انگريزي به ڪا زبان آهي
“اها...؟” مبارڪ رڙ ڪري تعجب مان پڇيو، “اها ڪاري شيدياڻي سهڻي آهي؟”
“ٻيلي مون سان نه وڙه،” مون مبارڪ کي هٿ جي اشاري سان دانهون ڪرڻ کان جهليندي چيو، “آئون ڪونه ٿو چوان، عايد ٿو چوي.”
“پر هيءَ ته ڪاري آهي!” مبارڪ حيرت مان چيو.
“نائيجيريا جا سڀ ماڻهو ڪارا آهن، مصرين ۽ توهان يمني عربن وانگر ڪجهه ڪارا شيدي ڪجهه اڇا شيدي نه آهن.” مون مبارڪ کي سمجهايو.
“پر جوزفين ڪاري ٿي سهڻي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟” مبارڪ پنهنجي ضد تي قائم رهيو.
“توسان ڳالهه ڪري چڱو ڦاٿس،” مون چيومانس، “ڀلا جوزفين ڪاري ٿي ڪري سهڻي ٿي ته ڪو ڏوهه ته نه ڪيائين، توکي اهي سوال مجنون کان ڪرڻ کپن.”
“ڪهڙي ڪورس ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي؟ ’پورٽ مئنيجمينٽ‘ ۾ آهي يا ’جنرل مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن‘ ۾ ¬_؟” مبارڪ يڪدم پڇيو.
“ڪير-؟” مون پڇيو مانس.
“مجنون.” وراڻيائين.
“بابا مجنون غريب ته ميٽرڪ به نه ڪري سگهيو هو.” مون مبارڪ کي سمجهايو، ۽ دل ۾ چيم ته هن کي ليلا مجنون جي مشهور عشقي داستان جي به خبر ناهي، پر پوءِ خيال آيم ته مجنون شايد ايران جو هجي ۽ هن غريب عرب کي ان جي ڪهڙي خبر.
“مبارڪ! مجنون هڪ مشهور تواريخي عاشق ٿي گذريو آهي جنهن جي محبوبا “ليلا” جوزفين وانگر ڪاري هئي پر سڄي دنيا ۾ هن لاءِ ليلا ئي سهڻي هئي.”
“اوه! مگنون!” مبارڪ وڏو ساهه کڻي چيو، “قيص!مگنون!”
“ها مگنون” هاڻ آئون به کلڻ لڳس.
“ڇو، کلين ٿو؟” مبارڪ پڇيو.
“کلان تو تان ٿو. توهان عربن جي به خبر نٿي پوي، ڪڏهن “ج” کي “گ” پڙهو ۽ ڪڏهن گ کي ج. مجنون کي مگنون، جمال کي گمال، گئرنٽي کي جئرنٽي، ايجنڊا کي ايگنڊا....”
ڀر ۾ ملائيشيا جو زينورين بيٺو هو، تنهن اسان جا آخري جملا ٻڌي چيو: “۽ عرب سڳورا پ کي “ب” ٿا پڙهن، پاڪستان کي باڪستان پڙهندا. Prevention of Port Pollution کي چوندا بروينشن آف بورٽ بالوشن، شپ کي شب چوندا....”
“۽ يوناني ۽ آفريڪا جا فرينچ ڳالهائيندڙShip کي Sheep (رڍ) چون، ۽ ويٽنامي، چيني شِپ کي Chip پڙهن.”
“انگريزي آهي به ته اهڙي ڏکي،” ماريطانيا جي چيف انجنيئر شيخنا چيو،”اسان سان فرينچ ۾ ڳالهايو ته خبر پئونَوَ، باقي انگريزيءَ ۾ لکجي هڪ ٿو ته پڙهجي ٻيو.”