هاڻي ٽيون مڙس سوچي ڪنديس
اسان جي ملڪن ۾ طلاق بعد عورت جو سر ويندو آهي. پر هتي سئيڊن ۾ (۽ ناروي ڊئنمارڪ ۾ پڻ) مرد جو حال برو ٿيندو آهي ۽ عورت مالا مال ٿيندي آهي. طلاق جي صورت ۾ گهر تي قبضو عورت جو ٿيندو آهي ۽ مرد کي ٽن ڪپڙن ۾ قميص پتلون مفلر ۾ گهر ڇڏڻو پوندو آهي. مرد جي گهر ڇڏڻ بعد زال سندس سامان جي هڙ ٺاهي ڪچري جي وڏي دٻي ۾ وڃي اڇلي ايندي آهي يا شهر ۾ هر هفتي لڳندر نين- پراڻين شين جي مارڪيٽ ۾ وڃي “تين وال” ڪندي آهي.
هڪ ڏينهن اهڙي مارڪيٽ ۾ هڪ ويهه پنجويهه ورهين جي عورت ڪپڙا وڪڻي رهي هئي. هن وٽ تمام سٺيون ٽائيون ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ پئڪ ٿيل نيون قميصون پڻ هيون. ان کان علاوه ٻيو به گهر جو سامان هوس. هڪ ٻه قميصون ڪڍي پنهنجي قميص مٿان ئي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم، پر سڀ سوڙهيون هيون.
“آئون اڳهين اهي قميصون ڏسي چڪي آهيان.” مون کان اڳ ئي اتي بيٺل منهنجي يونيورسٽي جي ڪليگ جوليانا چيو، “سڀ سوڙهيون اٿس نه ته توکان اڳ مون کي پنهنجي مڙس لاءِ وٺڻ جو ارادو هو.”
جوليانا نائجيريا جي آهي ۽ هتي سئيڊن ۾ پنهنجي مڙس ۽ ٽن ٻارن سان رهي ٿي.
مون به افسوس ڪندي قميصون واپس ڪيون.
“ڇو کڻو ڇو نٿا؟ چئو ته اڃان به اگهه گهٽ ڪريان.” قميصون وڪڻندڙ عورت مون کي ۽ جوليانا کي چيو.
“وٺڻ ته چاهيون ٿا پر سڀ قميصون سوڙهيون آهن، لڳي ٿو ته تنهنجو مڙس سنهو آهي.” مون چيومانس
“آهي نه، پر هو.” هن درستي ڪئي.
“ڇو ڀلا هاڻ جاگنگ ڇڏي ڏني اٿس ۽ ٿلهو ٿي ويو آهي ڇا-؟”
مون سمجهيو هوءَ سندس جسم بابت ڳالهه ڪري رهي آهي پر جوليانا يڪدم سمجهي وئي ۽ کلي سڄي رام ڪهاڻي ٻڌايائين جيڪا قميصون وڪڻڻ واريءَ، منهنجي اچڻ کان ٿوري دير اڳ جوليانا کي ٻڌائي چڪي هئي ته ڪيئن سندس مڙس سان ٺاهه نه ٿيو ۽ کانئس جدا ٿي ان کان آزاد ٿي آهي ۽ هاڻ سندس سامان نيڪال ڪري رهي آهي جو طلاق بعد مڙس جو سامان زال کي ملي ٿو.
جوليانا جي ڳالهه ٻڌي، سامان وڪڻندڙ سئيڊش ڇوڪري کلڻ لڳي ۽ جوليانا جي ڳالهه جي تائيد ڪندي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو: “شي از رائيٽ.”
هاڻ مون کان هن سان هڪ ڏينهن به گهاريو نٿي ٿيو. ان ڪري چيومانس ته مون کان ڌار ٿي وڃ. تنهنجي مهرباني. هن هائوڪار ڪئي ۽ کيس ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي آئون هتي آئي آهيان.”
“ان کان ته ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي اچين ها.” مون صلاح ڏني مانس.
“ڪنهن کي-؟ ان مڙس کي؟” هن کلندي پڇيو.
“نه هن جي سامان کي.” مون وضاحت ڪئي.
“مڙس کي جيڪر اڇلڻ ممڪن هجي ها ته ائين به ڪريان ها. اڇلڻ ته هن سامان کي به کپي پر هن جا مون کي چار پئسا ملي ويندا.”
“ڀلا هاڻوڪو مڙس ڪيئن اٿئي؟” چرچي جي موڊ ۾ ڏسي مون سوال ڪيومانس.
“اهو به اهڙو ئي سنهو آهي، پهرين جهڙو.” هن وراڻيو.
اهو ٻڌي مون کي تعجب لڳو ته جڏهن هي نئون مڙس پهرين جي هڏ ڪاٺ جهڙو آهي ته پوءِ ههڙيون نيون اڻ پاتل قميصون ڦلن مٺ ۾ وڪڻڻ بدران ان کي ڇو نٿي ڏئي. ان ڪري کانئس يڪدم ان بابت پڇيم بلڪ صلاح ڏني مانس.
“نه، نه” هن چڙ مان وراڻيو، “ان کان باهه نه ڏئي ڇڏيانس.”
“نئين مڙس کي؟” هاڻ جوليانا ماحول خوشگوار بڻائڻ لاءِ چيو.
“او نو. نو. نئين مڙس کي نه پر پراڻي مڙس جي هنن ڪپڙن کي. آئون هرگز نٿي چاهيان ته ان چنڊي (يعني پهرين مڙس) جو ڪو رول خيال، ڪا وائڙي ياد، ڪا اڻ چٽي سوچ به مون کي سندس احساس ڏياري.”
“ويري گڊ” اسان چيس، “پر افسوس جي اها ڳالهه ته هاڻ وري جي طلاق ٿي ته هن تنهنجي نئين مڙس جون قميصون به نه مون کي فٽ اينديون نه جوليانا جي شيدي مڙس کي.”
“ان بعد ٻيو مڙس يا يار ڪيم ته ڪجهه ٿلهڙو ڪنديس، بس؟” هن کلندي جواب ڏنو ۽ اسان کيس “هاءِ دو” چئي اڳتي ٻئي اسٽال ڏي رڙهياسين. واٽ تي جوليانا کي چيم: “ڏٺئي هتي جا حال؟”
“هتي جي ماڻهن جون ان قسم جون رسمون رواج ۽ رهڻ جا طور طريقا ڏسي واقعي تعجب لڳي ٿو.” جوليانا چيو.
“بهرحال قميصون پنهنجي نصيب ۾ نه هيون. خبر ناهي سندس سابق مڙس ڪيترو سنهو هو” مون چيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن ڪري رهيو هوس ته جوليانا پنهنجي ٽيبل تان اٿي مون وٽ آئي ۽ ڪن ۾ آهستي چيو: “ڪالهه واري سئيڊش مائيءَ جو مڙس معلوم ڪرڻ چاهين ٿو ته ڪيترو سنهو هوندو ته پٺيان ڏس.”
ڪنڌ ورائي ڏسان ته اسان وارو ترڪيءَ جو يار حسن بڪال ڪالهه وارين قميصن مان هڪ پائي ميس ۾ گهڙي رهيو آهي. مون کان ۽ ساڳي وقت جوليانا کان ٽهڪ نڪري ويو. اتي حسن بڪال به اچي ويجهو پهتو.
“آهي ته خير-؟” هن تعجب مان پڇيو.
جواب ڏيڻ بدران جوليانا سوال ڪيس: “واهه جي قميص اٿئي ڪٿان ورتي اٿئي-؟”
حسن بڪال لاهه ماڻهو. ڪٿي ٿو وٺ ڏئي. نڪ جو پڪو ٿي چيو: “ههڙي اوچي ڪپڙي جون قميصون منهنجي شهر استنبول ۾ ٺهن ٿيون.”
اهو چئي اڳتي وڌي ويو، اسان ٻئي ڄڻا چوندا رهياسينس ته ان تي لکيل ته Made in Norway آهي، پر مجال آهي جو هو ٻڌي ۽ ٽِڪي باسي.