اسانجي سفارتخانن جو حال
ياد رهي ته سئيڊن پاڪستان وانگر اتر کان ڏکڻ ڏي ڊگهو ملڪ آهي. سندس گاديءَ جو هنڌ اسٽاڪهوم (جتي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي) اسلام آباد وانگر مٿي آهي ۽ گهڻي کان گهڻا پاڪستاني ڏکڻ جي پچڙيءَ واري شهر مالمو ۾ رهن ٿا جيڪو ائين آهي جيئن اسلام آباد کان ڪراچي. هاڻ هٿو هٿ پاسپورٽ کڻي مالمو کان اسٽاڪهوم ريل يا بس ذريعي پهچڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو کپي. جيڪو هتي جو ڪو امير پاڪستاني به نه چاهيندو، ڇو جو هيڏانهن مهانگائي ايتري گهڻي آهي جو سستي کان سستي هوٽل جي رهائش به ٽن هزار رپين کان گهٽ ناهي ۽ سستي کان سستي ماني به هڪ ويلو، اڍائي سئو رپين کان گهٽ ناهي. ان ڪري هن پاسي جي ملڪن ۾ رهندڙ ڌارين ملڪن جا رهاڪو پاسپورٽ ۽ پاسپورٽ جي Renewal Fee پنج سئو ڪرونا (ٻه هزار رپين کن) رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي اسٽاڪ هوم پنهنجي سفارت خاني ڏي موڪليندا آهن.
هتي سئيڊن ۾ رهڻ دوران منهنجو پاسپورٽ به جڏهن پورو ٿيڻ کي ويجهو پهتو ته نئون ڪرائڻجو سوچيم. پر مونکي اهو ڊپ ڊاءُ نه هو جو پاسپورٽ ٺاهڻ وارن سان فون تي منهنجي ٻي چار دفعا عليڪ سليڪ ٿي هئي ۽ کين خبر هئي ته ظفر شيخ (ڪويت جو سفير) معرفت منهنجي سندن سفير سان واقفيت آهي.
پر پوءِ جڏهن پاسپورٽ نئون ڪرائڻ لاءِ کين فارم موڪلڻ لاءِ خط لکيم ۽ هڪ ٻه دفعو فون ڪيم، پر ٻه ٽي هفتا گذرڻ بعد ٺلهو فارم جو پنو به نه آيو، ته مونکي هڪ اَڄاتو خوف ورائي ويو ته ٺلهي ها ها پئي ٿئي، اچي ته فارم به ڪونه ٿو. سڀان پاسپورٽ موڪلڻ بعد چون ته پاسپورٽ نه مليو يا چون ته اسان ته توڏي موڪليو، توکي نه مليو ته پوءِ تهمنهنجا ته هٿ پير ڪٽجي ويندا ۽ پوءِ بنا پاسپورٽ جي ته سفر ڪرڻ به جوکم جو آهي، جو هنن ملڪن ۾ اسانجهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ پاسپورٽ هر وقت کيسي ۾ هجڻ ضروري آهي.
ڏينهن ٻه وڌيڪ انتظار ڪري پنهنجي يونيورسٽي جي سئيڊش انتظاميه سان اچي حال اوريم ته ٽپال خرچ ۽ پاسپورٽ نئين (Renew) ڪرڻ جي في وغيره سڀ ڪجهه مونکان وٺو پر منهنجو پاسپورٽ توهان (Renew) ڪرائي ڏيو. گهڻو ئي چيائون ته اها ڪا ڏکي ڳالهه ئي نه هجڻ کپي. سئيڊن ۾ته اهڙا ڪم ڪلاڪن ۾ ٿيو وڃن ۽ ٽپال کاتو ايترو ايماندار ۽ چست آهي جو ڪا دقت ئي نٿي ٿئي. دل ۾ چيم اهو توهان جو ٽپال کاتو ايماندار ضرور هوندو، پر اسان لاءِ ڏٺو پير پُني مراد آهي. مهرباني ڪري توهان ئي ٺهرائي ڏيو. وچ ۾ توهان جو هٿ هوندو ته پوءِ اُٺ سئيءَ جي پاکي مان لنگهي ويندو نه ته بقول هتي جي هڪ ڏکويل پاڪستانيءَ جي اسانجي ملڪ جي آفيس ههڙن سڌريل ملڪن ۾ ته ڇا ڀلي کڻي سرڳ ۾ هجي، ڪم پوندڙ جو ساهه ڪڍي ڇڏيندا.
دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ هجي جنهن ۾ پاڪستاني نه رهندا هجن ۽ سندن تڪليفن جون خبرون پاڪستان مان توڙي پاڪستان کان ٻاهر نڪرندڙ اخبارن رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون. جنگ اخبار ۽ اخبار جهان رسالي ۾ آئون به پڙهندو آهيان جيڪي سئيڊن جي هن شهر مالمو جي سڀني لئبررين ۾ اچن ٿيون.
هڪ اڳ جي اخبار جهان (10 مئي 93) ۾ ناروي کان ڪنهن پاڪستانيءَ هن پاسي جي ملڪن (ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ) ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ سفارتخانن بابت لکيو آهي ته هي اهي ملڪ آهن جن ۾ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ ورڪ ڪارڻ منهنجو پڻ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.
هن پاسي جي ٻن عورتن: فنلئنڊ جي مسز نوراهل برگ ۽ ناروي جي مشهور تعليم يافته عورت مسز تورون پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ريسرچ واري مقالي لاءِ هن پاسي ڏي رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جو جائزو ورتو آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڌ ڪروڙ کن پاڪستاني رهن ٿا پر ان هوندي به کين پاڪستان جي سمنڊ پار وزارت کان ڪي هڙ حاصل ٿي نه سگهيو آهي. وري به ڌارين عورتن پاڪستانين جي ڏکڙن بابت قلم کنيو، پر پنهنجن کان ڪجهه نه وريو آهي. پاڪستاني سفارتخانن کان هي پرديس ۾ رهندڙ پاڪستاني نه ڪا اميد رکي سگهن ٿا ۽ نه وري انهن سفارتخانن جي عملي ۾ ايتري اهليت ٿئي ٿي جو پاڪستانين جا مونجهارا سلجهائي سگهن. تقريباَ سڀني ملڪن ۾ موجود پاڪستاني سفارت خانن جي گڏيل صورتحال جو وچور بيان ڪيو وڃي ته اهو ئي تاثر پئدا ٿئي ٿو ته هر هڪ سفارت خاني (Embassy) ۾ سفير صاحب (Ambassador) پنهنجي وقت جو گهڻو حصو هيٺين عملي جي زندگي تباهه ڪرڻ، انهن کي ناڪارو ثابت ڪرڻ، انهن کان پنهنجا ذاتي ڪم وٺڻ، سفارتي مليل سهوليتن ذريعي پنهنجا کيسا ڀرڻ، سفارت خاني جي فنڊن کي پنهنجن ذاتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ۽ مڪاني ماڻهن کي حيران پريشان ڪرڻ ۾ وڃائي ٿو. اهڙي طرح سفير صاحب جي هيٺان ڪم ڪندڙ عملو پڻ ڪاري صاحب جي خوشامد ۾ غير سرڪاري ڪم ڪارين ۾ زياده ۽ ملڪي خدمت ۾ گهٽ رڌل رهن ٿا. پاڪستان جا ڪيترائي سفارتڪار ڪيترن قابل اعتراض ڪمن ۾ ڦاٿل رهن ٿا. ان ملڪ ۾ آيل پاڪستانين سان رعيت وارو سلوڪ ڪن ٿا ۽ اها پاڪستاني برادري جيڪا ان ملڪ جي رهاڪو (Citizen)ٿي چڪي آهي، انهن کان پاڻ کي هميشه مٿڀرو سمجهڻ جي ڪامپليڪس ۾ مبتلا رهن ٿا.