نائيجيريا جو سيڪريٽري
مون ان وائين جو ڍڪ ڀريو. منجهائس ڪچن انگورن جي رس جي ٿوري خوشبوءِ اچي رهي هئي، باقي منجهس ڪوبه سواد نه هو. نه مٺو نه تکو، نه لسو نه چڀندڙ. مون گلاس واپس رکي پيئڻ لاءِ سوڍا واٽر وارو گلاس کنيو.
“ماني گهٽ باقي رڳو ڊرنڪس ڏنيون اٿن.” مون ڊاڪٽر احمد منصف ۽ سامهون ويٺل نائيجيريا جي سيڪريٽريءَ کي چيو.
“اها ته ڳالهه آهي” نائيجيرين وراڻيو.
“هونءَ هتي جا ماڻهو ايترو پيئن به ڪونه ٿا.” مون چيو.
“نه. تمام گهڻو پيئن ٿا.” مصر جي پروفيسر ڊاڪٽر احمد منصف چيو، جيڪو هتي چار سال کن رهي چڪو آهي.
“ڪيئن ڀلا؟” مون پڇيو.
“هنن ملڪن ۾ سياري جي مند ڇهن مهينن کان به وڏي ٿئي ٿي، جنهن ۾ راتيون تمام ڊگهيون ٿين. شام جو اڍائي ٽي بجي ئي سج لهيو وڃي ۽ پوءِ اوڻيهه ويهه ڪلاڪن بعد ٻئي ڏينهن نائين ڏهين بجي ڌاري سج اڀري ٿو. ڊگهين اونداهين راتين، اڪيلائي ۽ ڊپريشن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هي ماڻهو ڏوگهه ڏوگهان ڪن ٿا ۽ گهڻي پيئڻ جا عادي ٿيو وڃن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جي ماڻهن کي شراب پيئڻ کان دل شڪستو ڪرڻ لاءِ شراب تي وڏا ٽئڪس هڻي قيمت وڏي ڪئي وئي آهي. هر دڪان تي شراب جي وڪري کي روڪي، فقط چند دڪان ان لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن ۽ اهي ٻين دڪانن کان اڳ بند ڪيا وڃن ٿا. يعني ٻيا کاڌي پيتي جا دڪان شام جو اٺين بجي بند ٿيڻا هوندا آهن ته شراب جا پنجين بجي ئي. ان بعد شراب فقط ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ هيڪاندين ڳرين قيمتن تي پيش ٿي سگهي ٿو.”
نائيجيريا جو اوموتايو وڏي عهدي جي لحاظ کان عمر ۾ تمام ننڍو ٿي لڳو. ٽيهه پنجٽيهه سالن جو مس ٿيندو. اعليٰ مقابلي جا امتحان ڏئي ان عهدي تي پهتو هجي يا سياسي تعلقات هجڻ ڪري اهو عهدو ماڻيو هجيس. مون اخلاقي طرح سندس ملڪ جي شاگردن بابت ساڻس خبرچار ڪئي.
“مون واري سال ۾ توهان جا پنج کن نائيجيرين شاگرد آهن، ٻه عورتون، جوليانا ۽ آرت جيڪي جنرل ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيون آهن ۽ ٽي مرد: ايڊي، چيپا ۽ عثمان آهن، جيڪي پورٽ ائنڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيا آهن. سڀ دوستي ياريءَ ۾ به سٺا آهن ته پڙهائي ۽ ذهانت ۾ به.”
“مهرباني.” هن چيو.
“توهان هنن سان مليا آهيو؟” مون پڇيو مانس.
“نه، آئون دراصل اڄ هتي پهتو آهيان. جرمنيءَ ۾ هڪ ٽريڊ پروموشن جي بين الاقوامي ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو هوس ته اتي مون کي حڪومت کان نياپو مليو ته هيڏانهن اچان. سو توهان وٽ مالمو هليو آيس.”
“هتي مالمو ۾ ڪٿي رهيل آهيو.” مون پڇيو مانس
“شيرٽن هوٽل ۾.”
“اها ته ان هاسٽل کي تمام ويجهي آهي جنهن ۾ توهان جا شاگرد رهن ٿا. هينئر ڊنر کانپوءِ يا سڀاڻي هنن سان ملي سگهو ٿا.”
“پر لڳي ٿو ته آئون شايد نه ملي سگهان. ڊنر ختم ٿيندي ٻارنهن هڪ ٿي ويندو ۽ سڀاڻي صبح ساڻ مون کي لنڊن لاءِ جهاز تي پهچڻو آهي.”
“توهان پنهنجن شاگردن کي سڃاڻو؟” مون پڇيو.
“مون ئي ته سندن علمي ۽ ذهني قابليتون جانچي کين هيڏانهن اچڻ لاءِ چونڊيو هو. هونءَ عثمان کي ته چڱي طرح سڃاڻان.” هن وراڻيو.
مون ٻئي ڏينهن ڪلاس روم ۾ عثمان سان سندس ملڪ جي هن سيڪريٽريءَ جي ڳالهه ڪئي.
“ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي،” عثمان چيو، “منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ آهي. بيحد نيڪ ۽ مذهبي ماڻهو آهي. ههڙن ملڪن ۾ به هو پنهنجن اصولن کي قائم رکندو اچي.”
“بلڪل صحيح چوين ٿو. هڪ نوجوان، وڏو آفيسر، سهڻو سمارٽ ۽ پئسي وارو ٿي ڪري به ايڏو سادگي ۽ شرافت ۾ رهڻ حيرت جي ڳالهه آهي. اها توهان جي ملڪ جي ترقيءَ جي اڳڪٿي ڪري ٿي. سياستدان، فوجي ۽ سرڪاري ڪامورا ئي ملڪ کي ٺاهين ٿا. اهي ئي تباهي آڻين ٿا.”