ڪئپٽن حنفي سئيڊن جي ماڻهن کي سچي دل سان ڊيوٽي ڏيندو ڏسي، ايمانداري ۽ شرافت سان واپار وڙو ڪندو ڏسي، ذري ذري چوندو آهي ته لڳي ٿو ته مسلمان مصر ۾ آهن پر اسلام هتي يورپ ۾ آهي.
موراڪو جو عبدالوهاب هتي جي يورپين جي سٺين ڳالهين ۽ عادتن جي تعريف ڪري هر وقت چوندو آهي ته ڪهڙا ته سٺا ماڻهو آهن! ڪلمو سو نٿا پڙهن. سوئر سو کائين ٿا. باقي ٻيا سڀ اهي ڪم ڪن ٿا جيڪي اسلام چئي ٿو.